Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 9:1 - Common Language New Testament

1 جڏھن پنجين ملائڪ توتارو وڄايو تہ مون آسمان مان زمين تي ھڪ تارو ڪريل ڏٺو. اُن تاري کي اوڙاھہ واري کڏ جي ڪنجي ڏني ويئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 ۽ پنجين ملائڪ تري وڄائي ۽ مون آسمان مان زمين تي هڪڙو تارو ڪِريل ڏٺو: ۽ انهي کي اوڙاهہ واري کڏ جي ڪنجي ڏني ويئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

1 جڏهن پنجين دوت توتارو وڄايو تہ مون آڪاش مان ڌرتيءَ تي ڪريل هڪ تارو ڏٺو. اُن تاري کي اوڙاهہ واري کڏ جي چاٻي ڏني ويئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

1 جڏهن پنجين ملائڪ توتارو وڄايو تہ مون آسمان مان ڌرتيءَ تي ڪريل هڪ تارو ڏٺو. اُن تاري کي اوڙاهہ واري کڏ جي چاٻي ڏني ويئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 9:1
20 Iomraidhean Croise  

عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”مون شيطان کي وڄ وانگر آسمان مان ڪرندي ڏٺو آھي.


انھن ڀوتن عيسيٰ کي منٿ ڪئي تہ ”اسان کي اوڙاھہ ۾ وڃڻ جو حڪم نہ ڏيو.“


يا ”ائين نہ چئُہ تہ ڪير پاتال ۾ لھي ويندو.“ ان جو مطلب ٿيندو مسيح کي مئلن مان موٽائي آڻڻ.


آءٌ جيئرو آھيان، مري تہ ويو ھوس، پر ڏس آءٌ ھميشہ تائين جيئرو رھندس. موت ۽ عالم ارواح جون ڪنجيون مون وٽ آھن.


اُھي ست تارا جيڪي تو منھنجي ساڄي ھٿ ۾ ڏٺا تن جو ۽ ستن سونن شمعدانن جو راز ھي آھي تہ ست تارا ستن ڪليسيائن جا ملائڪ آھن ۽ ست شمعدان ست ڪليسيائون آھن.“


جڏھن اُھي پنھنجي شاھدي پوري ڪندا، تڏھن ھڪڙو حيوان اوڙاھہ مان نڪرندو، جيڪو ساڻن وڙھندو ۽ مٿن غالب پئي کين ماري وجھندو.


اھو حيوان جيڪو تو ڏٺو، سو اڳي ھو ۽ ھاڻي ڪونھي. پر اوڙاھہ مان نڪري اچڻ تي آھي ۽ پوءِ برباد ٿي ويندو. زمين جا رھاڪو ۽ جن جا نالا دنيا جي شروعات کان وٺي زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آھن، سي انھيءَ حيوان جو حال ڏسي عجب ۾ پئجي ويندا، ڇاڪاڻ⁠تہ اھو حيوان اڳي ھو ۽ ھاڻي ڪونھي پر ھن کان پوءِ ايندو.


اُن کان پوءِ مون ھڪڙي ملائڪ کي آسمان مان ھيٺ لھندي ڏٺو، جنھن جي ھٿ ۾ اوڙاھہ جي ڪنجي ۽ ھڪڙو وڏو زنجير ھو.


پوءِ شيطان جنھن کين گمراھہ ڪيو ھو، سو باھہ ۽ گندرف جي ڍنڍ ۾ اڇلايو ويندو، جتي اھي ٻيئي حيوان اڇلايا ويا ھئا. اُھي رات ڏينھن اُتي ھميشہ ھميشہ تائين عذاب پيا سھندا.


آسمان جا تارا زمين تي ڪري پيا، جيئن زوردار طوفان جي ڪري انجير جي وڻ جو ڪچو ڦل ڪري پوندو آھي.


جڏھن ٽئين ملائڪ توتارو وڄايو تہ ھڪڙو مشعل وانگر ٻرندڙ وڏو تارو آسمان مان دريائن جي ٽئين حصي ۽ پاڻيءَ جي چشمن مٿان ڪري پيو.


چوٿين ملائڪ توتارو وڄايو تہ سج، چنڊ ۽ تارن جي ٽئين حصي کي نقصان پھتو، جنھن ڪري انھن جو ٽيون حصو اونداھو ٿي پيو ۽ ڏينھن ۽ رات جو بہ ٽيون حصو اونداھو ٿي پيو.


پوءِ مون اُھي ست ملائڪ ڏٺا، جيڪي خدا جي آڏو بيٺا ھوندا آھن. انھن کي ست توتارا ڏنا ويا.


ھُن اوڙاھہ واري کڏ کولي تہ اُن مان وڏي کُوري وانگر دونھون نڪرڻ لڳو. انھيءَ کڏ جي دونھين جي ڪري سج ۽ ھوا اونداھا ٿي پيا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan