Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 12:2 - Hindu Sindhi Bible

2 اوهين ڄاڻو ٿا تہ پرڀو يسوع تي وشواس آڻڻ کان اڳ ۾ اوهان کي ڪنهن نہ ڪنهن نموني ڀَٽڪائي گونگن بتن ڏانهن نيو ويندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 اوهين ڄاڻو ٿا تہ جڏهن اوهين غير قوم جا هئا، تڏهن گونگن بُتن جي پٺيان، جيئن ڪو اوهان کي وٺي ويندو هو، تيئن ويندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 اوهين ڄاڻو ٿا تہ خداوند عيسيٰ تي ايمان آڻڻ کان اڳ ۾ اوهان کي ڪنهن نہ ڪنهن نموني گمراهہ ڪري گونگن بتن ڏانهن نيو ويندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 اوھان کي خبر آھي تہ جڏھن اوھين ڪفر ۾ ھئا، تڏھن اوھان کي ڪنھن نہ ڪنھن نموني گمراھہ ڪري گونگن بتن ڏانھن نيو ويندو ھو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 12:2
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو اوهين انهن کي ڇڏي ڏيو، ڇاڪاڻ تہ هو انڌن جا انڌا اڳواڻ آهن. هاڻي جيڪڏهن انڌو انڌي جي اڳواڻي ڪندو تہ ٻئي وڃي کڏ ۾ ڪرندا.“


اوهان ۾ بہ ڪي اهڙا ئي هئا. پر هاڻي اوهين پرڀو يسوع مسيح جي نالي ۽ اسان جي ايشور جي پوِتر آتما جي وسيلي پاپن کان ڌوتا ويا آهيو، مخصوص ڪيا ويا آهيو ۽ ايشور ڏانهن سچار بڻايا ويا آهيو.


بيشڪ وشواس آڻڻ کان اڳ ۾ ايشور جي ڄاڻ نہ هوندي اوهين انهن جي غلاميءَ ۾ هئا جيڪي حقيقت ۾ ايشور نہ آهن.


ماڻهو پاڻ ئي ذڪر ٿا ڪن تہ ڪهڙيءَ طرح اوهان اسان کي قبول ڪيو جو اوهين بتن جي پوجا کي ڇڏي ايشور ڏانهن ڦِريا، تہ جيئن اوهين جيوت ۽ سچي ايشور جي ڀڳتي ڪريو


ڏس، اسين ڪنهن وقت مُورک، نافرمان، ڀَٽڪيل ۽ طرح طرح جي شرير وارين خواهشن ۽ عياشين جا غلام هئاسين. اسين دشمنيءَ ۽ ساڙ جي حالت ۾ گذاريندا هئاسين، نفرت جي لائق هئاسين ۽ هڪٻئي سان بہ نفرت ڪندا هئاسين.


اوهين ڄاڻو ٿا تہ اها اجائي هلت چلت جيڪا اوهان جي ابن ڏاڏن کان هلندي ٿي آئي، تنهن کان اوهان کي ڇڏائڻ جي قيمت سون ۽ چانديءَ جهڙيون ناس ٿيندڙ شيون نہ هيون،


گذريل وقت ۾ اوهان بہ غير وشواسين جي مرضيءَ موجب جيڪا هلت ڪئي، يعني شهوت‌پرستيءَ، برين خواهشن، شراب‌خوريءَ، عياشيءَ، بداخلاقيءَ واري نچڻ ڳائڻ ۽ ڪراهت جهڙي بتن جي پوجا ڪرڻ ۾ گذاريو، سو ئي ڪافي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ