Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 12:31 - Hindu Sindhi Bible

31 سو جاکوڙ ڪريو تہ اوهان ۾ بهتر کان بهتر وردان هجن. هاڻي آءٌ اوهان کي انهيءَ کان بہ وڌيڪ بهترين رستو ٻڌايان ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

31 پر اوهين وڏين وڏين نعمتن جي آرزو رکو. ۽ آئون اوهان کي اڃا بہ نهايت عمدو رستو ڏيکاريان ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

31 سو جاکوڙ ڪريو تہ اوهان ۾ بهتر کان بهتر نعمتون هجن. هاڻي آءٌ اوهان کي انهيءَ کان بہ وڌيڪ بهترين رستو ٻڌايان ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

31 پر اوھين وڏين وڏين نعمتن جي خواھش ڪريو. ھاڻي آءٌ اوھان کي اڃا بہ وڌيڪ سٺو رستو ڏيکاريندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 12:31
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سڀاڳا آهن اهي جيڪي سچائيءَ جا بکايل ۽ اڃايل آهن، ڇاڪاڻ تہ ايشور انهن کي چڱيءَ طرح ڍءُ ڪرائيندو.


جڏهن تہ رڳو هڪڙي ئي ڳالهہ ضروري آهي. مريم اها چڱي ڳالهہ چونڊي کنئي آهي، جيڪا ان کان نہ کسبي.“


جيڪڏهن آءٌ انسانن توڙي دوتن جون ٻوليون ڳالهائيندو هجان، پر مون ۾ پريم نہ آهي، تہ پوءِ آءٌ رڳو وڄندڙ گھِنڊ، يا ڇمڪندڙ جھانجھر آهيان.


سو اوهين پريم جا ڳولائو رهو. انهيءَ کان علاوہ پوِتر آتما کان ملندڙ وردانن لاءِ جاکوڙ ڪندا رهو، خاص ڪري ايشور جو سنديش ٻڌائڻ جي وردان لاءِ.


مطلب تہ، اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! ايشور جو سنديش ٻڌائڻ لاءِ جاکوڙ ڪندا رهو ۽ ڪنهن کي اڻ‌ڄاتل ٻوليون ڳالهائڻ کان منع نہ ڪريو.


هاڻي بتن تي ٻليدان ڪرڻ واري ڳالهہ تي اچو. انهيءَ بابت ڄاڻيندي اسين چئون ٿا تہ ”اسين سڀيئي ڄاڻ رکون ٿا.“ پر ڄاڻ تہ انسان کي مغرور ڪري ٿي، جڏهن تہ پريم ترقي بخشي ٿو.


سچ تہ يسوع مسيح جيڪو منهنجو پرڀو آهي، تنهن کي ڄاڻڻ واري مهان خوبيءَ جي ڀيٽ ۾ آءٌ هر هڪ شيءِ کي نقصان برابر ٿو سمجھان. هن جي خاطر مون سڀني شين تان هٿ کنيو آهي ۽ انهن کي گند ٿو سمجھان، تہ جيئن آءٌ مسيح کي حاصل ڪريان


وشواس جي ڪري ئي هابل ايشور آڏو قائن کان وڌيڪ سٺو ٻليدان پيش ڪيو. انهيءَ جي ڪري ايشور سندس ڀيٽا قبول ڪري ظاهر ڪيو تہ هو سچار هو. جيتوڻيڪ هو مري ويو آهي تہ بہ پنهنجي وشواس جي مثال وسيلي ڄڻ تہ اڃا تائين ڳالهائي پيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ