Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 10:33 - Hindu Sindhi Bible

33 انهيءَ طرح آءٌ بہ هر ڪنهن ڳالهہ ۾ سڀ ڪنهن کي راضي ٿو رکان. آءٌ پنهنجو فائدو نہ، پر ٻين جو فائدو چاهيان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ جيئن گھڻن کي مڪتي ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

33 جهڙيءَ طرح آئون سڀ ڪنهن کي سڀني ڳالهين ۾ راضي ٿو ڪريان، ۽ پنهنجي فائدي جو نہ، پر گهڻن جي فائدي جو طالب آهيان، انهي لاءِ تہ نجات ملينِ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

33 انهيءَ طرح آءٌ بہ هر ڪنهن ڳالهہ ۾ سڀ ڪنهن کي راضي ٿو رکان. آءٌ پنهنجو فائدو نہ، پر ٻين جو فائدو چاهيان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ جيئن گھڻن کي ڇوٽڪارو ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

33 اھڙيءَ طرح آءٌ بہ ھر ڪنھن ڳالھہ ۾ سڀ ڪنھن کي راضي ٿو رکان. آءٌ پنھنجي فائدي جو نہ، پر گھڻن جي فائدي جو طالبو آھيان، انھيءَ لاءِ تہ جيئن کين ڇوٽڪارو ملي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 10:33
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ لاءِ تہ آءٌ ڪنهن طرح پنهنجي قوم وارن کي غيرت ڏياريان ۽ انهن مان ڪن کي بچائي وٺان.


تهڙيءَ طرح اسين بہ جيتوڻيڪ گھڻا آهيون، تہ بہ مسيح ۾ هڪ شرير ٿيا آهيون ۽ پاڻ ۾ هڪٻئي جا عضوا آهيون.


سو هر ڪو ماڻهو پنهنجو ڀلو نہ پر ٻئي جو ڀلو گھري.


پريم بدتميزي نہ ٿو ڪري، پريم مطلبي نہ ٿو ٿئي، پريم جلدي نہ ٿو چڙي ۽ نہ وري غلطين جو حساب ڪتاب ٿو رکي.


هاڻي آءٌ ٽيون دفعو اوهان وٽ اچڻ لاءِ تيار آهيان ۽ وري بہ اوهان تي بار نہ ٿيندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جي ڌن دولت کي نہ، پر اوهان کي چاهيان ٿو. ڌن دولت تہ ماتا پتا کي ٻارن جي لاءِ گڏ ڪري رکڻ گھرجي، نہ ٻارن کي ماتا پتا جي لاءِ.


ڇا اڃا تائين اوهين ائين سمجھو ٿا تہ اسين اوهان جي اڳيان پنهنجي صفائي پيش ڪري رهيا آهيون؟ نہ، اسين تہ ايشور کي حاضر ناظر ڄاڻي مسيح جا هئڻ جي حيثيت سان ڳالهايون ٿا. اي پريميؤ! هي سڀ ڪجھہ اوهان جي آتمڪ ترقيءَ لاءِ آهي.


آءٌ ائين چئي ماڻهن کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش نہ ٿو ڪريان، پر ايشور کي راضي ڪرڻ چاهيان ٿو. ڇا اوهين سمجھو ٿا تہ آءٌ ماڻهن کي خوش ڪرڻ ٿو گھران؟ جيڪڏهن هن مهل تائين ماڻهن کي خوش ڪندو رهان ها تہ جيڪر مسيح جو داس نہ هجان ها.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ هر ڪو ماڻهو يسوع مسيح جي ڳالهين کي نہ، بلڪ پنهنجي مطلب جي ڳالهين کي ٿو ڏسي.


اهو هن مان ظاهر ٿئي ٿو جو اهي اسان کي انهيءَ ڳالهہ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪن ٿا تہ اسين غير قومن کي سندن مڪتيءَ جو سنديش ٻڌايون. اهڙيءَ طرح اهي پنهنجن پاپن جي ڀريل مٽڪي کي اڃا بہ ڀريندا ٿا رهن. پر نيٺ ايشور جو ڏمر انهن تي ڪڙڪڻ لاءِ اچي پهتو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ