Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 7:11 - Common Language New Testament

11 سڀيئي ملائڪ ان تخت، انھن بزرگن ۽ چئني ساھوارن جي چوڌاري بيھي رھيا ۽ تخت جي اڳيان منھن ڀر ڪري خدا کي سجدو ڪري

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 ۽ سڀيئي ملائڪ انهي تخت، ۽ بزرگن، ۽ چئن جاندارن جي چوڌاري بيهي رهيا ۽ تخت جي اڳيان جهُڪي خدا کي سجدو ڪرڻ لڳا،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

11 سڀيئي دوت ان تخت، انهن مهاتمائن ۽ چئني ساهوارن جي چوڌاري بيهي رهيا ۽ تخت جي اڳيان منهن ڀر ڪري ايشور آڏو سيس نوائي

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

11 سڀيئي ملائڪ ان تخت، انهن بزرگن ۽ چئني ساهوارن جي چوڌاري بيهي رهيا ۽ تخت جي اڳيان منهن ڀر ڪري خدا کي سجدو ڪري

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 7:11
16 Iomraidhean Croise  

تنھن تي عيسيٰ ورندي ڏنس تہ ”اي شيطان! ٽري وڃ، ڇالاءِ⁠جو لکيل آھي تہ ’خداوند پنھنجي خدا کي سجدو ڪر ۽ رڳو انھيءَ جي ئي عبادت ڪر.‘“


تہ جيئن سڀيئي ماڻھو فرزند جي اھڙي نموني عزت ڪن جھڙي نموني پيءُ جي عزت ڪن ٿا. جيڪو بہ فرزند جي عزت نہ ٿو ڪري سو ڄڻ پيءُ جي عزت نہ ٿو ڪري جنھن کيس موڪليو آھي.


وري جڏھن خدا پنھنجي پھريتي کي دنيا ۾ آڻي ٿو تڏھن چوي ٿو تہ ”خدا جا سڀ ملائڪ ھن کي سجدو ڪن.“


پوءِ اُھي چوويھہ بزرگ جيڪي خدا جي آڏو پنھنجي پنھنجي تخت تي ويٺا ھئا، سي منھن ڀر ڪري خدا کي سجدو ڪري


اي خداوند! تو کان ڪير نہ ڊڄندو؟ تنھنجي نالي جي واکاڻ ڪير نہ ڪندو؟ ڇالاءِ⁠جو رڳو تون ئي پاڪ آھين. سڀيئي قومون اچي تنھنجي اڳيان سجدو ڪنديون، ڇالاءِ⁠جو تنھنجي انصاف جا ڪم ظاھر ٿيا آھن.“


پر ھن چيو تہ ”ڏس، متان ائين ڪرين. آءٌ تو سان، ٻين نبين سان ۽ ھن ڪتاب جي ڳالھين تي عمل ڪرڻ وارن سان گڏ خدمت ڪرڻ وارو آھيان. رڳو خدا کي سجدو ڪر.“


تڏھن اھي چوويھہ بزرگ منھن ڀر ڪري انھيءَ کي سجدو ٿا ڪن، جيڪو تخت تي ويٺو آھي ۽ ھميشہ زندہ رھندو. اُھي سجدو ڪري پنھنجا تاج ان تخت جي اڳيان رکن ٿا ۽ ڳائي چون ٿا تہ


انھيءَ تخت جي چوڌاري چوويھہ تخت ٻيا بہ ھئا ۽ انھن تختن تي مون چوويھہ بزرگ ويٺل ڏٺا، جن کي نوراني پوشاڪ پھريل ھئي ۽ انھن جي مٿن تي سونا تاج ھئا.


تخت جي اڳيان بلور جھڙو ڄڻ تہ ھڪڙو شيشي جو سمنڊ ھو. تخت جي چوڌاري چئني پاسن تي چار ساھوارا ھئا، جن کي اڳيان توڙي پٺيان اکيون ئي اکيون ھيون.


انھن چئني ساھوارن مان ھر ھڪ کي ڇھہ پر ھئا ۽ چوڌاري ٻاھر توڙي اندر اکين سان ڀريا پيا ھئا. اھي رات ڏينھن سدائين پيا ڳائين تہ ”قدوس، قدوس، قدوس، خداوند خدا قادرِمطلق، جيڪو آھي، جيڪو ھو ۽ جيڪو اچڻ وارو آھي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan