Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 7:9 - Common Language New Testament

9 انھن ڳالھين کان پوءِ مون کي ھڪ وڏو ميڙ نظر آيو، جيڪو ھر قوم، قبيلي، امت ۽ ھر ٻوليءَ مان ھو ۽ جنھن کي ڪوبہ شمار ڪري نہ ٿي سگھيو. اُھي پاڪ صاف پھراڻ پايو، کجيءَ جون ٽاريون ھٿن ۾ کنيو، ان تخت ۽ گھيٽي جي اڳيان بيٺا ھئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 انهن ڳالهين کانپوءِ مون نهاريو ۽ ڏٺو تہ هرهڪ قوم، ۽ قبيلي، ۽ اُمت، ۽ ٻوليءَ جو هڪڙو وڏو ميڙاڪو آهي، جنهن کي ڪوبہ ماڻهو شمار ڪري نٿي سگهيو، ۽ جي اڇا ڪپڙا ڍڪيو، ۽ کجين جون ٽاريون هٿن ۾ کنيو، تخت جي اڳيان ۽ گهيٽي جي اڳيان بيٺا آهن؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

9 انهن ڳالهين کان پوءِ ڇا ڏسان تہ هڪ وڏو ميڙ آهي، جنهن کي ڪوبہ ڳڻي نہ ٿي سگھيو! اهو هر قوم، قبيلي، ذات ۽ هر ٻوليءَ مان هو. اهي اڇو جبو پايو، کجيءَ جون ٽاريون هٿن ۾ کنيو، ان تخت ۽ گھيٽڙي جي اڳيان بيٺا هئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

9 انهن ڳالهين کان پوءِ ڇا ڏسان تہ هڪ وڏو ميڙ آهي، جنهن کي ڪوبہ ڳڻي نہ ٿي سگھيو! اهو هر قوم، قبيلي، ذات ۽ هر ٻوليءَ مان هو. اهي اڇو جبو پايو، کجيءَ جون ٽاريون هٿن ۾ کنيو، ان تخت ۽ گھيٽڙي جي اڳيان بيٺا هئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 7:9
41 Iomraidhean Croise  

ايتري ۾ ھزارين ماڻھن جا ميڙ اچي مڙيا، جيڪي ھڪٻئي تي ڳاھٽ پئي ٿيا. تڏھن عيسيٰ خاص طرح پنھنجن شاگردن کي چيو تہ ”فريسين جو خميرو، جيڪو رياڪاري آھي، تنھن کان ھوشيار ٿجو.


ھر وقت سجاڳ رھو ۽ دعا گھرو تہ اھي ڳالھيون جيڪي ٿيڻيون آھن، شل انھن کان بچڻ جي توفيق مليوَ ۽ ابن⁠آدم جي حضوريءَ ۾ بيھي سگھو.“


سو انھن کجيءَ جون ٽاريون ھٿن ۾ کنيون ۽ ساڻس ملڻ لاءِ اڳڀرو ويا ۽ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”خدا جي واکاڻ ھجي! سڳورو آھي اھو، جيڪو خداوند جي نالي سان ٿو اچي! بني اسرائيل جو بادشاھہ مبارڪ، مبارڪ!“


اي منھنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! ھڪ ڳجھو راز آھي. آءٌ سمجھان ٿو تہ اھو اوھان کي ڄاڻڻ گھرجي، شايد اھو اوھان کي فخر ڪرڻ کان بچائي. اھو راز ھيئن آھي تہ بني اسرائيل ۾ ڪجھہ سنگدلي پيدا ٿي آھي. پر اھا رڳو ايستائين رھندي جيستائين سڀ غير قومون خدا ڏانھن ڦري پون.


تنھنڪري خدا جا سڀ ھٿيار ٻڌو، تہ جيئن برائيءَ جي ڏينھن ۾ مقابلو ڪري سگھو ۽ سڀ ڪجھہ ڪرڻ کان پوءِ بہ مضبوطيءَ سان قائم رھو.


اھڙيءَ طرح ھڪڙي اھڙي شخص مان جيڪو تمام پيرسن ھو، آسمان جي تارن جيترا ۽ سمنڊ جي ڪناري جي واريءَ جيترا بيشمار ماڻھو پيدا ٿيا.


پر اوھين صيئون جبل تي زندہ خدا جي شھر، يعني آسماني يروشلم وٽ ۽ ملائڪن جي بيشمار لشڪر وٽ آيا آھيو.


جڏھن ستين ملائڪ توتارو وڄايو تہ آسمان تي وڏا آواز ٿيڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا تہ ”اسان جي خداوند ۽ سندس مسيح جي دنيا تي بادشاھت قائم ٿي ويئي آھي ۽ ھو ھميشہ ھميشہ تائين بادشاھي ڪندو رھندو.“


اڳتي وري ڪابہ لعنت ڪانہ ھوندي. انھيءَ شھر ۾ خدا ۽ گھيٽي جو تخت ھوندو ۽ سندس ٻانھا ھن جي عبادت ڪندا.


تنھنڪري آءٌ اوھان کي صلاح ٿو ڏيان تہ باھہ ۾ صاف ٿيل نج سون مون کان خريد ڪريو تہ دولتمند ٿيو ۽ پاڪ صاف پوشاڪ بہ وٺو تہ پنھنجي اوگھڙ ڍڪي سگھو ۽ شرمسار نہ ٿيو. پنھنجي اکين لاءِ سرمو وٺو تہ ڏسي سگھو.


انھيءَ تخت جي چوڌاري چوويھہ تخت ٻيا بہ ھئا ۽ انھن تختن تي مون چوويھہ بزرگ ويٺل ڏٺا، جن کي نوراني پوشاڪ پھريل ھئي ۽ انھن جي مٿن تي سونا تاج ھئا.


ڏسندي ڏسندي مون تخت، ساھوارن ۽ بزرگن جي چوڌاري تمام گھڻن ملائڪن جا آواز ٻڌا، انھن جو تعداد لکن ۽ ڪروڙن ۾ ھو.


پوءِ اُھي ھڪڙو نئون گيت ڳائڻ لڳا تہ ”تون ئي اھو ڪتاب وٺڻ ۽ ان جي مُھرن ٽوڙڻ جي لائق آھين. ڇالاءِ⁠جو تون ڪُٺو ويو ھئين، ۽ سڀ ڪنھن قبيلي، ٻوليءَ، امت ۽ قوم منجھان، ماڻھن کي تو پنھنجي رت سان خدا جي لاءِ خريد ڪيو آھي.


انھن مان ھر ھڪ کي پاڪ صاف پھراڻ ڏنو ويو ۽ کين چيو ويو تہ ”اوھين اڃا ٿوري وقت تائين آرام ڪريو، جيستائين اوھان سان گڏ خدمت ڪندڙ ۽ اوھان جي ڀائرن ۽ ڀينرن جو تعداد پورو نہ ٿئي، جيڪي اوھان وانگر قتل ڪيا ويندا.“


زبولون جي قبيلي مان ٻارھن ھزارن تي، يوسف جي قبيلي مان ٻارھن ھزارن تي، ۽ بنيامين جي قبيلي مان ٻارھن ھزارن تي مُھر لڳي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan