Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 8:10 - Common Language New Testament

10 جڏھن ٽئين ملائڪ توتارو وڄايو تہ ھڪڙو مشعل وانگر ٻرندڙ وڏو تارو آسمان مان دريائن جي ٽئين حصي ۽ پاڻيءَ جي چشمن مٿان ڪري پيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 ۽ ٽئين ملائڪ تري وڄائي تہ هڪڙو وڏو تارو، مشعل وانگر ٻرندڙ، آسمان مان ڪِري پيو، ۽ ندين جي ٽئين حصي مٿان ۽ پاڻيءَ جي چشمن جي مٿان اچي پيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

10 جڏهن ٽئين دوت توتارو وڄايو تہ مشعل وانگر ٻرندڙ هڪڙو وڏو تارو آڪاش مان دريائن جي ٽئين حصي ۽ پاڻيءَ جي چشمن مٿان ڪري پيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

10 جڏهن ٽئين ملائڪ توتارو وڄايو تہ مشعل وانگر ٻرندڙ هڪڙو وڏو تارو آسمان مان دريائن جي ٽئين حصي ۽ پاڻيءَ جي چشمن مٿان ڪري پيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 8:10
21 Iomraidhean Croise  

”انھيءَ ڏينھن آسمان واري بادشاھت ڏھن ڪنوارين ڇوڪرين وانگر ھوندي، جيڪي پنھنجون ڏياٽيون کڻي گھوٽ کي وٺڻ لاءِ ٻاھر ويون.


عيسيٰ انھن کي چيو تہ ”مون شيطان کي وڄ وانگر آسمان مان ڪرندي ڏٺو آھي.


اِھي سمنڊ جون بي⁠قابو ڇوليون آھن، جيڪي پنھنجي بي⁠شرميءَ جي گَج ٿيون اڇلائين. ھو ڀٽڪندڙ تارا آھن، جن لاءِ ھميشہ گھُگھُہ اوندھہ رکي ويئي آھي.


اُھي ست تارا جيڪي تو منھنجي ساڄي ھٿ ۾ ڏٺا تن جو ۽ ستن سونن شمعدانن جو راز ھي آھي تہ ست تارا ستن ڪليسيائن جا ملائڪ آھن ۽ ست شمعدان ست ڪليسيائون آھن.“


انھيءَ جي پڇ آسمان جي تارن جو ٽيون حصو ڇڪي زمين تي ڪيرائي وڌو. ازدھا انھيءَ عورت جي اڳيان وڃي بيھي رھيو، جيڪا ٻار ڄڻڻ تي ھئي تہ جنھن مھل ھوءَ ٻار ڄڻي تہ سندس ٻار کي ڳڙڪائي ڇڏي.


ھُن وڏي آواز سان چيو تہ ”خدا کان ڊڄو ۽ سندس تعريف ڪريو، ڇالاءِ⁠جو عدالت جو وقت اچي پھتو آھي. انھيءَ جي عبادت ڪريو، جنھن آسمان، زمين، سمنڊ ۽ پاڻيءَ جا چشما پيدا ڪيا آھن.“


جڏھن ٽئين ملائڪ پنھنجو پيالو دريائن ۽ پاڻيءَ جي چشمن جي مٿان ھاريو تہ انھن جو پاڻي رت ٿي پيو.


آسمان جا تارا زمين تي ڪري پيا، جيئن زوردار طوفان جي ڪري انجير جي وڻ جو ڪچو ڦل ڪري پوندو آھي.


پھرين ملائڪ توتارو وڄايو تہ رت سان گڏيل ڳڙا ۽ باھہ پيدا ٿي ۽ زمين تي اڇلائي ويئي تہ زمين جو ٽيون حصو ۽ وڻن جو ٽيون حصو ۽ سڀ سائو گاھہ سڙي ويو.


جڏھن پنجين ملائڪ توتارو وڄايو تہ مون آسمان مان زمين تي ھڪ تارو ڪريل ڏٺو. اُن تاري کي اوڙاھہ واري کڏ جي ڪنجي ڏني ويئي.


پوءِ انھن چئني ملائڪن کي ڇوڙيو ويو تہ جيئن انسانن جي ٽئين حصي کي ماري ڇڏين. اُھي ملائڪ ان خاص مھل، ڏينھن، مھيني ۽ سال جي لاءِ تيار ڪيا ويا ھئا.


اُھي ٽيئي آفتون يعني باھہ، دونھون ۽ گندرف جيڪي گھوڙن جي منھن مان پئي نڪتيون، تن انسانن جو ٽيون حصو ماري ڇڏيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan