فلپين 4:15 - Sindhi Bible15 ۽ اي فلپيو، اوهين پاڻ بہ ڄاڻو ٿا تہ خوشخبريءَ جي شروعات ۾، جڏهن آئون مڪدونيہ مان روانو ٿيس، تڏهن اوهان کانسواءِ ڪنهن بہ ڪليسيا پيسي ڪوڏيءَ سان منهنجي مدد نہ ڪئي، Gade chapit laHindu Sindhi Bible15 اي فلپيؤ! اوهين پاڻ بہ ڄاڻو ٿا تہ خوشخبريءَ جي پرچار وارن شروعاتي ڏينهن ۾ جڏهن آءٌ اوهان جي صوبي مڪدُنيا مان روانو ٿي رهيو هئس تہ اوهان کان سواءِ ٻي ڪابہ وشواسي منڊلي، ڏيڻ وٺڻ جي معاملي ۾ مون سان شامل نہ ٿي. Gade chapit laMuslim Sindhi Bible15 اي فلپيؤ! اوهين پاڻ بہ ڄاڻو ٿا تہ خوشخبريءَ جي مناديءَ وارن شروعاتي ڏينهن ۾ جڏهن آءٌ اوهان جي صوبي مڪدُنيا مان روانو ٿي رهيو هئس تہ اوهان کان سواءِ ٻي ڪابہ ڪليسيا، ڏيڻ وٺڻ جي معاملي ۾ مون سان شامل نہ ٿي. Gade chapit laCommon Language New Testament15 اي فلپيو! اوھين پاڻ بہ ڄاڻو ٿا تہ خوشخبريءَ جي تبليغ وارن شروعاتي ڏينھن ۾ جڏھن آءٌ مڪدونيا پرڳڻي مان روانو ٿيس تہ رڳو اوھان کان سواءِ ڪابہ ڪليسيا، ڏيڻ وٺڻ جي معاملي ۾ مون سان ڀاڱي ڀائيوار نہ ٿي. Gade chapit la |