Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 14:13 - Hindu Sindhi Bible

13 تنهنڪري اڻ‌ڄاتل ٻولي ڳالهائيندڙ کي اها پرارٿنا ڪرڻ کپي تہ جيڪي ڪجھہ هو چوي ٿو تنهن جو ترجمو بہ ڪري سگھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 تنهنڪري جيڪو ڪنهن ڌاريءَ ٻوليءَ ۾ ڳالهائي ٿو، تنهن کي دعا گهُرڻ کپي تہ ترجمو بہ ڪري سگهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 تنهنڪري اڻ‌ڄاتل ٻولي ڳالهائيندڙ کي اها دعا گھرڻ کپي تہ جيڪي ڪجھہ هو چوي ٿو تنهن جو ترجمو بہ ڪري سگھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

13 ھن ڪري تہ جيڪو ماڻھو عجيب ٻولي ڳالھائي ٿو، تنھن کي دعا گھرڻ کپي تہ جيڪي ڪجھہ ھو چوي ٿو تنھن جو ترجمو بہ ڪري سگھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 14:13
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪا شيءِ اوهين پرارٿنا ۾ گھرو ٿا تنهن لاءِ يقين ڪريو تہ اها اوهان کي ملي ويئي آهي. تڏهن ئي اها اوهان کي ملندي.


اهي سڀيئي يسوع جي ماتا مريم سميت ڪجھہ نارين ۽ يسوع جي ڀائرن سان گڏجي پرارٿنا ڪندا هئا.


اهي جڏهن اتي پهتا تہ انهن سامرين لاءِ پرارٿنا ڪيائون تہ کين پوِتر آتما ملي،


پوِتر آتما ڪنهن کي چمتڪار ڪرڻ جي شڪتي ڏئي ٿي تہ ڪنهن کي ايشور جو سنديش ٻڌائڻ جو وردان ٿي بخشي. ڪنهن کي سچين ۽ ڪوڙين آتمائن کي سڃاڻڻ جي شڪتي ڏئي ٿي تہ ڪنهن کي اڻ‌ڄاتل ٻوليون ڳالهائڻ جي ۽ ڪنهن کي انهن ٻولين جي ترجمي ڪرڻ جي قابليت ڏئي ٿي.


ڇا سڀني کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ جو وردان مليل آهي؟ ڇا سڀيئي اڻ‌ڄاتل ٻوليون ڳالهائين ٿا؟ ڇا سڀيئي ترجمو ڪن ٿا؟


اهو اوهان تي بہ لاڳو آهي. سو جيئن اوهين پوِتر آتما کان ملندڙ وردانن جي تمنا رکو ٿا، تيئن اها ڪوشش بہ ڪريو تہ اوهان جي انهن وردانن جي استعمال سان منڊليءَ جي آتمڪ ترقي ٿئي.


مثال طور جيڪڏهن آءٌ ڪنهن اڻ‌ڄاتل ٻوليءَ ۾ پرارٿنا ڪندس تہ منهنجي آتما تہ پرارٿنا ڪندي، پر دماغ مان منڊليءَ کي ڪو فائدو نہ رسندو.


تہ پوءِ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟ اهو ئي تہ جڏهن اوهين گڏ ٿيو تڏهن هر ڪو ڪجھہ نہ ڪجھہ ڪري، ڪو ڀڄن ڳائي، ڪو سکيا ڏئي، ڪو آڪاش‌واڻي ٻڌائي، ڪو اڻ‌ڄاتل ٻولي ڳالهائي يا ڪو ان جو ترجمو ڪري سمجھائي. پر اهو لازمي آهي تہ سڀ ڳالهيون منڊليءَ جي آتمڪ ترقيءَ لاءِ هجن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ