Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ڪرنٿين 1:14 - Hindu Sindhi Bible

14 آءٌ ايشور جو شڪر ٿو ڪريان تہ مون اوهان مان ڪرسپس ۽ گيُس کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي بہ بپتسما نہ ڏني آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 آئون خدا جو شڪر ٿو ڪريان تہ مون ڪرسپس ۽ گيس کان سواءِ اوهان مان ڪنهن کي بہ بپتسما نہ ڏني؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 آءٌ خدا جو شڪر ٿو ڪريان تہ مون اوهان مان ڪرسپس ۽ گيُس کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي بہ بپتسما نہ ڏني آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 آءٌ خدا جو شڪر ٿو ڪريان تہ مون اوھان مان سواءِ ڪرسپس ۽ گيُس جي ٻئي ڪنھن کي بہ بپتسما نہ ڏني آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ڪرنٿين 1:14
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو هن حڪم ڏنو تہ ”انهن کي يسوع مسيح جي نالي تي بپتسما ڏني وڃي.“ پوءِ قيصريہ جي انهن ماڻهن پطرس کي وينتي ڪئي تہ ”مهرباني ڪري ڪجھہ ڏينهن اسان وٽ رهي پئو.“


ڀڳتيءَ واري جاءِ جي اڳواڻ ڪرسپس پنهنجي سڄي ڪٽنب سميت پرڀو يسوع تي وشواس آندو. ڪرنٿس جي ٻين بہ ڪيترن ئي رهاڪن پولس جو سنديش ٻڌي وشواس آندو ۽ بپتسما ورتائون.


گيُس بہ اوهان کي نمسڪار ٿو چوي، جيڪو نہ رڳو مون پولس جي بلڪ سڄي وشواسي منڊليءَ جي پنهنجي گھر ۾ مهمان‌نوازي ڪندو آهي. شهر جو خزانچي اراستس ۽ اسان جو وشواسي ڀاءُ ڪوارتس بہ اوهان کي نمسڪار چئي رهيا آهن.


سو ڪوبہ چئي نہ ٿو سگھي تہ کيس منهنجي نالي تي بپتسما ڏني ويئي هئي.


ايشور جيڪا ڪرپا يسوع مسيح ۾ اوهان کي بخشي آهي، تنهن جي ڪري آءٌ اوهان لاءِ هميشہ پنهنجي ايشور جو شڪر ڪندو رهان ٿو،


آءٌ ايشور جو شڪر ٿو ڪريان تہ اوهان سڀني کان وڌيڪ آءٌ اڻ‌ڄاتل ٻوليون ٿو ڳالهايان.


ايشور جو شڪر آهي، جيڪو اسان کي مسيح جا هئڻ ڪري سدائين پنهنجي سوڀ واري جلوس ۾ گھمائي ٿو ۽ اهڙيءَ طرح اسان جي وسيلي هر هنڌ مسيح بابت ڄاڻ خوشبوءِ وانگر پکيڙي ٿو.


هميشہ سڀني ڳالهين لاءِ اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي نالي ۾ ايشور پتا جو شڪر ادا ڪندا رهو.


ان کان علاوہ مسيح جي شانتي، جنهن لاءِ اوهين هڪ شرير ٿيڻ جي واسطي سڏيا ويا آهيو، تنهن کي پنهنجي دلين تي حڪمراني ڪرڻ ڏيو ۽ شڪرگذار رهو.


اوهين جيڪي بہ چئو ۽ جيڪي بہ ڪريو، سو سڀ پرڀو يسوع جي نالي تي ڪريو ۽ سندس وسيلي ايشور پتا جو شڪر ڪندا رهو.


هر حالت ۾ شڪر ڪريو، ڇاڪاڻ تہ يسوع مسيح ۾ اوهان لاءِ ايشور جي اها ئي مرضي آهي.


اسان جو پرڀو يسوع مسيح، جيڪو مون کي طاقت بخشي ٿو، تنهن جو آءٌ شڪر ٿو ڪريان، ڇاڪاڻ تہ هن مون کي ايماندار سمجھي پنهنجي سيوا لاءِ مقرر ڪيو آهي.


جڏهن بہ آءٌ پنهنجي پرارٿنا ۾ تو کي ياد ٿو ڪريان، تڏهن هميشہ ايشور جو شڪر ٿو ڪريان


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ