Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 6:1 - Common Language New Testament

1 پوءِ مون ڏٺو تہ جڏھن گھيٽي انھن ستن مُھرن مان ھڪ کي ٽوڙيو، تڏھن انھن چئن ساھوارن مان ھڪڙي کي گجگوڙ جھڙي آواز سان چوندي ٻڌم تہ ”اچ.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 ۽ مون ڏٺو تہ جڏهن گهيٽي انهن ستن مهرن مان هڪڙي کولي، تڏهن انهن چئني جاندارن مان هڪڙي کي گجگوڙ جهڙي آواز سان چوندو ٻُڌم تہ ”اچ.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

1 پوءِ مون ڏٺو تہ جڏهن گھيٽڙي انهن ستن مُهرن مان هڪ کي ٽوڙيو، تڏهن انهن چئن ساهوارن مان هڪڙي کي گجگوڙ جهڙي آواز سان چوندي ٻڌم تہ ”اچ.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

1 پوءِ مون ڏٺو تہ جڏهن گھيٽڙي انهن ستن مُهرن مان هڪ کي ٽوڙيو، تڏهن انهن چئن ساهوارن مان هڪڙي کي گجگوڙ جهڙي آواز سان چوندي ٻڌم تہ ”اچ.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 6:1
17 Iomraidhean Croise  

ٻئي ڏينھن تي يحيٰ عيسيٰ کي پاڻ ڏانھن ايندي ڏسي چيو تہ ”ڏسو، ھي خدا جو گھيٽو آھي، جيڪو دنيا جا گناھہ کڻي وڃي ٿو.


ڇالاءِ⁠جو اھو ناممڪن آھي تہ اسين اھي ڳالھيون نہ ٻڌايون جيڪي اسان ڏٺيون ۽ ٻڌيون آھن.“


خدا جو ھيڪل جيڪو آسمان ۾ آھي، سو کوليو ويو ۽ ھيڪل ۾ عھد جي صندوق نظر آئي ۽ پوءِ کنوڻيون، آواز ۽ گجگوڙون ٿيڻ لڳيون، زلزلو آيو ۽ وڏا ڳڙا پيا.


زمين جا سڀيئي رھاڪو سندس پوڄا ڪندا، سواءِ انھن جي جن جا نالا دنيا جي شروعات کان وٺي زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آھن، جيڪو ڪُٺل گھيٽي جو آھي.


مون آسمان مان ھڪڙو آواز ٻڌو، جيڪو زور سان وھندڙ پاڻيءَ ۽ گجگوڙ جي آواز جھڙو ھو. اھو آواز تنبورن وارن جو ھو، جن ڄڻ تہ تنبورا پئي وڄايا.


پوءِ مون ھڪڙي وڏي ميڙ جھڙو آواز ٻڌو، جيڪو زور سان وھندڙ پاڻيءَ جي آواز ۽ گجگوڙن جي آواز جھڙو ھو، جنھن چيو تہ ”خداوند خدا جي تعريف، ڇالاءِ⁠جو خداوند اسان جو خدا جيڪو قادرِمطلق آھي، سو بادشاھي ٿو ڪري.


انھن چئني ساھوارن مان ھر ھڪ کي ڇھہ پر ھئا ۽ چوڌاري ٻاھر توڙي اندر اکين سان ڀريا پيا ھئا. اھي رات ڏينھن سدائين پيا ڳائين تہ ”قدوس، قدوس، قدوس، خداوند خدا قادرِمطلق، جيڪو آھي، جيڪو ھو ۽ جيڪو اچڻ وارو آھي.“


پوءِ مون تخت تي ويٺل جي ساڄي ھٿ ۾ ھڪڙو ڪتاب ڏٺو، جيڪو اندران ۽ ٻاھران لکيل ھو. اھو ستن مُھرن سان بند ٿيل ھو.


اُھي وڏي آواز سان ڳائي رھيا ھئا تہ ”گھيٽو جو ڪٺو ويو آھي، سو ئي قدرت، دولت، حڪمت، طاقت، عزت، جلال ۽ تعريف جي لائق آھي.“


جڏھن ھن ڪتاب ورتو تہ اُھي چارئي ساھوارا ۽ چوويھہ بزرگ انھيءَ گھيٽي جي پيرن تي ڪري پيا. انھن مان ھر ھڪ وٽ ھڪڙو تنبورو ھو ۽ لوبان سان ڀريل سونا پيالا ھئا. اُھي خدا جي قوم جون دعائون آھن.


جڏھن گھيٽي ٻي مُھر ٽوڙي تہ مون ٻئي ساھواري کي چوندي ٻڌو تہ ”اچ.“


جڏھن گھيٽي ٽئين مُھر ٽوڙي تہ مون ٽئين ساھواري کي چوندي ٻڌو تہ ”اچ“ ۽ مون ڏٺو تہ ھڪڙو ڪارو گھوڙو نظر آيو. ان جي سوار جي ھٿ ۾ تارازي ھئي.


جڏھن گھيٽي چوٿين مُھر ٽوڙي تہ مون چوٿين ساھواري کي ھي چوندي ٻڌو تہ ”اچ،“


جڏھن گھيٽي ستين مُھر ٽوڙي تہ اٽڪل اڌ ڪلاڪ تائين آسمان ۾ ماٺ ٿي ويئي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan