Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 6:4 - Common Language New Testament

4 ايتري ۾ ٻيو گھوڙو نڪتو جيڪو ڳاڙھو ھو. ان جي سوار کي ھي اختيار ڏنو ويو تہ ھو زمين تي صلح کي رھڻ نہ ڏئي، تہ جيئن ماڻھو ھڪٻئي کي ماري ڇڏين. انھيءَ مقصد لاءِ ھن کي ھڪ وڏي تلوار ڏني ويئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 ۽ ٻيو گهوڙو نڪتو، جو ڳاڙهو هو: ۽ جيڪو مٿس سوار هو، تنهن کي اهو اختيار ڏنو ويو تہ سندس ڪري زمين تان صلح ويندو رهي ۽ ماڻهو هڪٻئي کي قتل ڪن: ۽ کيس هڪڙي وڏي ترار ڏني ويئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

4 ايتري ۾ هڪ ٻيو گھوڙو نڪتو جيڪو باهہ جهڙو ڳاڙهو هو. ان جي سوار کي هڪ وڏي تلوار ڏيئي اهو اختيار ڏنو ويو تہ هو ڌرتيءَ تان صلح وَ شانتي کڻي وٺي، تہ جيئن ماڻهو هڪٻئي جو رت وهائين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

4 ايتري ۾ هڪ ٻيو گھوڙو نڪتو جيڪو باهہ جهڙو ڳاڙهو هو. ان جي سوار کي هڪ وڏي تلوار ڏيئي اهو اختيار ڏنو ويو تہ هو ڌرتيءَ تان صلح وَ سلامتي کڻي وٺي، تہ جيئن ماڻهو هڪٻئي جو رت وهائين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 6:4
17 Iomraidhean Croise  

”ائين نہ سمجھو تہ آءٌ دنيا ۾ صلح ڪرائڻ آيو آھيان. منھنجي ڪري صلح نہ پر تلوار ھلندي.


اوھين جنگين جون ڳالھيون ۽ جنگين جا افواھہ ٻڌندا پر گھٻرائجو نہ، ڇالاءِ⁠جو پھريائين اھي ڳالھيون ضرور ٿينديون، پر اڃا اھا پڄاڻي نہ آھي.


عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪڏھن تو کي خدا جي طرفان اھو اختيار مليل نہ ھجي ھا تہ تنھنجو ڪو زور مون تي نہ ھلي ھا. سو جنھن ماڻھوءَ مون کي تنھنجي حوالي ڪيو آھي سو وڏو ڏوھدار آھي.“


ان سان گڏ آسمان ۾ ھڪڙو ٻيو بہ نشان نظر آيو، يعني ھڪڙو وڏو ڳاڙھو ازدھا، جنھن کي ست مٿا ۽ ڏھہ سڱ ھئا، سندس مٿن تي ست تاج ھئا.


جيڪڏھن ڪو قيد ٿيڻو آھي تہ اھو قيد ۾ ويندو ۽ جيڪڏھن ڪو تلوار سان قتل ٿيڻو آھي تہ اھو تلوار سان قتل ڪيو ويندو. اھو آھي خدا جي قوم جو صبر ۽ ايمان.


اھو ملائڪ مون کي رويا جي حالت ۾ بيابان ڏانھن وٺي ويو. اُتي مون ھڪڙي عورت ڏٺي، جيڪا ڳاڙھي رنگ جي حيوان تي ويٺي ھئي. انھيءَ حيوان کي ست مٿا ۽ ڏھہ سڱ ھئا ۽ سڄو ڪفر جي نالن سان ڀريو پيو ھو.


مون انھيءَ عورت کي خدا جي قوم وارن جي رت ۽ عيسيٰ جي شھيدن جو رت پيئڻ سان الوٽ ڏٺو. آءٌ انھيءَ عورت کي ڏسي ڏاڍو حيران ٿي ويس.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan