Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 6:2 - Common Language New Testament

2 مون ڏٺو تہ ھڪڙو اڇو گھوڙو نظر آيو ۽ ان جي سوار وٽ تيرڪمان ھئا. کيس ھڪڙو تاج ڏنو ويو ۽ ھو فاتح جي انداز ۾ نڪتو تہ جيئن وڌيڪ فتح ڪري.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 ۽ مون نهاريو ۽ ڏٺو تہ هڪڙو اڇو گهوڙو آهي، ۽ جيڪو انهي تي سوار هو تنهن وٽ هڪڙي ڪمان هئي؛ ۽ انهي کي هڪڙو تاج ڏنو ويو: ۽ هو فتح ڪندو، ۽ وڌيڪ فتح ڪرڻ لاءِ نڪتو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

2 تڏهن ڇا ڏسان تہ هڪڙو اڇو گھوڙو بيٺو آهي! ان جي سوار وٽ تيرڪمان هو ۽ کيس هڪڙو تاج پارايو ويو. ائين هو سوڀاري جي حيثيت ۾ سوڀ حاصل ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

2 تڏهن ڇا ڏسان تہ هڪڙو اڇو گھوڙو بيٺو آهي! ان جي سوار وٽ تيرڪمان هو ۽ کيس هڪڙو تاج پارايو ويو. ائين هو فاتح جي حيثيت ۾ فتح حاصل ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 6:2
22 Iomraidhean Croise  

عيسيٰ ويجھو اچي انھن سان ڳالھائيندي چيو تہ ”مون کي زمين ۽ آسمان جون سڀيئي اختياريون مليل آھن.


ڇالاءِ⁠جو مسيح کي تيستائين حڪمراني ڪرڻي آھي، جيستائين خدا سڀني دشمنن کي سندس قدمن ھيٺان نہ ڪري.


جڏھن ستين ملائڪ توتارو وڄايو تہ آسمان تي وڏا آواز ٿيڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا تہ ”اسان جي خداوند ۽ سندس مسيح جي دنيا تي بادشاھت قائم ٿي ويئي آھي ۽ ھو ھميشہ ھميشہ تائين بادشاھي ڪندو رھندو.“


قومن کي ڪاوڙ لڳي ۽ تنھنجو غضب نازل ٿيو. اھو وقت اچي ويو آھي، جڏھن مري ويلن جو انصاف ٿيندو. تنھنجي ٻانھن، يعني نبين ۽ چونڊيلن، ۽ ننڍن توڙي وڏن، جيڪي تنھنجي نالي کان ڊڄن ٿا، تن کي سندن اجر ڏنو ويندو، ۽ جيڪي دنيا کي برباد ڪن ٿا، تن کي برباد ڪيو ويندو.“


پوءِ مون نھاريو تہ مون کي ھڪ تجليدار ڪڪر نظر آيو ۽ انھيءَ ڪڪر تي ابن⁠آدم جھڙو ھڪڙو شخص ويٺل ھو، جنھن جي مٿي تي سونو تاج ھو ۽ ھٿ ۾ ھڪڙو تکو ڏاٽو ھوس.


مون ھڪڙو شيشي جھڙو سمنڊ ڏٺو، جنھن ۾ باھہ گڏيل ھئي ۽ جيڪي انھيءَ حيوان، سندس بت ۽ سندس نالي جي عدد تي غالب پيا ھئا سي خدا جا ڏنل تنبورا کنيو انھيءَ شيشي جي سمنڊ وٽ بيٺا ھئا.


اُھي گھيٽي سان جنگ ڪندا، پر گھيٽو مٿن غالب پوندو، ڇالاءِ⁠جو ھو خداوندن جو خداوند ۽ بادشاھن جو بادشاھہ آھي ۽ جيڪي ھن جا سڏيل، چونڊيل ۽ وفادار آھن سي بہ مٿن غالب پوندا.“


آسمان جون فوجون اڇن گھوڙن تي سوار، اڇيون، پاڪ صاف ۽ عمديون پوشاڪون پھري، سندس پٺيان پئي آيون.


جيڪو غالب پوندو تنھن کي آءٌ پاڻ سان گڏ تخت تي ويھاريندس، جھڙيءَ طرح آءٌ پاڻ غالب پيس ۽ پنھنجي پيءُ سان گڏ سندس تخت تي ويٺس.


اھي مڪڙ ائين نظر اچي رھيا ھئا، جھڙا جنگ لاءِ تيار ڪيل گھوڙا. انھن جي مٿن تي ڄڻ تہ سون جھڙا تاج ھئا ۽ سندن منھن انسانن جھڙا ھئا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan