Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 8:7 - Common Language New Testament

7 پھرين ملائڪ توتارو وڄايو تہ رت سان گڏيل ڳڙا ۽ باھہ پيدا ٿي ۽ زمين تي اڇلائي ويئي تہ زمين جو ٽيون حصو ۽ وڻن جو ٽيون حصو ۽ سڀ سائو گاھہ سڙي ويو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

7 ۽ پهرئين تري وڄائي تہ رت سان گڏيل ڳڙا ۽ باهہ پيدا ٿي، ۽ زمين تي اُڇلائي ويئي: ۽ زمين جون ٽيون حصو سڙي ويو، ۽ سڀ سائو گاهہ بہ سڙي ويو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

7 پهرئين دوت توتارو وڄايو تہ رت سان گڏيل ڳڙا ۽ باهہ پيدا ٿي، جن کي پوري ڌرتيءَ تي اڇلايو ويو تہ سڄي ڌرتيءَ جو ٽيون حصو وڻن توڙي سائي گاهہ سميت سڙي ويو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

7 پهرئين ملائڪ توتارو وڄايو تہ رت سان گڏيل ڳڙا ۽ باهہ پيدا ٿي، جن کي پوري ڌرتيءَ تي اڇلايو ويو تہ سڄي ڌرتيءَ جو ٽيون حصو وڻن توڙي سائي گاهہ سميت سڙي ويو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 8:7
29 Iomraidhean Croise  

ھن ڪري جو سج اڀرڻ سان جھولو شروع ٿئي ٿو ۽ اھو گاھہ کي سڪائي ٿو ڇڏي. گاھہ جو گل ڇڻيو پوي ۽ سندس خوبصورتي ختم ٿيو وڃي. ساڳيءَ طرح دولتمند ماڻھو بہ پنھنجو ڌنڌو ڪندي ڪندي زوال ھيٺ اچي ويندو.


جيئن پاڪ ڪلام چوي ٿو تہ ”سڀ انسان گاھہ وانگر آھن، ۽ انھن جو سمورو شان گاھہ جي گل وانگر آھي. گاھہ سڪي وڃي ٿو ۽ گل ڪري ٿو پوي.


انھيءَ جي پڇ آسمان جي تارن جو ٽيون حصو ڇڪي زمين تي ڪيرائي وڌو. ازدھا انھيءَ عورت جي اڳيان وڃي بيھي رھيو، جيڪا ٻار ڄڻڻ تي ھئي تہ جنھن مھل ھوءَ ٻار ڄڻي تہ سندس ٻار کي ڳڙڪائي ڇڏي.


پھرين ملائڪ وڃي پنھنجو پيالو زمين جي مٿان ھاريو تہ جن ماڻھن تي انھيءَ حيوان جو نشان ھو ۽ جيڪي سندس بت جي پوڄا ڪندا ھئا، تن کي گندا ۽ ناسوري ڦٽ ٿي پيا.


ماڻھن تي آسمان مان وڏا ڳڙا وسڻ لڳا، جن مان ھر ھڪ جو وزن اٽڪل چاليھہ ڪلوگرام ھو. انھن ڳڙن جي آفت جي ڪري ماڻھو خدا جي خلاف ڪفر بڪڻ لڳا، ڇالاءِ⁠جو اھا آفت ڏاڍي سخت ھئي.


۽ مون کي پيلي رنگ جو گھوڙو نظر آيو. اُن جي سوار جو نالو موت آھي ۽ عالم ارواح سندس پٺيان پئي آيو. موت ۽ عالم ارواح کي زمين جي چوٿين حصي تي اھو اختيار ڏنو ويو تہ جنگ، ڏڪار، بيماريءَ ۽ زمين جي جھنگلي جانورن سان ماڻھن کي ماري ڇڏين.


انھيءَ کان پوءِ مون زمين جي چئني ڪنڊن وٽ چار ملائڪ بيٺل ڏٺا، جيڪي زمين جي چئني ھوائن کي روڪيو بيٺا ھئا تہ جيئن زمين، سمنڊ يا ڪنھن بہ وڻ کي ھوا نہ لڳي.


پوءِ انھن چئني ملائڪن کي ڇوڙيو ويو تہ جيئن انسانن جي ٽئين حصي کي ماري ڇڏين. اُھي ملائڪ ان خاص مھل، ڏينھن، مھيني ۽ سال جي لاءِ تيار ڪيا ويا ھئا.


اُھي ٽيئي آفتون يعني باھہ، دونھون ۽ گندرف جيڪي گھوڙن جي منھن مان پئي نڪتيون، تن انسانن جو ٽيون حصو ماري ڇڏيو.


انھن مڪڙن کي چيو ويو تہ ”زمين جي گاھہ يا ڪنھن سائي شيءِ يا ڪنھن وڻ کي نقصان نہ رسائجو ۽ رڳو انھن ماڻھن کي نقصان رسائجو، جن جي پيشانين تي خدا جي مُھر لڳل نہ ھجي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan