Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 1:2 - Hindu Sindhi Bible

2 هي خط ڪرنٿس شهر ۾ ايشور جي منڊليءَ ڏانهن لکجي ٿو، يعني اوهان ڏانهن جيڪي يسوع مسيح ۾ پوِتر ڪيا ۽ چونڊيا ويا آهيو. هي انهن سڀني جي نالي پڻ لکجي ٿو جيڪي هر هنڌ پرڀو يسوع مسيح جو نالو وٺن ٿا، جيڪو انهن جو ۽ اسان جو پرڀو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 خدا جي انهي ڪليسيا ڏانهن جا ڪرنٿس ۾ آهي، يعني انهن ڏانهن جي مسيح يسوع ۾ پاڪ ڪيا ويا آهن، ۽ انهي لاءِ سڏيا ويا آهن تہ انهن سڀني سان گڏجي پاڪ ٿين، جي هر ڪنهن هنڌ پنهنجي ۽ اسان جي خداوند يسوع مسيح جو نالو ٿا وٺن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 هي خط ڪرنٿس شهر ۾ خدا جي ڪليسيا ڏانهن لکجي ٿو، يعني اوهان ڏانهن جيڪي عيسيٰ مسيح ۾ پاڪ ڪيا ۽ چونڊيا ويا آهيو. هي انهن سڀني جي نالي پڻ لکجي ٿو جيڪي هر هنڌ خداوند عيسيٰ مسيح جو نالو وٺن ٿا، جيڪو انهن جو ۽ اسان جو خداوند آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 ھي ڪرنٿس شھر ۾ خدا جي ڪليسيا ڏانھن موڪلجي ٿو، يعني انھن ماڻھن ڏانھن جيڪي عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري پاڪ ڪيا ويا آھن ۽ خدا جا ماڻھو ڪري چونڊيا ويا آھن. ھي انھن سڀني جي نالي پڻ لکجي ٿو جيڪي ھر ھنڌ خداوند عيسيٰ مسيح جو نالو وٺن ٿا، جيڪو انھن جو ۽ اسان جو خداوند آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 1:2
45 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ايشور جي خوشخبريءَ جو سنديش جيڪو هن بني اسرائيل قوم ڏانهن موڪليو سو هي آهي تہ يسوع مسيح جيڪو سڀني جو پرڀو آهي، تنهن جي وسيلي ايشور سان ماڻهن جو ميل ميلاپ ٿئي.


هن وشواس جي وسيلي سندن دلين کي بہ پوِتر ڪندي اسان ۾ ۽ انهن ۾ ڪوبہ فرق نہ ڪيو آهي.


انهن ڳالهين کان پوءِ پولس اٿينس مان روانو ٿي ڪرنٿس شهر ۾ اچي پهتو.


تہ پوءِ دير ڇا جي؟ اُٿي ۽ سندس نالو وٺي بپتسما وٺ تہ تنهنجا پاپ ڌوپي وڃن.‘


تو کي انهن جون اکيون کولڻيون آهن ۽ کين اونداهيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻڻو آهي. انهن کي شيطان جي چنبي کان آزاد ڪري ايشور ڏانهن موڙڻو آهي، تہ جيئن اهي مون تي وشواس آڻين ۽ پاپن جي معافي ملين ۽ هو ايشور جي پنهنجي قوم ۾ ليکيا وڃن.‘“


پر حننياہ چيس تہ ”اي پرڀو! ڪيترن ئي ماڻهن مون کي انهيءَ شخص بابت ٻڌايو آهي تہ هن تو تي وشواس رکندڙن سان يروشلم ۾ ڪيڏيون نہ جٺيون ڪيون آهن.


هو هتي بہ انهيءَ لاءِ آيو آهي تہ سردار ڪاهنن جي اختياريءَ سان انهن ماڻهن کي گرفتار ڪري جيڪي تنهنجو نالو وٺن ٿا.“


جن بہ هن جي اها ڳالهہ ٻڌي، سي سڀ حيران ٿي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”هي اهو ناهي ڇا، جيڪو يروشلم ۾ يسوع جو نالو وٺندڙن کي ستائيندو هو ۽ هتي بہ انهيءَ ارادي سان آيو هو تہ انهن ماڻهن کي گرفتار ڪري سردار ڪاهنن وٽ وٺي وڃي؟“


هي خط اوهان سڀني ڏانهن آهي، جيڪي روم شهر ۾ ايشور جا پيارا آهيو ۽ مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيا ويا آهيو. شل اوهان تي اسان جي پتا ايشور ۽ پرڀو يسوع مسيح جي ڪرپا ۽ شانتي هجي.


مطلب تہ يهودين توڙي غير قوم وارن ۾ ڪوبہ فرق نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي سڀني جو پرڀو آهي ۽ جيڪو بہ کيس ٻاڏائي ٿو تنهن کي جھجھي انداز ۾ ڏئي ٿو،


جيڪا سچائي هاڻي ظاهر ٿي آهي سا هيءَ آهي تہ ايشور انهن سڀني ماڻهن کي پاڻ ڏانهن سچار ڪري ٿو جيڪي يسوع مسيح تي وشواس آڻين ٿا، پوءِ اهي يهودي هجن توڙي غير يهودي. اهي سڀ هڪ جهڙا آهن،


اسين ڄاڻون ٿا تہ ايشور سڀني ڳالهين ۾ انهن ماڻهن لاءِ ڀلائي رکي ٿو، جيڪي ساڻس پيار ڪن ٿا ۽ سندس مقصد لاءِ چونڊيا ويا آهن.


اهو ايشور ئي تہ آهي جنهن اسان کي يسوع مسيح سان گڏي هڪ ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو مسيح ئي آهي جنهن کي ايشور اسان لاءِ ڏاهپ بڻايو آهي، جنهن مان سچائي، پوِترتائي ۽ مڪتي ملي ٿي،


اوهين ڪنهن جي بہ ڀَٽڪڻ جو سبب نہ بڻجو، توڙي جو اهي يهودي هجن يا غير قوم وارا يا ايشور جي منڊلي.


سو اوهين سڀ گڏجي مسيح جو شرير آهيو ۽ هر هڪ ان جو عضوو آهي.


تنهن هوندي بہ اسين ڄاڻون ٿا تہ هڪڙو ئي ايشور آهي يعني آڪاشي پتا، جنهن سڀ شيون پيدا ڪيون آهن ۽ اسين انهيءَ جي لاءِ جيوت آهيون. اسان جو پرڀو بہ هڪڙو ئي آهي يعني يسوع مسيح، جنهن جي وسيلي سڀ شيون وجود ۾ آيون ۽ اسين انهيءَ جي وسيلي جيوت آهيون.


هي خط مون پولس، جيڪو ايشور جي مرضيءَ سان مسيح يعني يسوع جو خوشخبري ٻڌائيندڙ سنت آهيان ۽ اسان جي ڀاءُ تيمٿيس جي طرفان لکجي ٿو. هي خط ڪرنٿس شهر ۾ ايشور جي منڊليءَ بلڪ اخيا صوبي جي پوري علائقي ۾ رهندڙ سڀني مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن ڏانهن آهي.


جڏهن تہ اسين پاڻ بابت نہ پر يسوع مسيح بابت پرچار ڪريون ٿا تہ هو ئي پرڀو آهي ۽ پنهنجي لاءِ هيئن ٿا چئون تہ يسوع جي خاطر اسين اوهان جا سيوڪ آهيون.


جيڪي وشواسي هتي مون سان گڏ آهن سي سڀ بہ اوهان گلتيا صوبي وارن جي وشواسي منڊلين ڏانهن هي خط موڪلڻ ۾ شامل آهن.


هن انهيءَ ڪري ائين ڪيو تہ جيئن منڊليءَ کي خوشخبريءَ جي وسيلي پاڻيءَ سان اشنان ڪرائي صاف ڪري مخصوص ۽ پوِتر بڻائي.


هي خط مون پولس سان گڏ سيلاس ۽ تيمٿيس جي طرفان ٿِسلُنيڪي شهر جي وشواسي منڊليءَ ڏانهن لکجي ٿو، جيڪا ايشور پتا ۽ پرڀو يسوع مسيح جي آهي. شل اوهان تي ڪرپا ۽ شانتي هجي.


ياد رکو، ايشور اسان کي اپوِتر جيون گذارڻ لاءِ نہ، پر پوِتر جيون گذارڻ لاءِ سڏيو آهي.


هي خط مون پولس، سيلاس ۽ تيمٿيس جي طرفان ٿِسلُنيڪي شهر جي وشواسي منڊليءَ ڏانهن لکجي ٿو، جيڪا اسان جي پتا ايشور ۽ پرڀو يسوع مسيح جي آهي.


منهنجي مرضي آهي تہ مرد گڏجي هر ڀڳتيءَ ۾ ڪاوڙ ۽ تڪرار کان سواءِ پوِتر هٿن سان پرارٿنا ڪن.


جو جيڪڏهن مون کي اچڻ ۾ دير ٿئي تہ هنن هدايتن مان تون ڄاڻي وٺجانءِ تہ ايشور جو گھراڻو جيڪو جيوت ايشور جي منڊلي ۽ سچ جو ٿنڀو ۽ بنياد آهي، تنهن ۾ ماڻهن کي ڪهڙيءَ طرح هلت چلت ڪرڻ کپي.


انهيءَ ايشور اسان کي مڪتي ڏني ۽ پوِتر جيون گذارڻ لاءِ پاڻ ڏانهن سڏيو. اهو اسان جي عملن جي ڪري نہ، پر سندس خاص ارادي ۽ انهيءَ ڪرپا موجب ٿيو، جيڪا اسان تي يسوع مسيح ۾ سنسار جي شروعات کان اڳ ڪئي ويئي هئي.


تنهن هوندي بہ ايشور جو وڌل مضبوط بنياد قائم رهي ٿو. انهيءَ تي هي لفظ اُڪريل آهن تہ ”پرميشور پنهنجن کي سڃاڻي ٿو“ ۽ ”جيڪو پرميشور جو نالو وٺي ٿو، سو بڇڙائيءَ کان پاسو ڪري.“


تون جوانيءَ جي برين خواهشن کان پري ڀڄ ۽ جيڪي پوِتر دل سان پرميشور کي پڪارين ٿا، تن سان گڏجي سچائيءَ، وشواس، پريم ۽ شانتيءَ جو ڳولائو ٿيءُ.


ايشور جي انهيءَ مرضيءَ جي نتيجي ۾ اسين يسوع مسيح جي شرير جي هڪڙي ئي دفعي هميشہ لاءِ ٻليدان ٿيڻ جي وسيلي مخصوص ۽ پوِتر ڪيا ويا آهيون.


ساڳئي نموني يسوع بہ شهر جي دروازي جي ٻاهران تڪليف سهي جان ڏني، تہ جيئن پنهنجي رت جي وسيلي پنهنجي چونڊيل ماڻهن کي مخصوص ۽ پوِتر ڪري.


هاڻ جيئن تہ پوِتر ۽ مخصوص ڪرڻ واري يعني يسوع جو ۽ پوِتر ۽ مخصوص ٿيڻ وارن يعني ٻارن جو پتا هڪڙو ئي آهي، تنهنڪري يسوع انهن کي ڀاءُ ڀيڻ ڪري سڏڻ کان نہ ٿو شرمائي،


هي خط مون يهوداہ جي طرفان آهي، جيڪو يسوع مسيح جو داس ۽ يعقوب جو ڀاءُ آهيان. هي انهن ڏانهن لکجي ٿو، جيڪي ايشور پتا جي پيار ۽ يسوع مسيح جي سنڀال هيٺ رهڻ لاءِ سڏيا ويا آهن.


هن جي پوشاڪ تي ران وٽ سندس هي لقب لکيل آهي: ”راجائن جو راجا ۽ پرڀوئن جو پرڀو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ