Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 14:12 - Hindu Sindhi Bible

12 اهو اوهان تي بہ لاڳو آهي. سو جيئن اوهين پوِتر آتما کان ملندڙ وردانن جي تمنا رکو ٿا، تيئن اها ڪوشش بہ ڪريو تہ اوهان جي انهن وردانن جي استعمال سان منڊليءَ جي آتمڪ ترقي ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 تنهنڪري اوهين بہ، جن کي روحاني نعمتن جي آرزو آهي، سي اها ڪوشش ڪريو تہ اوهان جي نعمتن جي وڌڻ ڪري ڪليسيا جو سڌارو ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 اهو اوهان تي بہ لاڳو آهي. سو جيئن اوهين پاڪ روح کان ملندڙ نعمتن جي تمنا رکو ٿا، تيئن اها ڪوشش بہ ڪريو تہ اوهان جي انهن نعمتن جي استعمال سان ڪليسيا جي روحاني ترقي ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 سو اوھان، جن کي پاڪ روح جي نعمتن جي آرزو آھي، سي اھا ڪوشش ڪريو تہ اوھان جي روحاني نعمتن جي بھتر استعمال ڪري ڪليسيا جو سڌارو ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 14:12
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ اچو تہ اسين اهڙا ڪم ڪندا رهون، جن سان ڀائيچارو پيدا ٿئي ۽ هڪٻئي جي وشواس کي وڌائي سگھون.


سو جاکوڙ ڪريو تہ اوهان ۾ بهتر کان بهتر وردان هجن. هاڻي آءٌ اوهان کي انهيءَ کان بہ وڌيڪ بهترين رستو ٻڌايان ٿو.


هر هڪ وشواسيءَ مان پوِتر آتما جو ڏيک ڪنهن نہ ڪنهن وردان جي وسيلي ٿئي ٿو تہ جيئن سڀني جو فائدو ٿئي.


سو اوهين پريم جا ڳولائو رهو. انهيءَ کان علاوہ پوِتر آتما کان ملندڙ وردانن لاءِ جاکوڙ ڪندا رهو، خاص ڪري ايشور جو سنديش ٻڌائڻ جي وردان لاءِ.


تنهنڪري اڻ‌ڄاتل ٻولي ڳالهائيندڙ کي اها پرارٿنا ڪرڻ کپي تہ جيڪي ڪجھہ هو چوي ٿو تنهن جو ترجمو بہ ڪري سگھي.


تہ پوءِ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟ اهو ئي تہ جڏهن اوهين گڏ ٿيو تڏهن هر ڪو ڪجھہ نہ ڪجھہ ڪري، ڪو ڀڄن ڳائي، ڪو سکيا ڏئي، ڪو آڪاش‌واڻي ٻڌائي، ڪو اڻ‌ڄاتل ٻولي ڳالهائي يا ڪو ان جو ترجمو ڪري سمجھائي. پر اهو لازمي آهي تہ سڀ ڳالهيون منڊليءَ جي آتمڪ ترقيءَ لاءِ هجن.


جيڪڏهن اوهين سڀيئي اڻ‌ڄاتل ٻوليون ڳالهايو تہ مون کي خوشي ٿيندي، پر وڌيڪ خوشي انهيءَ ڳالهہ کان ٿيندي جو اوهين سڀيئي ايشور جو سنديش ٻڌايو. انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جيڪڏهن ڪو اڻ‌ڄاتل ٻوليون ٿو ڳالهائي پر منڊليءَ جي آتمڪ ترقيءَ لاءِ انهن جو ترجمو نہ ٿو ڪري تہ ايشور جو سنديش ٻڌائڻ وارو انهيءَ کان وڌيڪ اهم آهي.


هن اسان جي خاطر پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي، انهيءَ لاءِ تہ ان جي عيوض اسان کي هر طرح جي بڇڙائيءَ کان ڇڏائي ۽ پوِتر ڪري پنهنجي لاءِ هڪ اهڙي خاص قوم بڻائي، جيڪا نيڪ ڪم ڪرڻ ۾ سرگرم هجي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ