Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 9:4 - Common Language New Testament

4 انھن مڪڙن کي چيو ويو تہ ”زمين جي گاھہ يا ڪنھن سائي شيءِ يا ڪنھن وڻ کي نقصان نہ رسائجو ۽ رڳو انھن ماڻھن کي نقصان رسائجو، جن جي پيشانين تي خدا جي مُھر لڳل نہ ھجي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 ۽ انهن کي چيو ويو تہ زمين جي گاهہ کي، يا ڪنهن سائيءَ شيءِ کي، يا ڪنهن بہ وڻ کي ايذاءُ نہ رسائجو، پر رڳو انهن ماڻهن کي، جن جي پيشانين تي خدا جي مهر نہ هجي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

4 انهيءَ ماڪڙ کي چيو ويو تہ ”ڌرتيءَ جي گاهہ توڙي وڻن کي، بلڪ ڪنهن بہ ساوڪ کي نقصان نہ رسائجو. رڳو انهن ماڻهن کي نقصان رسائجو، جن جي پيشانين تي ايشور جي مُهر لڳل نہ هجي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

4 انهيءَ ماڪڙ کي چيو ويو تہ ”زمين جي گاهہ توڙي وڻن کي، بلڪ ڪنهن بہ ساوڪ کي نقصان نہ رسائجو. رڳو انهن ماڻهن کي نقصان رسائجو، جن جي پيشانين تي خدا جي مُهر لڳل نہ هجي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 9:4
15 Iomraidhean Croise  

ڇالاءِ⁠جو اھڙا ڪوڙا ماڻھو ظاھر ٿيندا جيڪي پاڻ کي مسيح يا نبي سڏائيندا. اھي وڏيون نشانيون ڏيکاريندا ۽ حيرت جھڙا ڪم ڪندا، انھيءَ مقصد لاءِ تہ جيڪڏھن کانئن ٿي سگھي تہ خدا جي چونڊيلن کي بہ گمراھہ ڪن.


انھيءَ سان گڏ خدا جي پاڪ روح کي رنج نہ ڪريو. ڇالاءِ⁠جو اھو روح اوھان تي انھيءَ ڏينھن لاءِ خدا جي مُھر آھي، جنھن ڏينھن تي اوھان جو پوريءَ طرح ڇوٽڪارو ٿيندو.


پوءِ مون ڏٺو تہ گھيٽو صيئون جبل تي بيٺو آھي ۽ ساڻس گڏ ھڪ لک چوئيتاليھہ ھزار ماڻھو آھن، جن جي پيشانين تي ھن جو ۽ سندس پيءُ جو نالو لکيل آھي.


مون ڄڻ تہ چئني ساھوارن جي وچ مان ھي آواز ٻڌو تہ ”ھڪ ڏينھن جي مزوريءَ جي عيوض ھڪ ڪلوگرام ڪڻڪ يا ٽي ڪلوگرام جوَ ملندا. پر زيتون جي تيل ۽ مئي کي زيان نہ ڪر.“


انھيءَ کان پوءِ مون زمين جي چئني ڪنڊن وٽ چار ملائڪ بيٺل ڏٺا، جيڪي زمين جي چئني ھوائن کي روڪيو بيٺا ھئا تہ جيئن زمين، سمنڊ يا ڪنھن بہ وڻ کي ھوا نہ لڳي.


پھرين ملائڪ توتارو وڄايو تہ رت سان گڏيل ڳڙا ۽ باھہ پيدا ٿي ۽ زمين تي اڇلائي ويئي تہ زمين جو ٽيون حصو ۽ وڻن جو ٽيون حصو ۽ سڀ سائو گاھہ سڙي ويو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan