Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 11:32 - Hindu Sindhi Bible

32 پر پرڀو اسان کي سيکت ڏيئي اسان جي تربيت ٿو ڪري، تہ جيئن اسين سنسار سان گڏ پاپي قرار نہ ڏنا وڃون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 پر جڏهن خداوند اسان کي جاچي ٿو تڏهن اسان کي سيکت ٿو ڏئي، انهي لاءِ تہ اسين دنيا سان گڏ ڏوهاري ثابت نہ ٿيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

32 پر خداوند اسان کي سيکت ڏيئي اسان جي تربيت ٿو ڪري، تہ جيئن اسين دنيا سان گڏ گنهگار قرار نہ ڏنا وڃون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

32 جڏھن اسان کي سزا ٿي ملي تڏھن خداوند کان اسان جي تربيت ٿي ٿئي، تہ جيئن اسين دنيا سان گڏ ڏوھاري ثابت نہ ٿيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 11:32
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هيءَ لکت ڪنهن جي لاءِ آهي؟ اسين ڄاڻون ٿا تہ ايشور جي نيم ۾ جيڪي بہ فرمايل آهي سو انهن لاءِ فرمايل آهي جيڪي انهيءَ نيم جا پابند آهن، تہ جيئن سڄي سنسار سان گڏ انهن مان بہ ڪنهن کي بهاني جي ڪا گنجائش نہ رهي، بلڪ سڄي انسانذات ايشور آڏو پاپي قرار ڏني وڃي.


ان کان علاوہ ڪرپا واري بخشش ۽ هڪڙي ماڻهوءَ جي نافرمانيءَ جا نتيجا هڪجهڙا نہ آهن. ڏسو، هڪڙي ئي پاپ ڪرڻ تي پاپي هئڻ جو فيصلو جاري ٿيو، جڏهن تہ پاپن جي گھڻائيءَ واري حالت ۾ بہ ايشور پاڻ ڏانهن سچار بڻائڻ واري بخشش بخشي.


هاڻي ڪٿي آهن ڏاها؟ ڪٿي آهن نيم شاستري؟ ڪٿي آهن هن زماني جا بحث ڪندڙ؟ ڇا ايشور هن سنسار جي ڏاهپ کي مورکتا قرار نہ ڏنو آهي؟


ايشور پنهنجي ڏاهپ سان ماڻهن لاءِ اهو ناممڪن بڻائي ڇڏيو تہ هو پنهنجي ذاتي ڏاهپ سان کيس سڃاڻين. تنهن هوندي بہ ايشور جي مرضي ٿي تہ هو انهن کي بچائي جيڪي اسان جي سنديش وسيلي وشواس آڻين، جيتوڻيڪ اهو سنديش سنسار جي نظر ۾ مورکتا آهي.


انهيءَ ڪري اوهان مان گھڻا ڪمزور ۽ بيمار آهن ۽ ڪيترا تہ قبر ۾ وڃي ستا آهن.


جيڪڏهن اسين پنهنجو پاڻ کي جاچيون ها تہ اسين پاپي قرار نہ ڏنا وڃون ها.


تنهنڪري اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! جڏهن اوهين کائڻ لاءِ گڏ ٿيو تہ هڪٻئي لاءِ ترسو.


همنيس ۽ سڪندر انهن مان ئي آهن، جن کي مون شيطان جي حوالي ڪري ڇڏيو، تہ جيئن ايشور جي نندا کان مُڙي وڃڻ سکن.


هاڻ اسين ڄاڻون ٿا تہ اسين ايشور جا ٻار آهيون، جڏهن تہ سڄو سنسار شيطان جي قبضي ۾ آهي.


آءٌ جن سان پيار ڪندو آهيان تن کي ڇينڀ ۽ سيکت بہ ڏيندو آهيان، تنهنڪري سرگرم ٿيو ۽ توبهہ‌تائب ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ