Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 7:10 - Common Language New Testament

10 اُھي وڏي آواز سان چوڻ لڳا تہ ”ڇوٽڪارو اسان جي خداوند جي طرفان آھي، جيڪو تخت تي ويٺو آھي، ۽ گھيٽي جي طرفان بہ.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 ۽ اهي وڏي آواز سان چوڻ لڳا تہ اسان جو خدا جو تخت تي ويٺو آهي، تنهن وٽان ۽ گهيٽي وٽان نجات آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

10 اهي وڏي آواز سان چوڻ لڳا تہ ”مڪتي تخت تي ويٺل اسان جي ايشور جي طرفان ۽ گھيٽڙي جي طرفان آهي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

10 اهي وڏي آواز سان چوڻ لڳا تہ ”ڇوٽڪارو تخت تي ويٺل اسان جي خدا جي طرفان ۽ گھيٽڙي جي طرفان آهي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 7:10
26 Iomraidhean Croise  

ساري انسانذات خدا جو ڇوٽڪارو ڏسندي.‘“


ٻئي ڏينھن تي يحيٰ عيسيٰ کي پاڻ ڏانھن ايندي ڏسي چيو تہ ”ڏسو، ھي خدا جو گھيٽو آھي، جيڪو دنيا جا گناھہ کڻي وڃي ٿو.


تہ اتي ھن عيسيٰ کي لنگھندي ڏٺو. تنھن تي ھن عيسيٰ ڏانھن نھاري چيو تہ ”ڏسو، اھو اٿوَ خدا جو گھيٽو.“


اوھين سامري انھيءَ جي عبادت ڪريو ٿا جنھن کي اوھين نہ ٿا سڃاڻو. اسين يھودي انھيءَ جي عبادت ڪريون ٿا جنھن کي اسين ڄاڻون ٿا، ڇالاءِ⁠جو يھودين منجھان ئي ڇوٽڪارو آھي.


ڇالاءِ⁠جو خدا جي فضل جي ڪري ئي اوھان کي ايمان جي وسيلي ڇوٽڪارو مليو آھي. اھو اوھان جي ڪوششن جي ڪري نہ آھي، بلڪ خدا جي بخشش آھي،


پوءِ مون آسمان مان ھڪڙو وڏو آواز ٻڌو، جنھن چيو تہ ”ھاڻي اسان جي خدا جو ڇوٽڪارو، قدرت ۽ بادشاھت ۽ سندس مسيح جي اختياري آئي آھي. ڇالاءِ⁠جو اسان جي ڀائرن ۽ ڀينرن تي الزام ھڻڻ وارو، جيڪو رات ڏينھن اسان جي خدا جي آڏو مٿن الزام ھڻي رھيو ھو، سو ھيٺ اڇلايو ويو آھي.


انھن ڳالھين کان پوءِ مون آسمان ۾ ھڪ وڏي ميڙ جھڙو وڏو آواز ٻڌو، جنھن چيو تہ ”خداوند خدا جي تعريف. ڇوٽڪارو، جلال ۽ قدرت اسان جي خدا جي آھي.


جيڪو تخت تي ويٺو ھو، تنھن چيو تہ ”ڏس، آءٌ سڀني شين کي نئون ٿو ڪريان.“ ھن چيو تہ ”لک، ڇالاءِ⁠جو اھي ڳالھيون سچيون ۽ اعتبار جوڳيون آھن.“


اڳتي وري ڪابہ لعنت ڪانہ ھوندي. انھيءَ شھر ۾ خدا ۽ گھيٽي جو تخت ھوندو ۽ سندس ٻانھا ھن جي عبادت ڪندا.


تخت جي اڳيان بلور جھڙو ڄڻ تہ ھڪڙو شيشي جو سمنڊ ھو. تخت جي چوڌاري چئني پاسن تي چار ساھوارا ھئا، جن کي اڳيان توڙي پٺيان اکيون ئي اکيون ھيون.


گھيٽو آيو ۽ جيڪو تخت تي ويٺو ھو، تنھن جي ساڄي ھٿ مان ڪتاب ورتائين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan