Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 3:2 - Common Language New Testament

2 اوھين سجاڳ ٿيو ۽ جيڪي شيون اوھان وٽ باقي آھن تن کي سوگھو جھليو، ڇالاءِ⁠جو اھي ناس ٿيڻ تي آھن. مون اوھان جي ڪنھن بہ ڪم کي پنھنجي خدا جي آڏو پورو ٿيل نہ ڏٺو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 تون سجاڳ ٿي جيڪي شيون باقي رهيل آهن، ۽ نيست ٿيڻ تي آهن، تن کي قائم ڪر: ڇالاءِ جو مون تنهنجا ڪي بہ ڪم پنهنجي خدا جي اڳيان پورا ٿيل نہ ڏٺا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

2 اوهين سجاڳ ٿيو ۽ جيڪي ڪجھہ اوهان وٽ باقي بچيو آهي ۽ ناس ٿيڻ تي آهي تنهن کي مضبوط ڪريو، ڇاڪاڻ تہ مون اوهان جي ڪنهن بہ عمل کي پنهنجي ايشور جي آڏو پورو نہ ڏٺو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

2 اوهين سجاڳ ٿيو ۽ جيڪي ڪجھہ اوهان وٽ باقي بچيو آهي ۽ ناس ٿيڻ تي آهي تنهن کي مضبوط ڪريو، ڇاڪاڻ تہ مون اوهان جي ڪنهن بہ عمل کي پنهنجي خدا جي آڏو پورو نہ ڏٺو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 3:2
31 Iomraidhean Croise  

ھو پنھنجا سڀ ڪم ماڻھن کي ڏيکارڻ لاءِ ٿا ڪن. انھيءَ ڪري ھو پنھنجون تسبيحون وڏيون ٿا ڪن ۽ وڏا جبا پائين ٿا.


تنھنڪري اوھين بہ سجاڳ رھجو، ڇاڪاڻ⁠تہ اوھين انھيءَ ڏينھن يا وقت کي نہ ٿا ڄاڻو.“


تڏھن اُھي ڇوڪريون اُٿيون ۽ پنھنجون ڏياٽيون ٺيڪ ڪرڻ لڳيون.


ڪجھہ وقت اتي رھڻ کان پوءِ ھو اتان روانو ٿي گلتيا ۽ فروگيا جي علائقن مان لنگھندو سڀني شاگردن کي ھمتائيندو ويو.


سڀني شين جو خاتمو جلد ٿيڻ وارو آھي. تنھنڪري اوھين ھوشيار رھو ۽ دعا گھرڻ لاءِ سجاڳ ٿيو.


ھوشيار ۽ سجاڳ رھو. اوھان جو دشمن شيطان گجندڙ شينھن وانگر چوڌاري گھمي وجھہ پيو ڳولي تہ ڪنھن کي ڦاڙي کائي.


ڏسو، آءٌ ائين پيو اچان، جيئن چور ايندو آھي. سڀاڳو آھي اھو جيڪو سجاڳ ٿو رھي ۽ پنھنجي پوشاڪ جي سنڀال ٿو ڪري، تہ جيئن اگھاڙو نہ ٿئي ۽ ماڻھو سندس اوگھڙ نہ ڏسن.


پر اوھان جي باري ۾ آءٌ ايترو چوندس تہ اوھان مون سان پھريون پيار ڇڏي ڏنو آھي.


”سرديس واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانھن لک تہ جنھن وٽ خدا جا ست روح ۽ ست تارا آھن، سو ھيئن چوي ٿو تہ آءٌ اوھان جي ڪمن کي ڄاڻان ٿو. ماڻھو اوھان کي جيئرو سمجھندا آھن، پر اوھين تہ مئل آھيو.


تنھنڪري جيڪي اوھان کي مليو آھي ۽ جيڪي ٻڌو اٿوَ، تنھن تي عمل ڪريو ۽ توبھہ⁠تائب ٿيو. جيڪڏھن اوھين سجاڳ نہ ٿيندا تہ آءٌ چور وانگر ايندس ۽ اوھان کي خبر ئي ڪانہ پوندي تہ ڪھڙي وقت اچي اوھان جي مٿان ڪڙڪندس.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan