Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 7:3 - Common Language New Testament

3 ”جيستائين اسين پنھنجي خدا جي ٻانھن جي پيشانين تي مُھر نہ ھڻون، تيستائين اوھين نہ زمين، نہ سمنڊ ۽ نڪي وڻن کي نقصان رسايو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 جيسين اسين پنهنجي خدا جي ٻانهن کي سندن پيشانين تي مهر نہ هڻون، تيسين اوهين نہ زمين کي، نہ سمنڊ کي، نڪي وڻن کي نقصان رسايو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

3 ”جيستائين اسين پنهنجي ايشور جي داسن جي پيشانين تي مُهر نہ هڻون، تيستائين اوهين نہ ڌرتيءَ، نڪي سمنڊ ۽ نہ وري وڻن کي نقصان رسائجو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

3 ”جيستائين اسين پنهنجي خدا جي ٻانهن جي پيشانين تي مُهر نہ هڻون، تيستائين اوهين نہ زمين، نڪي سمنڊ ۽ نہ وري وڻن کي نقصان رسائجو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 7:3
31 Iomraidhean Croise  

سو جيڪڏھن انھن ڏينھن جو مدو گھٽايو نہ وڃي ھا تہ جيڪر ڪوبہ بچي نہ سگھي ھا، پر خدا جي چونڊيلن خاطر انھن ڏينھن جو مدو گھٽايو ويندو.


تڏھن ناد جي وڏي آواز سان وڄندي ئي ھو ملائڪن کي ڌرتيءَ جي چئني ڪنڊن ڏانھن موڪليندو، تہ جيئن اھي دنيا جي ھڪ ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين خدا جي چونڊيلن کي آڻي گڏ ڪن.“


جيڪو منھنجي خدمت ڪرڻ چاھي سو منھنجي پٺيان اچي، تہ جيئن جتي آءٌ آھيان اتي منھنجو خدمتگار بہ ھجي. منھنجو پيءُ انھيءَ جي عزت ڪندو جيڪو منھنجي خدمت ڪندو.“


جنھن بہ ماڻھوءَ اھا شاھدي قبول ڪئي، تنھن ڄڻ اھا تصديق ڪئي تہ خدا سچو آھي.


پر ھاڻي اوھين گناھن کان آزاد ڪيا ويا آھيو ۽ خدا جا غلام ٿيا آھيو، جنھن جو اجر اوھان جي پاڪائي آھي ۽ جنھن جو نتيجو آھي دائمي زندگي.


ھن سڀني ننڍن ۽ وڏن، دولتمندن ۽ غريبن، آزادن ۽ غلامن کي سندن ساڄي ھٿ يا پيشانيءَ تي ھڪڙو نشان ھڻائي ڇڏيو.


ڪوبہ شخص نہ ڪا شيءِ خريد ڪري ٿي سگھيو ۽ نہ وڪڻي ٿي سگھيو، جيستائين ان تي اھو نشان نہ ھجي، يعني انھيءَ حيوان جو نالو يا سندس نالي جو عدد.


پوءِ مون ڏٺو تہ گھيٽو صيئون جبل تي بيٺو آھي ۽ ساڻس گڏ ھڪ لک چوئيتاليھہ ھزار ماڻھو آھن، جن جي پيشانين تي ھن جو ۽ سندس پيءُ جو نالو لکيل آھي.


انھن جي پٺيان ھڪڙو ٽيون ملائڪ آيو ۽ وڏي آواز سان چوڻ لڳو تہ ”جيڪڏھن ڪو ماڻھو انھيءَ حيوان يا سندس بت جي پوڄا ڪندو ۽ پنھنجي پيشانيءَ يا ھٿ تي سندس نشان ھڻائيندو،


ڇالاءِ⁠جو ھن جا فيصلا سچا ۽ صحيح آھن. ھُن انھيءَ مشھور ڪسبياڻيءَ جو انصاف ڪيو، جنھن پنھنجي زناڪاريءَ سان دنيا کي خراب ڪري ڇڏيو ھو. خدا ھن کان پنھنجي ٻانَھن جي خون جو بدلو ورتو.“


پوءِ مون تخت ڏٺا ۽ جيڪي انھن تي ويٺا ھئا، تن کي انصاف ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو. مون انھن جي روحن کي بہ ڏٺو، جن جون سسيون عيسيٰ جي شاھدي ڏيڻ ۽ خدا جي ڪلام ٻڌائڻ جي ڪري لاٿيون ويون ھيون. ھنن نہ انھيءَ حيوان ۽ سندس بت جي پوڄا ڪئي ۽ نڪي ان جو نشان پنھنجي پيشانيءَ ۽ ھٿ تي ھڻايو. اھي وري جيئرا ٿيا ۽ مسيح سان گڏ ھزار سالن تائين بادشاھي ڪندا رھيا.


اُھي ھن جو منھن ڏسندا ۽ سندس نالو ھنن جي پيشانيءَ تي لکيل ھوندو.


مون ڄڻ تہ چئني ساھوارن جي وچ مان ھي آواز ٻڌو تہ ”ھڪ ڏينھن جي مزوريءَ جي عيوض ھڪ ڪلوگرام ڪڻڪ يا ٽي ڪلوگرام جوَ ملندا. پر زيتون جي تيل ۽ مئي کي زيان نہ ڪر.“


انھيءَ کان پوءِ مون زمين جي چئني ڪنڊن وٽ چار ملائڪ بيٺل ڏٺا، جيڪي زمين جي چئني ھوائن کي روڪيو بيٺا ھئا تہ جيئن زمين، سمنڊ يا ڪنھن بہ وڻ کي ھوا نہ لڳي.


پوءِ مون ھڪ ٻئي ملائڪ کي زندہ خدا جي مُھر کنيو اڀرندي کان مٿي ايندي ڏٺو ۽ جن چئن ملائڪن کي اھو اختيار ڏنو ويو ھو تہ اھي زمين ۽ سمنڊ کي نقصان رسائين، تن کي انھيءَ ملائڪ وڏي آواز سان چيو تہ


انھن مڪڙن کي چيو ويو تہ ”زمين جي گاھہ يا ڪنھن سائي شيءِ يا ڪنھن وڻ کي نقصان نہ رسائجو ۽ رڳو انھن ماڻھن کي نقصان رسائجو، جن جي پيشانين تي خدا جي مُھر لڳل نہ ھجي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan