Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 14:18 - Hindu Sindhi Bible

18 آءٌ ايشور جو شڪر ٿو ڪريان تہ اوهان سڀني کان وڌيڪ آءٌ اڻ‌ڄاتل ٻوليون ٿو ڳالهايان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 آئون خدا جو شڪر ٿو ڪريان، تہ آئون اوهان سڀني کان زيادہ ٻوليون ٿو ڳالهايان؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 آءٌ خدا جو شڪر ٿو ڪريان تہ اوهان سڀني کان وڌيڪ آءٌ اڻ‌ڄاتل ٻوليون ٿو ڳالهايان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 آءٌ خدا جو شڪر ٿو ڪريان تہ آءٌ عجيب ٻوليون اوھان سڀني کان وڌيڪ ٿو ڳالھايان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 14:18
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پرارٿنا ڪندڙ بيشڪ چڱيءَ طرح ايشور جو شڪر ڪندو هجي، پر انهيءَ سان ٻئي جي تہ ڪابہ ترقي نہ ٿي ٿئي.


پر منڊليءَ ۾ ٻين کي سکيا ڏيڻ لاءِ، ڏهہ هزار اڻ‌ڄاتل ٻوليءَ وارا لفظ ڳالهائڻ جي بنسبت آءٌ پنج معنيٰ وارا لفظ ڳالهائڻ وڌيڪ پسند ٿو ڪريان.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جيڪو اڻ‌ڄاتل ٻوليءَ ۾ ڳالهائي ٿو سو ماڻهن سان نہ، پر رڳو ايشور سان ڳالهائي ٿو. ڪوبہ ماڻهو سندس ڳالهہ نہ ٿو سمجھي، ڇاڪاڻ تہ هو پوِتر آتما جي وسيلي ڳجھيون ڳالهيون ٿو ڳالهائي.


جيڪو ماڻهو اڻ‌ڄاتل ٻوليءَ ۾ ٿو ڳالهائي سو رڳو پنهنجي فائدي لاءِ ائين ٿو ڪري، پر جيڪو ايشور جو سنديش ٿو ٻڌائي سو منڊليءَ جي ڀلائيءَ لاءِ ائين ٿو ڪري.


جيڪڏهن اوهين سڀيئي اڻ‌ڄاتل ٻوليون ڳالهايو تہ مون کي خوشي ٿيندي، پر وڌيڪ خوشي انهيءَ ڳالهہ کان ٿيندي جو اوهين سڀيئي ايشور جو سنديش ٻڌايو. انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جيڪڏهن ڪو اڻ‌ڄاتل ٻوليون ٿو ڳالهائي پر منڊليءَ جي آتمڪ ترقيءَ لاءِ انهن جو ترجمو نہ ٿو ڪري تہ ايشور جو سنديش ٻڌائڻ وارو انهيءَ کان وڌيڪ اهم آهي.


تون ڪير ٿيندو آهين پاڻ ۾ ۽ ٻين ۾ فرق ڪرڻ وارو؟ ڇا تو وٽ اهڙي ڪا شيءِ آهي جيڪا تو کي ايشور کان نہ ملي هجي؟ جيڪڏهن تو کي واقعي ايشور کان ملي آهي تہ پوءِ فخر ڇو ٿو ڪرين جو ڄڻ تہ اها تو پاڻ حاصل ڪئي آهي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ