Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 11:16 - Hindu Sindhi Bible

16 جيڪڏهن ڪو انهيءَ بابت بحث مباحثو ڪرڻ گھري تہ کيس چئجو تہ ”مٿي اگھاڙي ناريءَ جو پرارٿنا ڪرڻ وارو دستور نہ اسان جو آهي نڪي ايشور جي منڊلين جو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو تڪراري ڏسڻ ۾ اچي تہ انهي کي چئجو تہ اهو اسان جو دستور نہ آهي، نڪي خدا جي ڪليسيائن جو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 جيڪڏهن ڪو انهيءَ بابت بحث مباحثو ڪرڻ گھري تہ کيس چئجو تہ ”مٿي اگھاڙي عورت جو دعا گھرڻ وارو دستور نہ اسان جو آهي نڪي خدا جي ڪليسيائن جو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

16 جيڪڏھن ڪو انھيءَ بابت بحث مباحثو ڪرڻ گھري تہ کيس چئجو تہ ”مٿي اگھاڙي عورت جو دعا گھرڻ وارو دستور نہ اسان جو آھي نڪي خدا جي ڪليسيائن جو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 11:16
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر اوهان جي باري ۾ کين ٻڌايو ويو آهي تہ غير قومن جي علائقن ۾ جيڪي يهودي آهن، تن سڀني کي اوهين اها سکيا ٿا ڏيو تہ موسيٰ جي نيم کان ڦري وڃن، ٻارن جو ختنو نہ ڪرائين ۽ پنهنجين ريتن رسمن تي نہ هلن.


سو هاڻي اوهين انهن سان گڏجي وڃي پوِتر ٿيڻ جي رسم ۾ شريڪ ٿيو ۽ انهن جو خرچ بہ اوهين ڀريو تہ هو پنهنجا مٿا ڪوڙائين. اهڙيءَ طرح سڀيئي ماڻهو ڄاڻي وٺندا تہ جيڪي ڳالهيون اوهان بابت کين ٻڌايون ويون آهن سي سڀ ڪوڙيون آهن، بلڪ اوهين تہ پاڻ نيم تي عمل ڪريو ٿا ۽ ان تي پوريءَ طرح ڪاربند آهيو.


جڏهن تہ ناريءَ لاءِ ڊگھا وار سندس مان آهن؟ ڇاڪاڻ تہ ناريءَ کي اهي وار پردي جي لاءِ ڏنا ويا آهن.


باقي رهي مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن لاءِ چندي جي ڳالهہ، جنهن بابت آءٌ اوهان کي ساڳي هدايت ڪريان ٿو، جيڪا مون گلتيا صوبي جي وشواسي منڊلين کي ڪئي هئي تہ


تنهنڪري پرڀو يسوع جي اچڻ تائين ترسو ۽ مقرر وقت کان اڳي ڪنهن بہ ڳالهہ جو فيصلو نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي اوندهہ ۾ لڪل ڳالهيون روشنيءَ ۾ آڻيندو ۽ ماڻهن جي دلين جا منصوبا ظاهر ڪندو. تڏهن ايشور جي طرفان هر مناسب سوچ رکندڙ جي ساراهہ ڪئي ويندي.


آءٌ وشواسين جي سڀني منڊلين کي اهو ساڳيو ئي حڪم ٿو ڏيان تہ ايشور جنهن کي جهڙيءَ حالت ۾ مسيح ڏانهن سڏيو آهي، اهو انهيءَ حالت ۾ ئي رهي، ڇاڪاڻ تہ هر ڪنهن جي حالت پرڀو يسوع جي طرفان مقرر ڪيل آهي.


ڇا ٻين وانگر آءٌ پنهنجو حق وٺڻ لاءِ آزاد نہ آهيان؟ ڇا آءٌ خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت نہ آهيان؟ ڇا مون يسوع کي نہ ڏٺو آهي جيڪو اسان جو پرڀو آهي؟ ڇا اوهين پرڀوءَ جي لاءِ منهنجي سيوا جو نتيجو نہ آهيو؟


ڇا رڳو منهنجي ۽ برنباس جي لاءِ ئي ضروري آهي تہ اسين پورهيو ڪري گذارو ڪريون؟


انهيءَ ڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين ايشور جي انهن منڊلين جهڙا ٿي پيا، جيڪي يهوديہ صوبي ۾ يسوع مسيح ۾ آهن، ڇاڪاڻ تہ اوهان بہ پنهنجي هم‌وطن ماڻهن کان ساڳيون ئي تڪليفون سٺيون، جهڙيون انهن منڊلين پنهنجي هم‌وطن يهودين کان سٺيون هيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ