Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 3:12 - Common Language New Testament

12 جيڪو غالب پوندو، تنھن کي آءٌ ھيڪل جو ھڪ ٿنڀو بڻائيندس. اھو ھيڪل کان ڪڏھن بہ ٻاھر نہ نڪرندو. آءٌ پنھنجي خدا جو نالو ۽ پنھنجي خدا جي شھر، يعني نئين يروشلم جو نالو ۽ خود پنھنجو نالو انھيءَ شخص تي لکندس. اھو شھر منھنجي خدا وٽان آسمان کان ھيٺ لھي ايندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 جيڪو غالب پوندو تنهن کي آئون پنهنجي خدا جي هيڪل ۾ ٿنڀ وانگر ڪندس، ۽ هو وري اُتان ڪڏهن بہ ٻاهر ڪين نڪرندو: آئون انهي تي پنهنجي خدا جو نالو ۽ پنهنجي خدا جي شهر جو نالو، يعني نئون يروشلم، جو منهنجي خدا وٽان آسمان مان لهي هيٺ ايندو، ۽ خود پنهنجو نئون نالو لکندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

12 جيڪو آزمائشن تي حاوي پوندو، تنهن کي آءٌ پنهنجي ايشور جي هيڪل جو اهڙو ٿنڀو بڻائيندس جيڪو اتي هميشہ تائين قائم رهندو. آءٌ انهيءَ تي پنهنجي ايشور جو نالو ۽ پنهنجي ايشور جي شهر، يعني انهيءَ نئين يروشلم جو نالو اڪريندس، جيڪو منهنجي ايشور وٽان آڪاش کان هيٺ لهي اچڻ وارو آهي. آءٌ پنهنجو نئون نالو بہ انهيءَ ٿنڀي تي اڪريندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

12 جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو، تنهن کي آءٌ پنهنجي خدا جي هيڪل جو اهڙو ٿنڀو بڻائيندس جيڪو اتي هميشہ تائين قائم رهندو. آءٌ انهيءَ تي پنهنجي خدا جو نالو ۽ پنهنجي خدا جي شهر، يعني انهيءَ نئين يروشلم جو نالو اڪريندس، جيڪو منهنجي خدا وٽان آسمان کان هيٺ لهي اچڻ وارو آهي. آءٌ پنهنجو نئون نالو بہ انهيءَ ٿنڀي تي اڪريندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 3:12
26 Iomraidhean Croise  

اھي چانديءَ جو سڪو وٽس کڻي آيا، تڏھن عيسيٰ پڇين تہ ”ھيءَ ڪنھن جي مُھر ۽ اکر آھن؟“ انھن جواب ڏنو تہ ”قيصر جا.“


يعقوب، پطرس ۽ يوحنا جيڪي ڪليسيا جا ٿنڀا ليکيا ويندا ھئا، تن کي جڏھن معلوم ٿيو تہ مون کي خدمت جي توفيق ڏني ويئي آھي تڏھن انھن برنباس ۽ مون سان ساڄو ھٿ ملائي پاڻ سان شريڪ ڪيو. پوءِ ٺاھہ ٿيو تہ اسين غير يھودين ڏانھن ۽ ھو يھودين ڏانھن وڃن.


جنھن کان آسمان ۾ ۽ زمين تي، ايمان وارن جي سموري خاندان کي نالو ٿو ملي.


پر اوھين صيئون جبل تي زندہ خدا جي شھر، يعني آسماني يروشلم وٽ ۽ ملائڪن جي بيشمار لشڪر وٽ آيا آھيو.


ڇالاءِ⁠جو ھتي اسان جو ڪو قائم رھڻ وارو شھر ڪونھي، بلڪ اسين اھڙي شھر جي ڳولا ۾ آھيون جيڪو اچڻ وارو آھي.


پيارا ٻارؤ! اوھين خدا جا آھيو ۽ انھن نبي سڏائيندڙن تي فتحياب ٿيا آھيو، ڇالاءِ⁠جو جيڪو اوھان ۾ آھي سو انھيءَ کان وڌيڪ طاقتور آھي جيڪو دنيا ۾ آھي.


پوءِ مون ڏٺو تہ گھيٽو صيئون جبل تي بيٺو آھي ۽ ساڻس گڏ ھڪ لک چوئيتاليھہ ھزار ماڻھو آھن، جن جي پيشانين تي ھن جو ۽ سندس پيءُ جو نالو لکيل آھي.


اُھي گھيٽي سان جنگ ڪندا، پر گھيٽو مٿن غالب پوندو، ڇالاءِ⁠جو ھو خداوندن جو خداوند ۽ بادشاھن جو بادشاھہ آھي ۽ جيڪي ھن جا سڏيل، چونڊيل ۽ وفادار آھن سي بہ مٿن غالب پوندا.“


جنھن کي ڪن آھن سو ٻڌي تہ پاڪ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي. جيڪو غالب پوندو تنھن کي ٻئي موت جو ايذاءُ نہ رسندو.“


جنھن کي ڪن آھن سو ٻڌي تہ پاڪ روح ڪليسيائن کي ڇا ٿو چوي. جيڪو غالب پوندو تنھن کي آءٌ لڪل مَنَ مان ڪجھہ ڏيندس ۽ ھڪڙو تجليدار پٿر بہ ڏيندوسانس. انھيءَ پٿر تي ھڪڙو نئون نالو لکيل ھوندو، جنھن کي ٻيو ڪوبہ نہ ڄاڻيندو سواءِ انھيءَ جي جنھن کي ملندو.“


جنھن کي ڪن آھن سو ٻڌي تہ پاڪ روح ڪليسيا کي ڇا ٿو چوي. جيڪو غالب پوندو تنھن کي آءٌ زندگيءَ جي انھيءَ وڻ جو ميوو کائڻ لاءِ ڏيندس جيڪو بھشت ۾ آھي.“


مون پاڪ شھر، يعني نئون يروشلم خدا وٽان آسمان مان ھيٺ لھندي ڏٺو. اھو انھيءَ ڪنوار وانگر تيار ڪيو ويو ھو، جيڪا پنھنجي گھوٽ لاءِ سينگاري ويندي آھي.


اُھي ھن جو منھن ڏسندا ۽ سندس نالو ھنن جي پيشانيءَ تي لکيل ھوندو.


جيڪو غالب پوندو، تنھن کي اھڙيءَ طرح پاڪ صاف ڪپڙا پھرايا ويندا. آءٌ سندس نالو زندگيءَ جي ڪتاب مان اصل ڪونہ ڪڍندس، بلڪ آءٌ پنھنجي پيءُ ۽ سندس ملائڪن جي اڳيان اقرار ڪندس تہ اھو شخص منھنجو آھي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan