Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 5:5 - Common Language New Testament

5 تڏھن بزرگن مان ھڪڙي مون کي چيو تہ ”روءُ نہ، ڏس، ھو يھوداہ قبيلي جو شينھن جيڪو دائود جي نسل مان آھي ۽ غالب پيو آھي، سو ئي انھيءَ ڪتاب کي کولي ۽ ستن ئي مُھرن کي ٽوڙي ٿو سگھي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 تڏهن بزرگن مان هڪڙي مون کي چيو تہ روءُ نہ: ڏس، هو شينهن، جو يهوداهہ جي قبيلي جو آهي، ۽ دائود جي نسل مان آهي، سو ئي غالب پيو آهي ۽ اهو ڪتاب ۽ انهي جون ست مهرون کولي ٿو سگهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

5 تڏهن مهاتمائن مان هڪڙي مون کي چيو تہ ”روءُ نہ. ڏس، هو يهوداہ قبيلي جو شينهن جيڪو راجا دائود جي پيڙهيءَ مان آهي، سو ئي سوڀارو ٿيڻ ڪري انهن ستن مُهرن کي ٽوڙڻ ۽ انهيءَ ويڙهوٽي کي کولڻ جي لائق آهي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

5 تڏهن بزرگن مان هڪڙي مون کي چيو تہ ”روءُ نہ. ڏس، هو يهوداہ قبيلي جو شينهن جيڪو دائود جي نسل مان آهي، سو ئي فتحياب ٿيڻ ڪري انهن ستن مُهرن کي ٽوڙڻ ۽ انهيءَ ويڙهوٽي کي کولڻ جي لائق آهي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 5:5
25 Iomraidhean Croise  

عيسيٰ ڦري ھنن کي چيو تہ ”اي يروشلم جون نياڻيون! منھنجي لاءِ نہ روئو، پر پنھنجي لاءِ ۽ پنھنجن ٻچن لاءِ روئو،


جڏھن خداوند ان رن⁠زال کي ڏٺو، تڏھن کيس مٿس ڪھل آئي، سو چيائينس تہ ”روءُ نہ.“


انھن پڇيس تہ ”اي مائي! روئين ڇو ٿي؟“ ھُن وراڻيو تہ ”اھي منھنجي خداوند کي کڻي ھليا ويا آھن ۽ خبر ئي ڪانھي تہ کيس ڪٿي وڃي رکيو اٿن.“


اھا خوشخبري سندس فرزند، يعني اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح بابت آھي، جيڪو جسماني لحاظ کان تہ دائود جي نسل مان پيدا ٿيو،


وري يسعياہ نبي بہ چوي ٿو تہ ”يشيءَ جي اولاد مان ڪو ايندو، يعني ھو غير قومن تي حڪومت ڪرڻ لاءِ ايندو ۽ اھي ھن ۾ اميد رکنديون.“


ڇالاءِ⁠جو اھا ڳالھہ صاف ظاھر آھي تہ اسان جو خداوند يھوداہ قبيلي مان آھي، جنھن قبيلي بابت موسيٰ ڪاھنن جي باري ۾ ڪجھہ ڪونہ چيو.


ھن ڪتاب ۾ انھن ڳالھين جو بيان آھي، جيڪي عيسيٰ مسيح ظاھر ڪيون. اھو مڪاشفو خدا ھن کي انھيءَ لاءِ ڏنو تہ پنھنجي ٻانھن کي اھي ڳالھيون ڏيکاري جيڪي جلد ٿيڻ واريون آھن. مسيح پنھنجي ملائڪ جي وسيلي پنھنجي غلام يوحنا تي اھي ڳالھيون ظاھر ڪيون.


عيسيٰ چيو تہ ”مون عيسيٰ، پنھنجو ملائڪ انھيءَ لاءِ موڪليو آھي تہ ڪليسيائن کي انھن ڳالھين جي شاھدي ڏئي. آءٌ دائود جي نسل ۽ خاندان مان آھيان ۽ صبح جو چمڪندڙ تارو آھيان.“


جيڪو غالب پوندو تنھن کي آءٌ پاڻ سان گڏ تخت تي ويھاريندس، جھڙيءَ طرح آءٌ پاڻ غالب پيس ۽ پنھنجي پيءُ سان گڏ سندس تخت تي ويٺس.


تڏھن اھي چوويھہ بزرگ منھن ڀر ڪري انھيءَ کي سجدو ٿا ڪن، جيڪو تخت تي ويٺو آھي ۽ ھميشہ زندہ رھندو. اُھي سجدو ڪري پنھنجا تاج ان تخت جي اڳيان رکن ٿا ۽ ڳائي چون ٿا تہ


انھيءَ تخت جي چوڌاري چوويھہ تخت ٻيا بہ ھئا ۽ انھن تختن تي مون چوويھہ بزرگ ويٺل ڏٺا، جن کي نوراني پوشاڪ پھريل ھئي ۽ انھن جي مٿن تي سونا تاج ھئا.


آءٌ زاروزار روئڻ لڳس جو ڪوبہ انھيءَ ڪتاب کي کولڻ يا اُن ۾ نھارڻ جي لائق نہ نڪتو.


پوءِ مون ڏٺو تہ جڏھن گھيٽي انھن ستن مُھرن مان ھڪ کي ٽوڙيو، تڏھن انھن چئن ساھوارن مان ھڪڙي کي گجگوڙ جھڙي آواز سان چوندي ٻڌم تہ ”اچ.“


انھن بزرگن مان ھڪڙي مون کان پڇيو تہ ”جيڪي پاڪ صاف پھراڻ پايو بيٺا آھن، اُھي ڪير آھن ۽ ڪٿان آيا آھن؟“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan