Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 12:18 - Hindu Sindhi Bible

18 حقيقت ۾ ايشور هر هڪ عضوي کي شرير ۾ پنهنجي مرضيءَ موجب ترتيب سان رکيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 پر حقيقت ڪري خدا هرهڪ عضوي کي بدن ۾ پنهنجي مرضيءَ موافق رکيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 حقيقت ۾ خدا هر هڪ عضوي کي بدن ۾ پنهنجيءَ مرضيءَ موجب ترتيب سان رکيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 حقيقت ۾ خدا عضون مان ھر ھڪ عضوي کي بدن ۾ پنھنجيءَ مرضيءَ موجب ترتيب سان رکيو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 12:18
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ وقت يسوع پوِتر آتما جي وسيلي خوشيءَ سان ڀرجي ويو ۽ هن چيو تہ ”اي پتا، اي ڌرتيءَ ۽ آڪاش جا مالڪ! آءٌ تنهنجو شڪر ٿو ڪريان جو تو هي ڳالهيون سياڻن ۽ سمجھہ وارن کان ڳجھيون رکيون آهن ۽ سادن تي ظاهر ڪيون اٿيئي. هائو، اي پتا! اهو سڀ تنهنجي مرضي ۽ خوشيءَ سان ئي ٿيو آهي.“


يسوع پنهنجي چيلن کي وڌيڪ چيو تہ ”اي منهنجا ننڍڙا ڌڻ! متان ڊڄو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي پتا جي مرضي آهي تہ هو اوهان کي پنهنجي راڄ ۾ شامل ڪري.


آءٌ انهيءَ ڪرپا جي ڪري جيڪا مون کي بخشي ويئي آهي، اوهان مان هر هڪ کي چوان ٿو تہ پنهنجو پاڻ کي وِت کان وڌيڪ وڏو نہ سمجھو، بلڪ مناسب طور پاڻ کي اوترو سمجھو جيترو ايشور اوهان کي وشواس بخشيو آهي.


ايشور جيڪا ڪرپا اسان تي ڪئي آهي، تنهن موجب اسان کي جدا جدا وردان مليا آهن. تنهنڪري جيڪڏهن ڪنهن کي ايشور جو سنديش ٻڌائڻ جو وردان مليو آهي تہ هو پنهنجي وشواس جي اندازي موجب ايشور جو سنديش ٻڌائي.


مطلب تہ اهو سڀ ڪجھہ اها هڪڙي ئي پوِتر آتما ٿي ڪري، جيڪا پنهنجي مرضيءَ موجب هر ڪنهن کي جدا جدا وردان ورهائي ٿي ڏئي.


جيڪڏهن سڄو شرير اک هجي ها تہ ٻڌڻ ڪٿان ٿئي ها؟ يا جيڪڏهن سڄو شرير ڪن هجي ها تہ سنگھڻ ڪٿان ٿئي ها؟


جيڪڏهن اهي سڀ هڪڙو عضوو هجن ها تہ شرير جو نالو ئي نہ هجي ها.


جڏهن تہ اسان جي کليل عضون کي اهڙي ضرورت نہ آهي. سو ايشور شرير کي اهڙيءَ طرح جوڙيو آهي جو جيڪو گھٽ مان وارو عضوو آهي، تنهن جو وڏو احترام ڪيو وڃي.


ايشور منڊليءَ ۾ الڳ الڳ شخص مقرر ڪيا آهن، پهريان خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت، ٻيا ايشور جو سنديش ڏيندڙ، ٽيان سکيا ڏيندڙ، پوءِ چمتڪار ڪندڙ، پوءِ ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندڙ، مددگار، اڳواڻي ڪندڙ ۽ اڻ‌ڄاتل ٻوليون ڳالهائيندڙ.


ايشور کي جيئن وڻي ٿو تيئن انهيءَ ٻج کي شرير ڏئي ٿو، بلڪ هر هڪ ٻج کي پنهنجو پنهنجو شرير ڏئي ٿو.


ڀلا اپلوس ڪهڙي شيءِ آهي؟ ۽ پولس ڇا آهي؟ اسين ٻئي تہ سيواداري آهيون، جن جي وسيلي اوهان مسيح تي وشواس آندو. هر ڪو اهڙيءَ طرح ڪم ڪري ٿو جهڙيءَ طرح پرميشور کيس ڏنو آهي.


هن پنهنجي خوشيءَ ۽ مرضيءَ سان اڳي ئي فيصلو ڪيو تہ اسين يسوع مسيح جي وسيلي سندس ٻار مقرر ڪيا وڃون،


پنهنجي مرضيءَ جو لڪل ارادو اسان تي ظاهر ڪيو، جيڪو هن مسيح جي وسيلي پوري ڪرڻ لاءِ اڳ ۾ ئي پنهنجي خوشيءَ سان طئي ڪري ڇڏيو هو.


”اي پرڀو، اسان جا ايشور! تون مهما، مان‌سمان ۽ شڪتيءَ جي لائق آهين، ڇاڪاڻ تہ تو ئي سڀ شيون پيدا ڪيون آهن. هائو، تنهنجي ئي مرضيءَ سان هر ڪا شيءِ پيدا ٿي ۽ وجود ۾ آئي آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ