Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 8:3 - Common Language New Testament

3 ھڪڙو ٻيو ملائڪ آيو، جنھن جي ھٿ ۾ سونو خوشبودان ھو. اھو قربان⁠گاھہ وٽ اچي بيٺو ۽ کيس گھڻو لوبان ڏنو ويو، تہ جيئن خدا جي سڄي قوم جي دعائن سان گڏ انھيءَ سوني قربان⁠گاھہ تي چاڙھي جيڪا تخت جي اڳيان ھئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 ۽ ٻيو ملائڪ آيو، ۽ هڪڙو سونو خوشبودان کڻي قربانگاهہ تي اچي بيٺو، ۽ کيس گهڻو لوبان ڏنو ويو، تہ جيڪا سوني قربانگاهہ تخت جي اڳيان هئي، تنهن تي سڀني پاڪ ٿيلن جي دعائن سان گڏ چاڙهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

3 هڪڙو ٻيو دوت جنهن جي هٿ ۾ سونو خوشبودان هو، سو اچي ٻليدان واري جاءِ وٽ بيٺو. کيس گھڻو لوبان ڏنو ويو، تہ جيئن مسيح ۾ چونڊي سڀني پوِتر ڪيلن جي پرارٿنائن سان گڏ هو اهو ان سوني لوبان‌دان تي ٻاري جيڪو تخت جي اڳيان هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

3 هڪڙو ٻيو ملائڪ جنهن جي هٿ ۾ سونو خوشبودان هو، سو اچي قربان‌گاهہ وٽ بيٺو. کيس گھڻو لوبان ڏنو ويو، تہ جيئن مسيح ۾ چونڊي سڀني پاڪ ڪيلن جي دعائن سان گڏ هو اهو ان سوني لوبان‌دان تي ٻاري جيڪو تخت جي اڳيان هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 8:3
32 Iomraidhean Croise  

لوبان ٻارڻ وقت ماڻھن جي سڄي ميڙ ٻاھران پئي دعا گھري.


پوءِ ڪير آھي جو اسان کي ڏوھدار بڻائيندو؟ جڏھن تہ عيسيٰ مسيح خود اسان جي خاطر مئو، بلڪ مئلن مان وري جيئرو ٿي اٿيو. ھو خدا جي ساڄي پاسي آھي ۽ اسان جي شفاعت پيو ڪري.


انھيءَ ڪري ئي جيڪي سندس وسيلي خدا جي طرف ٿا اچن، تن کي ھو پوريءَ طرح بچائي ٿو سگھي، ڇالاءِ⁠جو انھن جي شفاعت لاءِ ھو ھميشہ جيئرو آھي.


انھيءَ ۾ لوبان ساڙڻ واري سوني قربان⁠گاھہ ھئي ۽ چئني پاسن کان سون سان مڙھيل عھد واري صندوق رکيل ھئي. انھيءَ صندوق ۾ مَنَ سان ڀريل ھڪ سونو ٿانءُ، ھارون جي لٺ جنھن مکڙيون جھليون ھيون ۽ عھدنامي جون پٿريليون تختيون ھيون.


پوءِ مون ھڪڙي زورآوار ملائڪ کي آسمان مان لھندي ڏٺو، جيڪو ڪڪر سان ڍڪيل ھو ۽ سندس مٿي تي انڊلٺ ھئي. ھن جو منھن سج جھڙو ھو ۽ سندس ٽنگون باھہ جي ٿنڀن جھڙيون ھيون.


پوءِ ھڪڙو ٻيو بہ ملائڪ قربان⁠گاھہ مان نڪتو، جنھن کي باھہ تي اختيار ھو. ھن تکي ڏاٽي واري ملائڪ کي وڏي آواز سان چيو تہ ”پنھنجو تکو ڏاٽو ھلاءِ ۽ زمين جي ڊاک جا ڇڳا گڏ ڪر، ڇالاءِ⁠جو ڊاک بلڪل پچي راس ٿي ويئي آھي.“


جڏھن ھن ڪتاب ورتو تہ اُھي چارئي ساھوارا ۽ چوويھہ بزرگ انھيءَ گھيٽي جي پيرن تي ڪري پيا. انھن مان ھر ھڪ وٽ ھڪڙو تنبورو ھو ۽ لوبان سان ڀريل سونا پيالا ھئا. اُھي خدا جي قوم جون دعائون آھن.


جڏھن گھيٽي پنجين مُھر ٽوڙي تڏھن مون قربان⁠گاھہ جي ھيٺان انھن جا روح ڏٺا، جيڪي خدا جي ڪلام ۽ ان جي شاھديءَ تي قائم رھڻ سبب قتل ڪيا ويا ھئا.


پوءِ مون ھڪ ٻئي ملائڪ کي زندہ خدا جي مُھر کنيو اڀرندي کان مٿي ايندي ڏٺو ۽ جن چئن ملائڪن کي اھو اختيار ڏنو ويو ھو تہ اھي زمين ۽ سمنڊ کي نقصان رسائين، تن کي انھيءَ ملائڪ وڏي آواز سان چيو تہ


اھو لوبان جو دونھون خدا جي قوم جي دعائن سان گڏ انھيءَ ملائڪ جي ھٿان مٿي ويو، جيڪو خدا جي آڏو بيٺو آھي.


پوءِ ملائڪ اھو خوشبودان کڻي، انھيءَ کي قربان⁠گاھہ جي باھہ سان ڀري زمين تي اڇلائي ڇڏيو، جنھن تي گجگوڙون، آواز ۽ کنوڻيون ٿيڻ لڳيون ۽ زلزلو آيو.


جڏھن ڇھين ملائڪ توتارو وڄايو تہ مون ھڪڙو آواز ٻڌو. اھو آواز انھيءَ سوني قربان⁠گاھہ جي سڱن وارين چئني ڪنڊن کان اچي رھيو ھو، جيڪا خدا جي آڏو رکيل ھئي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan