Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




رومين 3:3 - Common Language New Testament

3 پوءِ جيڪڏھن انھن مان ڪن وفاداري نہ ڪئي تہ ڇا انھن جي بيوفائي خدا جي وفا کي بيڪار بڻائيندي؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 ۽ جيڪڏهن ڪن ايمان نہ آندو تہ ڇا ٿيو؟ هنن جي ايمان نہ آڻڻ ڪري خدا جي وفاداري نڪمي ٿي پوندي ڇا؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

3 پوءِ جيڪڏهن انهن مان ڪن بيوفائي ڪئي تہ ڇا ٿيو؟ ڇا انهن جي بيوفائي ايشور جي وفا کي بيڪار بڻائي سگھي ٿي؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

3 پوءِ جيڪڏهن انهن مان ڪن بيوفائي ڪئي تہ ڇا ٿيو؟ ڇا انهن جي بيوفائي خدا جي وفا کي بيڪار بڻائي سگھي ٿي؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




رومين 3:3
19 Iomraidhean Croise  

زمين ۽ آسمان ٽري ويندا پر منھنجو ڪلام ھرگز نہ ٽرندو.“


ھن جي فضل جي گھڻائيءَ جي ڪري اسان سڀني کي بخشش پٺيان بخشش ملي آھي.


پر بني اسرائيل جي سڀني ماڻھن اھا خوشخبري ڌيان ڏيئي نہ ٻڌي، ڇالاءِ⁠جو يسعياہ پاڻ چيو تہ ”اي خداوند! اسان جي پيغام تي ڪنھن ايمان آندو؟“


ڇالاءِ⁠جو خدا جون بخششون ۽ سندس ڪيل چونڊ تبديل ٿيندڙ نہ آھي.


آءٌ ائين نہ ٿو چوان تہ خدا جو واعدو اجايو آھي، ڇالاءِ⁠جو جيڪي اسرائيل جو اولاد آھن، سي سڀ بني اسرائيل نہ آھن


پر اسان جي چھرن تي پردو پيل نہ آھي، تنھنڪري اسين سڀيئي خداوند جي جلال کي آئيني وانگر ڏسندي ڏسندي سندس جلالي صورت ۾ تبديل ٿيندا ٿا وڃون. اھو ڪم خداوند جو آھي جيڪو پاڪ روح آھي.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسان جو فرض آھي تہ اوھان جي لاءِ ھميشہ خدا جو شڪر ڪريون. ھي انھيءَ ڪري مناسب آھي تہ اوھان جو ايمان گھڻو وڌندو ٿو وڃي ۽ اوھان سڀني جي محبت ھڪ ٻئي لاءِ زيادہ ٿيندي وڃي ٿي.


جيڪڏھن اسين بي⁠وفا ٿا ٿيون، تڏھن بہ ھو وفا ڪندو رھندو، ڇالاءِ⁠جو ھو پنھنجو انڪار ڪري نہ ٿو سگھي.“


ڇالاءِ⁠جو اسان کي بہ انھن وانگر ئي خوشخبري ٻڌائي ويئي. پر جيڪو پيغام انھن ٻڌو تنھن کين ڪو فائدو نہ رسايو، ڇاڪاڻ⁠تہ انھن ايمان سان نہ ٻڌو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan