Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 1:28 - Hindu Sindhi Bible

28 ايشور انهن کي چونڊيو جن کي سنسار خسيس، نيچ بلڪ ڪجھہ بہ نہ ٿي سمجھيو، انهيءَ لاءِ تہ ماڻهو جن کي ڪا شيءِ سمجھن ٿا تن جي ڪابہ حيثيت نہ رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

28 ۽ خدا جهان جي ڪميڻن ۽ حقيرن، يعني جيڪي ليکي ۾ ئي ڪين هئا، تن کي چونڊيو، انهي لاءِ تہ جيڪي ليکجڻ ۾ اچن ٿا، تن کي نيست ڪري؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

28 خدا انهن کي چونڊيو جن کي جهان خسيس، حقير بلڪ ڪجھہ بہ نہ ٿي سمجھيو، انهيءَ لاءِ تہ ماڻهو جن کي ڪا شيءِ سمجھن ٿا تن جي ڪابہ حيثيت نہ رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

28 خدا انھن کي چونڊيو جن کي جھان خسيس، حقير بلڪ ڪجھہ بہ نہ ٿي سمجھيو، انھيءَ لاءِ تہ خدا انھن کي ناس ڪري جن کي ماڻھو ڪا شيءِ سمجھن ٿا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 1:28
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيئن پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”اي ابرهام! مون تو کي گھڻين قومن جو پتا بڻايو آهي.“ اهو وچن سچو آهي، ڇاڪاڻ تہ ابرهام جو وشواس انهيءَ ايشور تي هو، جيڪو مئلن کي جيوت ڪري ٿو ۽ جنهن جي حڪم سان اهي شيون پيدا ٿين ٿيون، جيڪي اڳ ۾ موجود نہ آهن.


هاڻي ڪٿي آهن ڏاها؟ ڪٿي آهن نيم شاستري؟ ڪٿي آهن هن زماني جا بحث ڪندڙ؟ ڇا ايشور هن سنسار جي ڏاهپ کي مورکتا قرار نہ ڏنو آهي؟


تنهن هوندي بہ پختي وشواس وارن ماڻهن منجھہ اسين ڏاهپ جون ڳالهيون ٿا ڪريون. پر اها ڏاهپ نہ هن سنسار جي آهي، نڪي هن سنسار جي حاڪمن جي، جيڪي ناس ٿي رهيا آهن.


آءٌ مورک تہ برابر ٿيو آهيان، پر انهيءَ لاءِ اوهان ئي مون کي مجبور ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ اوهان منهنجي ساراهہ نہ ڪئي جيڪا اوهان کي ڪرڻ گھربي هئي. جيتوڻيڪ آءٌ ڪجھہ بہ نہ آهيان، تڏهن بہ جن کي اوهين تمام وڏا سنت سمجھو ٿا، تن کان آءٌ ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ گھٽ نہ آهيان.


تنهن کان پوءِ اهو وڳوڙي ظاهر ٿيندو، جنهن کي پرڀو يسوع پنهنجي وات جي ڦوڪ سان ماري وجھندو، بلڪ پنهنجي اچڻ جي تجلي سان ئي کيس چٽ ڪري ڇڏيندو.


سو جيئن اهي ٻار انسان آهن، تيئن يسوع پاڻ بہ انهن سان گڏ انهن وانگر بڻيو، انهيءَ لاءِ تہ پنهنجي موت جي وسيلي موت تي اختيار رکندڙ يعني شيطان کي ناس ڪري.


تنهن جي هڪڙي ئي ڪلاڪ ۾ سڄي دولت برباد ٿي ويئي.“ سامونڊي جهازن جا ڪپتان، مسافر ۽ ملاح ۽ ٻيا جيڪي سمنڊ تي گذران ٿا ڪن، سي سڀيئي پري بيهي رهندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ