Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 3:1 - Common Language New Testament

1 ”سرديس واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانھن لک تہ جنھن وٽ خدا جا ست روح ۽ ست تارا آھن، سو ھيئن چوي ٿو تہ آءٌ اوھان جي ڪمن کي ڄاڻان ٿو. ماڻھو اوھان کي جيئرو سمجھندا آھن، پر اوھين تہ مئل آھيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 ۽ سرديس واريءَ ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن لک تہ جنهن وٽ خدا جا ست روح آهن ۽ ست تارا آهن، سو هيئن ٿو چوي تہ مون کي تنهنجن ڪمن جي خبر آهي، ۽ تنهنجي نالي چوندا آهن تہ تون جيئرو آهين، پر آهين مُئل.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

1 هن مون کي سرديس واري وشواسي منڊليءَ جي دوت ڏانهن اهو لکڻ لاءِ چيو تہ جنهن وٽ ايشور جون ست آتمائون ۽ ست تارا آهن، سو تنهنجي منڊليءَ وارن کي فرمائي ٿو تہ ”آءٌ اوهان جي عملن کي ڄاڻان ٿو. ماڻهو اوهان کي آتما جي لحاظ کان جيوت سمجھن ٿا، پر اوهين تہ مئل آهيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

1 هن مون کي سرديس واري ڪليسيا جي ملائڪ ڏانهن اهو لکڻ لاءِ چيو تہ جنهن وٽ خدا جا ست روح ۽ ست تارا آهن، سو تنهنجي ڪليسيا وارن کي فرمائي ٿو تہ ”آءٌ اوهان جي عملن کي ڄاڻان ٿو. ماڻهو اوهان کي روح جي لحاظ کان جيئرو سمجھن ٿا، پر اوهين تہ مئل آهيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 3:1
30 Iomraidhean Croise  

ڇالاءِ⁠جو منھنجو ھي پٽ مري ويو ھو ۽ ھاڻي وري جيئرو ٿيو آھي. ھو گم ٿي ويو ھو ۽ ھاڻي وري مليو آھي.‘ پوءِ اھي خوشيون ملھائڻ لڳا.


پر اسان کي تہ شادمانو ۽ خوشي ملھائڻي ھئي، ڇاڪاڻ⁠تہ تنھنجو ڀاءُ، جيڪو مري ويو ھو سو ھاڻي جيئرو ٿيو آھي، جيڪو وڃائجي ويو ھو سو ھاڻي لڌو آھي.‘“


ھن جي فضل جي گھڻائيءَ جي ڪري اسان سڀني کي بخشش پٺيان بخشش ملي آھي.


مون اڃا تائين بہ کيس نہ سڃاتو ھو، پر خدا جنھن مون کي پاڻيءَ سان بپتسما ڏيڻ لاءِ موڪليو آھي تنھن مون کي چيو تہ ’تون جنھن ماڻھوءَ تي روح کي لھندو ۽ ويھندو ڏسين سو ئي اٿيئي جيڪو ماڻھن کي پاڪ روح سان بپتسما ڏيندو.‘


ھن ائين چئي مٿن ڦوڪيو ۽ چيائين تہ ”وٺو ھي پاڪ روح.


جنھن کي خدا موڪليو آھي سو خدا جا لفظ ڳالھائي ٿو، ڇالاءِ⁠جو خدا کيس پنھنجو روح بي⁠حساب عطا ڪري ٿو.


ھو خدا جي ساڄي پاسي ڏانھن سربلند ڪيو ويو آھي ۽ سندس پيءُ جي ڪيل واعدي موجب کيس پاڪ روح مليو آھي. ھن خدا جي اھا بخشش ھينئر اسان تي نازل ڪئي آھي، جنھن جو اثر اوھين ھاڻي ڏسو ۽ ٻڌو ٿا.


گذريل وقت ۾ اوھين پنھنجين نافرمانين ۽ گناھن جي ڪري مئل ھئا.


اسان کي مسيح سان گڏ جيئرو ڪيو، جڏھن تہ اسين اڃا ڏوھن جي ڪري مئل ھئاسين. خدا جي فضل جي ڪري ئي اوھين بچي ويا آھيو.


جڏھن اوھين پنھنجي گناھن جي ڪري ۽ پنھنجي گناھن سان ڀريل فطرت جي اڻ⁠طھريل ھجڻ ڪري مئل ھئا، تڏھن خدا اوھان کي مسيح سان گڏ جيئرو ڪيو. ھن اسان جا سڀيئي گناھہ بخشي ڇڏيا،


پر جيڪا رن⁠زال عيش عشرت ۾ ٿي گذاري، سا جيئري ئي مئل آھي.


تنھنڪري جيئن روح کان سواءِ بدن مئل آھي، تيئن عمل کان سواءِ ايمان بہ مئل آھي.


اھي کوجنا ۾ ھئا تہ مسيح جو روح، جيڪو منجھن ھو تنھن ڪھڙي وقت ۽ حالتن ڏانھن اشارو ڪري اڳڪٿي ٿي ڪئي تہ مسيح ڏک سھندو ۽ پوءِ جلال حاصل ڪندو.


ھي بدڪار ماڻھو اوھان جي محبت ڀرين مجلسن لاءِ نقصانڪار آھن، جيڪي بنا ڪنھن ڊپ⁠ڊاءَ جي رڳو پنھنجي پيٽ ڀرڻ لاءِ اوھان سان گڏ کائين پيئن ٿا. اِھي بي⁠آب ڪڪر آھن، جن کي ھوائون کنيو اُڏائينديون وتن. اِھي سرءُ جا وڻ آھن جيڪي پوريءَ طرح مئل آھن، يعني بي⁠ڦل ۽ پاڙؤن پٽيل آھن.


جنھن چيو تہ ”جيڪي تون ڏسين ٿو، سو ڪتاب ۾ لک ۽ اھو ستن ئي ڪليسيائن ڏانھن ڏياري موڪل، يعني اِفسس، سمرنا، پرگمن، ٿواتيرہ، سرديس، فلدلفيا ۽ لوديڪيا ڏانھن.“


ھن جي ساڄي ھٿ ۾ ست تارا ھئا ۽ وات مان ھڪڙي ٻہ⁠منھين تلوار ٿي نڪتس ۽ سندس شڪل چمڪندڙ سج جھڙي ھئي.


اُھي ست تارا جيڪي تو منھنجي ساڄي ھٿ ۾ ڏٺا تن جو ۽ ستن سونن شمعدانن جو راز ھي آھي تہ ست تارا ستن ڪليسيائن جا ملائڪ آھن ۽ ست شمعدان ست ڪليسيائون آھن.“


ھي پيغام يوحنا جي طرفان ايشيا پرڳڻي جي ستن ڪليسيائن ڏانھن آھي. شال اوھان تي انھيءَ جو فضل ۽ اطمينان ھجي، جيڪو آھي، جيڪو ھو ۽ جيڪو اچڻو آھي. اھي برڪتون اوھان ڏانھن انھن ستن روحن وٽان بہ آھن جيڪي خدا جي تخت جي اڳيان آھن،


مون کي خبر آھي تہ اوھين ڪٿي ٿا رھو، يعني اتي جتي شيطان جو تخت آھي. اوھين منھنجي نالي تي قائم آھيو ۽ اوھان انھن ڏينھن ۾ بہ مون تي ايمان آڻڻ نہ ڇڏيو، جڏھن اوھان منجھان منھنجو وفادار شاھد انتيپاس ان جاءِ تي ماريو ويو جتي شيطان رھي ٿو.


سو چوي ٿو تہ مون کي اوھان جي ڪمن، اوھان جي پيار ۽ ايمان، خدمت ۽ صبر جي خبر آھي. آءٌ اھو بہ ڄاڻان ٿو تہ اوھان جا پويان ڪم پھرين کان وڌيڪ آھن.


مون کي اوھان جي ڪمن، اوھان جي محنت ۽ صبر جي خبر آھي ۽ اھو بہ ڄاڻان ٿو تہ اوھين بڇڙائي ڪندڙن کي برداشت ڪري نہ ٿا سگھو. جيڪي پاڻ کي رسول ٿا سڏائين پر آھن ڪين، تن کي اوھان آزمائي ڏٺو تہ اھي ڪوڙا نڪتا.


مون کي اوھان جي مصيبت ۽ غريبيءَ جي خبر آھي، پر اوھين دولتمند آھيو. جيڪي اوھان جي گلا پيا ڪن تن کي بہ آءٌ ڄاڻان ٿو. اُھي پاڻ کي يھودي ٿا سڏائين پر آھن ڪين، اھي شيطان جو ٽولو آھن.


مون کي اوھان جي ڪمن جي خبر آھي. اوھين نہ ٿڌا آھيو نڪي گرم، اوھين ٿڌا يا گرم ھجو ھا تہ چڱو ٿئي ھا.


اوھين سجاڳ ٿيو ۽ جيڪي شيون اوھان وٽ باقي آھن تن کي سوگھو جھليو، ڇالاءِ⁠جو اھي ناس ٿيڻ تي آھن. مون اوھان جي ڪنھن بہ ڪم کي پنھنجي خدا جي آڏو پورو ٿيل نہ ڏٺو.


مون کي اوھان جي ڪمن جي خبر آھي ۽ ڄاڻان ٿو تہ اوھان ۾ ٿوري طاقت آھي. اوھان منھنجي ڪلام تي عمل ڪيو ۽ منھنجي نالي کان انڪار ڪين ڪيو. سو مون اوھان جي اڳيان ھڪڙو دروازو کولي ڇڏيو آھي، جنھن کي ڪوبہ بند ڪري نہ ٿو سگھي.


انھيءَ تخت مان کوڻيون، آواز ۽ گجگوڙون پئي نڪتيون. تخت جي اڳيان ست باھہ جا مشعل پئي ٻريا، جيڪي خدا جا ست روح آھن.


مون انھيءَ تخت ۽ چئن ساھوارن ۽ انھن بزرگن جي وچ ۾ ھڪڙو گھيٽو بيٺل ڏٺو، جنھن کي ڄڻ تہ ڪُٺو ويو ھو. انھيءَ کي ست سڱ ۽ ست اکيون ھيون. اُھي خدا جا ست روح آھن جيڪي ساري جھان ۾ موڪليا ويا آھن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan