Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 11:21 - Hindu Sindhi Bible

21 هر ڪو ٻئي جو انتظار ڪرڻ کان سواءِ پنهنجي رسوئي کائي ٿو وٺي ۽ ائين هڪڙو بکايل رهجي وڃي ٿو تہ ٻيو کائي پيئي نشي ۾ چور ٿي پوي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

21 ڇالاءِ تہ جڏهن اوهين کائو ٿا، تڏهن هرڪو پنهنجي ماني ٻئي کان اڳ ۾ کايو وٺي، ۽ هڪڙو بکايل رهجيو وڃي تہ ٻيو نشئي ٿيو پوي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 هر ڪو ٻئي جو انتظار ڪرڻ کان سواءِ پنهنجي ماني کائي ٿو وٺي ۽ ائين هڪڙو بکايل رهجي وڃي ٿو تہ ٻيو کائي پيئي نشي ۾ چور ٿي پوي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

21 ڇالاءِ⁠جو جڏھن اوھين کائو ٿا، تڏھن ھر ڪو پنھنجي ماني ٻئي کان اڳ ۾ کايو ٿو وٺي. ھڪڙو بکايل رھجي وڃي ٿو تہ ٻيو نشي ۾ چور ٿيو پوي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 11:21
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ کيس چيائين تہ ”سڀڪو ماڻهو پهريائين سٺي مئي پيش ڪندو آهي ۽ جڏهن ماڻهو پي ڍءُ ڪندا آهن، تہ پوءِ سادي مئي پيش ڪندو آهي. پر تو وري سٺي مئي هن مهل تائين بچائي رکي آهي.“


پر ڳالهہ هيءَ آهي تہ جڏهن اوهين پاڻ ۾ گڏجو ٿا تڏهن جيڪي ڪجھہ کائو ٿا، تنهن جو پرڀو يسوع جي يادگيريءَ واري روٽيءَ سان ڪو واسطو ڪونهي.


جيڪڏهن ڪو بکايل هجي تہ ڀلي پنهنجي گھر کائي، متان اوهان جو گڏ ٿيڻ پاپي هئڻ جي فيصلي جو سبب نہ بڻجي. باقي ٻيون ڳالهيون جڏهن آءٌ ايندس تڏهن اچي ٺيڪ ڪندس.


مطلب تہ جيڪو نقصان هو ٻين کي رسائين ٿا، تنهن جي بدلي ۾ کين نقصان رسايو ويندو. اهي کلي عام عياشي ڪندي خوش ٿا ٿين. اهي اوهان سان گڏ کائيندي پيئندي پنهنجين دغابازين سان عيش عشرت پيا ڪن. ائين اهي ماڻهو اوهان ۾ داغ ۽ عيب آهن.


هي ماڻهو اوهان جي پريم وارين رسوئيءَ جي گڏجاڻين لاءِ نقصانڪار آهن، جيڪي بنا ڪنهن جي پرواهہ ڪرڻ جي رڳو پنهنجي پيٽ ڀرڻ لاءِ اوهان سان گڏ کائين پيئن ٿا. اِهي بنا پاڻيءَ وارا ڪڪر آهن، جن کي هوائون کنيو اُڏائينديون وتن. اِهي سرءُ جا سڪل وڻ آهن جيڪي ٻنهي لحاظن کان مئل آهن، يعني بي‌ڦل ۽ پاڙؤن پٽيل آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ