Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




رومين 4:3 - Common Language New Testament

3 پاڪ ڪتاب ۾ لکيل آھي تہ ”ابراھيم خدا تي ايمان آندو ۽ انھيءَ ڪري خدا کيس پاڻ ڏانھن سچار ليکيو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 پاڪ ڪتاب ڇا ٿو فرمائي؟ تہ ”ابراهيم خدا تي ايمان آندو، ۽ اهو سندس لاءِ راستبازي ليکيو ويو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

3 ڇاڪاڻ تہ پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”ابرهام ايشور تي وشواس آندو، تنهنڪري ايشور کيس پاڻ ڏانهن سچار ڪري قبوليو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

3 ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”ابراهيم خدا تي ايمان آندو، تنهنڪري خدا کيس پاڻ ڏانهن سچار ڪري قبوليو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




رومين 4:3
16 Iomraidhean Croise  

جيڪي ماڻھو چوٿين پھر ڪم تي بيٺا ھئا تن مان ھر ڪنھن کي ھڪ چانديءَ جو سڪو مليو.


ڇا اوھان پاڪ لکت ۾ نہ پڙھيو آھي؟ ’جنھن پٿر کي رازن رد ڪري ڇڏيو، سو ئي پيڙھہ جو پٿر ٿيو.


ڇالاءِ⁠جو اھو لکيل آھي تہ ”جيڪو بہ ھن تي ايمان آڻيندو تنھن کي مايوس نہ ڪيو ويندو.“


خدا پنھنجي انھيءَ قوم کي رد ڪونہ ڪيو، جنھن کي اڳي ئي چونڊيو ھئائين. اوھين پاڻ پاڪ ڪتاب جي انھيءَ لکت بابت ڄاڻو ٿا، جنھن ۾ الياس بني اسرائيل جي خلاف خدا وٽ فرياد ٿو ڪري.


ابراھيم جو طھر پوءِ ٿيو ۽ اھو طھر ھڪ ثابتيءَ جو نشان ھو تہ خدا کيس طھر کان اڳ ۾ سندس ايمان جي ئي ڪري سچار ڪري قبول ڪيو. سو ابراھيم انھن سڀني جو پيءُ آھي، جيڪي خدا تي ايمان آڻين ٿا ۽ ھو کين سچار ڪري قبول ڪري ٿو، جيتوڻيڪ اھي طھريل نہ آھن.


پر جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڪم نہ ٿو ڪري ۽ رڳو ان خدا تي ايمان آڻي ٿو جيڪو گنھگارن کي پاڻ ڏانھن سچار ڪري ٿو، تہ سندس ايمان سچائي ڪري ٿو ليکجي.


ڇا اھا سڀاڳائي دائود رڳو انھن لاءِ چئي آھي جيڪي طھريل آھن؟ نہ. پر ان جو واسطو انھن سان بہ آھي جيڪي طھريل نہ آھن، ڇاڪاڻ⁠تہ اسان اڳ ۾ چيو آھي تہ ”ابراھيم خدا تي ايمان آندو ۽ سندس ايمان جي ئي ڪري خدا کيس سچار ليکيو.“


ڇالاءِ⁠جو پاڪ لکت ۾ خدا فرعون کي فرمائي ٿو تہ ”مون تو کي بادشاھہ انھيءَ لاءِ بڻايو آھي تہ آءٌ تنھنجي ڪري قدرت ظاھر ڪريان ۽ دنيا ۾ منھنجو نالو روشن ٿئي.“


اھڙيءَ طرح پاڪ ڪلام جي اھا ڳالھہ پوري ٿي تہ ”ابراھيم خدا تي ايمان آندو ۽ اھو ايمان ھن لاءِ سچائي ليکيو ويو.“ انھيءَ ڪري ھو خدا جو دوست سڏيو ويو.


ڇا اوھين ائين ٿا سمجھو تہ پاڪ ڪلام جو ائين چوڻ اجايو آھي تہ ”جيڪو پاڪ روح ھن اسان ۾ رھڻ لاءِ وڌو، سو سخت غيرتمند آھي؟“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan