Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 12:9 - Hindu Sindhi Bible

9 ڪنهن کي ساڳي پوِتر آتما وشواس ۾ مضبوطي بخشي ٿي تہ ڪنهن کي اها هڪڙي ئي پوِتر آتما ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ جو وردان ٿي بخشي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 ڪنهن کي ساڳئي روح جي ڪري ايمان ٿو ملي، ۽ ڪنهن کي انهي هڪڙي ئي روح جي ڪري شفا ڏيڻ جون نعمتون،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 ڪنهن کي ساڳيو پاڪ روح ايمان ۾ مضبوطي بخشي ٿو تہ ڪنهن کي اهو هڪڙو ئي پاڪ روح شفا ڏيڻ جي نعمت ٿو عطا ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 ڪنھن کي ساڳئي پاڪ روح جي وسيلي ايمان ٿو ملي ۽ ڪنھن کي انھيءَ ھڪڙي ئي پاڪ روح جي وسيلي شفا ڏيڻ جون نعمتون ملن ٿيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 12:9
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بيمارن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪجو ۽ مئلن کي جيوت ڪجو، ڪوڙهہ جهڙي مرض وارن کي ڇٽائي پوِتر ڪجو ۽ ماڻهن مان ڀوت ڪڍجو. آءٌ هي اوهان کي مفت ۾ ڏيان ٿو، تنهنڪري اوهين بہ مفت ۾ ڏجو.


يسوع کين وراڻيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن اوهين وشواس رکو ٿا ۽ ڪوبہ شڪ نہ ٿا آڻيو، تہ اوهين بہ ائين ئي ڪري سگھندا جيئن مون هن انجير جي وڻ سان ڪيو. نہ رڳو ايترو پر جيڪڏهن اوهين هن جبل کي بہ چوندا تہ ’پنهنجي جاءِ تان هٽي وڃي سمنڊ ۾ ڪِر،‘ تہ اهو بہ وڃي سمنڊ ۾ ڪرندو.


جيڪڏهن اهي نانگ جھليندا يا زهر پيئندا تہ بہ انهن کي ڪو نقصان نہ پهچندو. هو بيمارن کي هٿ لائيندا تہ اهي چڱا ڀلا ٿي پوندا.“


هنن ڪيترن ئي ماڻهن مان ڀوت ڪڍيا ۽ گھڻن ئي بيمارن کي زيتون جو تيل مکي چڱو ڀلو ڪيو.


انهيءَ شهر ۾ جيڪي بيمار هجن تن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪجو ۽ اتان جي ماڻهن کي چئجو تہ ’ايشور جو راڄ اوهان جي ويجھو اچي پهتو آهي.‘


پوءِ انهن کي موڪليائين تہ ”وڃي ايشور جي راڄ جو پرچار ڪريو ۽ ماڻهن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪريو.“


اوهان کي اها بہ سڌ آهي تہ ڪيئن ايشور يسوع ناصريءَ تي پوِتر آتما ۽ شڪتي پرگھٽ ڪري کيس مخصوص ڪيو. هو هر هنڌ وڃي چڱا ڪم ڪندو هو ۽ جيڪي ماڻهو شيطان جي ظلم جو شڪار هئا تن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندو هو، ڇاڪاڻ تہ ايشور انهيءَ ساڻ هو.


سنتن جا چمتڪار ڏسي ماڻهو بيمارن کي گھٽين ۾ آڻي کٽولن ۽ تڏن تي رکڻ لڳا تہ جڏهن پطرس اتان لنگھي تہ من سندس پاڇو ئي انهن مان ڪن تي پوي.


ايشور منڊليءَ ۾ الڳ الڳ شخص مقرر ڪيا آهن، پهريان خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت، ٻيا ايشور جو سنديش ڏيندڙ، ٽيان سکيا ڏيندڙ، پوءِ چمتڪار ڪندڙ، پوءِ ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندڙ، مددگار، اڳواڻي ڪندڙ ۽ اڻ‌ڄاتل ٻوليون ڳالهائيندڙ.


ڇا سڀني کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪرڻ جو وردان مليل آهي؟ ڇا سڀيئي اڻ‌ڄاتل ٻوليون ڳالهائين ٿا؟ ڇا سڀيئي ترجمو ڪن ٿا؟


جيڪڏهن مون کي ايشور جو سنديش ٻڌائڻ جو وردان مليل هجي، سڀني ڀيدن ۽ هر ڄاڻ جي واقفيت هجي، ۽ منهنجو وشواس ايڏو تہ ڪامل هجي، جو آءٌ جبلن کي بہ هٽائي سگھان، پر جيڪڏهن مون ۾ پريم نہ آهي، تہ آءٌ ڪجھہ بہ نہ آهيان.


پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”مون وشواس آندو، تنهنڪري ڳالهايو.“ اسان ۾ بہ پوِتر آتما جو بخشيل ساڳيو ئي وشواس آهي. سو اسين بہ وشواس آڻيون ٿا، تنهنڪري ڳالهايون ٿا،


مطلب تہ ايشور جي ڪرپا جي ڪري ئي اوهين وشواس آڻڻ جي وسيلي بچي ويا آهيو. اهو اوهان جي ڪوشش جي ڪري نہ، پر ايشور جي بخشش جي ڪري ٿيو آهي.


وشواس جي ڪري ئي انهن مان ڪن راڄن تي سوڀ حاصل ڪئي، ڪن انصاف سان سنڀال ڪئي، ڪن اهي آسيسون حاصل ڪيون جن جو ايشور ساڻن وچن ڪيو هو ۽ ڪن شينهَن جا وات بند ڪري ڇڏيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ