Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 14:16 - Hindu Sindhi Bible

16 ڏسو، جيڪڏهن اوهان مان ڪو رڳو آتما سان ايشور جي مهما ڪندو تہ ٻيو ماڻهو جيڪو اها ٻولي نہ ٿو ڄاڻي سو شڪرگذاريءَ تي ”آمين“ ڪيئن چوندو؟ هن کي تہ ڪجھہ سمجھہ ۾ ئي ڪونہ آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 نہ تہ جي تون فقط روح سان دعا ڪندين تہ جيڪو ناواقف آهي سو تنهنجي شڪرگذاريءَ ڪرڻ تي ڪيئن آمين چوندو، جڏهن جيڪي تون چوين ٿو سو هو نٿو سمجهي؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 ڏسو، جيڪڏهن اوهان مان ڪو رڳو روح سان خدا جي واکاڻ ڪندو تہ ٻيو ماڻهو جيڪو اها ٻولي نہ ٿو ڄاڻي سو شڪرگذاريءَ تي ”آمين“ ڪيئن چوندو؟ هن کي تہ ڪجھہ سمجھہ ۾ ئي ڪونہ آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

16 پر جيڪڏھن تون رڳو روح سان دعا گھرندين تہ جنھن کي معنيٰ نہ ٿي اچي سو تنھنجي شڪراني جي دعا گھرڻ تي ڪيئن آمين چوندو؟ ڇاڪاڻ⁠تہ تون جيڪي چوين ٿو سو ھو سمجھي ئي ڪونہ ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 14:16
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هن ست ئي روٽيون ۽ مڇيون هٿن تي کڻي انهن ۾ ايشور کان برڪت گھري ۽ ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪندو چيلن کي ڏيندو ويو ۽ چيلا خلق کي ڏيندا ويا.


۽ کين سکيا ڏيو تہ انهن سڀني ڳالهين تي عمل ڪن جن جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي. يقين ڪريو تہ آءٌ سنسار جي پڄاڻيءَ تائين هميشہ اوهان سان هوندس.“


اسان کي آزمائش ۾ پوڻ نہ ڏي، پر جيڪڏهن آزمائش ۾ پئون تہ اسان کي بڇڙائيءَ کان بچاءِ.‘


پوءِ چيلن وڃي هر هنڌ خوشخبريءَ جو پرچار ڪيو. انهن جي ڪم ۾ پرڀو يسوع ساڻن گڏ هو ۽ شڪتيءَ جي نشانين سان سندن پرچار کي سچو ثابت ڪري ٿي ڏيکاريائين.


ٻيون بہ گھڻيون ئي ڳالهيون آهن جيڪي يسوع ڪيون هيون. اهي جيڪڏهن هڪڙي هڪڙي ڪري ويهي لکجن ها تہ آءٌ سمجھان ٿو تہ ايترا تہ شاستر لکجي وڃن ها جو جيڪر سڄي سنسار ۾ نہ سمائجي سگھن ها.


تنهن تي يهودي اڳواڻ ڏاڍي عجب ۾ پئجي ويا ۽ چيائون تہ ”هن ماڻهوءَ تہ ڪڏهن سکيا ئي نہ ورتي آهي، پوءِ وٽس ايڏي ڄاڻ ڪٿان آئي؟“


اهي پطرس ۽ يوحنا تي عجب کائڻ لڳا تہ هي عام ماڻهو ٿوري سکيا هوندي بہ ڪيڏا نہ دلير آهن! پر پوءِ ڄاتائون تہ هو يسوع جا ساٿي آهن.


شڪر ڪري اها ڀڳي ۽ چيائين تہ ”هي منهنجو شرير آهي، جيڪو اوهان جي واسطي آهي. منهنجي يادگيريءَ ۾ ائين ڪندا رهجو.“


مثال طور جيڪڏهن آءٌ ڪنهن اڻ‌ڄاتل ٻوليءَ ۾ پرارٿنا ڪندس تہ منهنجي آتما تہ پرارٿنا ڪندي، پر دماغ مان منڊليءَ کي ڪو فائدو نہ رسندو.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جيڪو اڻ‌ڄاتل ٻوليءَ ۾ ڳالهائي ٿو سو ماڻهن سان نہ، پر رڳو ايشور سان ڳالهائي ٿو. ڪوبہ ماڻهو سندس ڳالهہ نہ ٿو سمجھي، ڇاڪاڻ تہ هو پوِتر آتما جي وسيلي ڳجھيون ڳالهيون ٿو ڳالهائي.


اوهين جيڪي يسوع مسيح ۾ آهيو، تن سڀني سان آءٌ پيار ڪريان ٿو.


ڏسو، ايشور جا جيترا بہ وچن آهن، سي سڀ مسيح ۾ ”ها“ ئي آهن. انهيءَ سبب اسان جي پرچار جي ڪري مسيح جي وسيلي ماڻهو ايشور کي ”آمين“ چئي سندس مهما ڪن ٿا.


جيڪو هنن ڳالهين جي شاهدي ٿو ڏئي، سو چوي ٿو تہ ”بيشڪ، آءٌ جلد اچڻ وارو آهيان.“ آمين. اي پرڀو يسوع! اچ.


اهي چارئي ساهوارا ”آمين، آمين“ چوندا رهيا ۽ اهي مهاتما منهن ڀر ڪري سيس نوائڻ لڳا.


چوڻ لڳا تہ ”آمين. اسان جي ايشور جي مهما، مهانتا، ڏاهپ، شڪرگذاري، مان‌سمان، شڪتي ۽ طاقت هميشہ هميشہ تائين هجي. آمين.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ