Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 13:12 - Hindu Sindhi Bible

12 ساڳيءَ طرح هن وقت اسان کي ڄڻ تہ آئيني ۾ چٽيءَ طرح ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي، پر ڪو وقت ايندو جڏهن روبرو ڏسنداسين. هن وقت آءٌ ٿورو ٿورو ڄاڻان ٿو، پر ڪو وقت ايندو جڏهن آءٌ پوريءَ طرح ڄاڻيندس، جيئن ايشور مون کي پوريءَ طرح ڄاڻي ورتو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ڇالاءِ جو هاڻي اسين آرسيءَ ۾ جهڪيءَ طرح ٿا ڏسون، پوءِ منهن مقابل ڏسنداسين. هاڻي آئون ٿورو ٿورو ٿو سڃاڻان، پوءِ آئون اهڙيءَ طرح سڃاڻيندس، جهڙي طرح آئون پاڻ سڃاتو ويو آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 ساڳيءَ طرح هن وقت اسان کي ڄڻ تہ آئيني ۾ چٽيءَ طرح ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي، پر ڪو وقت ايندو جڏهن روبرو ڏسنداسين. هن وقت آءٌ ٿورو ٿورو ڄاڻان ٿو، پر ڪو وقت ايندو جڏهن آءٌ پوريءَ طرح ڄاڻيندس، جيئن خدا مون کي پوريءَ طرح ڄاڻي ورتو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 ھاڻي اسين ڄڻ تہ آئيني ۾، چٽيءَ طرح نہ ٿا ڏسي سگھون، پر پوءِ روبرو ڏسنداسين. ھاڻي آءٌ ٿورو ٿورو سڃاڻان ٿو، پر پوءِ آءٌ پوريءَ طرح سڃاڻيندس، جھڙيءَ طرح خدا مون کي سڃاتو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 13:12
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”ڏسو، متان هنن سادن سٻاجھن پوئلڳن مان ڪنهن هڪ کي بہ خسيس ڪري سمجھو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ آڪاش ۾ هنن جا دوت هر وقت منهنجي آڪاش واري پتا جي شرڻ ۾ حاضر رهن ٿا.


سڀاڳا آهن اهي جيڪي دل جا صاف آهن، ڇاڪاڻ تہ اهي ايشور کي ڏسندا.


سو آءٌ سمجھان ٿو تہ جيڪي ڏک سور اسين هن وقت ڏسون ٿا، تن جي ڀيٽ انهيءَ جوت سان ڪري ئي نہ ٿي سگھجي جنهن ۾ اسين ظاهر ٿيڻ وارا آهيون.


جڏهن آءٌ ٻار هئس، تڏهن ٻارن وانگر ڳالهائيندو هئس، ٻارن وانگر سمجھندو هئس ۽ ٻارن وانگر سوچيندو هئس. پر جڏهن آءٌ جوان ٿيس، تڏهن ٻاراڻيون ڳالهيون ڇڏي ڏنم.


پر جيڪو ايشور سان پيار ٿو ڪري، تنهن کي ايشور ڄاڻي ٿو.


سو اسان جي منهن تي پردو پيل نہ آهي، تنهنڪري اسين سڀيئي پرڀوءَ جي جوت جو عڪس ڄڻ تہ آئيني ۾ ڏسندي ڏسندي سندس مهان روپ ۾ تبديل ٿيندا ٿا وڃون. اهو ڪم پرميشور پنهنجي پوِتر آتما جي وسيلي ڪري ٿو.


مطلب تہ اسين جيڪو جيون گذاري رهيا آهيون سو وشواس رکڻ جي وسيلي آهي، اکين سان ڏسڻ جي ڪري نہ.


آءٌ ائين نہ ٿو چوان تہ اهو سڀ ڪجھہ حاصل ڪري ورتو اٿم، يا آءٌ ڪامل ٿي چڪو آهيان، پر انهيءَ مقصد کي هٿ ڪرڻ جي اميد رکي اڳتي ڊوڙندو ٿو وڃان، جنهن لاءِ يسوع مسيح مون کي هٿ ڪيو آهي.


اي پريميؤ! هاڻي اسين ايشور جا ٻار تہ آهيون، تڏهن بہ اهو ظاهر ڪونہ ٿيو آهي تہ اسين ڇا ٿي وينداسين. بس اسين ايترو ڄاڻون ٿا تہ جڏهن مسيح ظاهر ٿيندو تڏهن اسين هن جهڙا ٿي پونداسين، ڇاڪاڻ تہ اسين کيس ائين ڏسنداسين جيئن هو حقيقت ۾ آهي.


اهي هن جو منهن ڏسندا ۽ سندس نالو هنن جي پيشانيءَ تي لکيل هوندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ