Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 22:3 - Common Language New Testament

3 اڳتي وري ڪابہ لعنت ڪانہ ھوندي. انھيءَ شھر ۾ خدا ۽ گھيٽي جو تخت ھوندو ۽ سندس ٻانھا ھن جي عبادت ڪندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 ۽ اڳتي وري ڪابہ لعنت ڪانہ هوندي: ۽ اتي خدا ۽ گهيٽي جو تخت هوندو، ۽ سندس ٻانها سندس عبادت ڪندا؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

3 انهيءَ شهر ۾ ايشور جي لعنت هيٺ ايندڙ ڪابہ شيءِ ڪونہ هوندي. اتي ايشور ۽ گھيٽڙي جو تخت هوندو ۽ ايشور جا داس ايشور جي ڀڳتي ڪندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

3 انهيءَ شهر ۾ خدا جي لعنت هيٺ ايندڙ ڪابہ شيءِ ڪونہ هوندي. اتي خدا ۽ گھيٽڙي جو تخت هوندو ۽ خدا جا ٻانها خدا جي عبادت ڪندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 22:3
20 Iomraidhean Croise  

تنھن تي ھن جي مالڪ چيو تہ ’شاباس، نيڪ ۽ ايماندار نوڪر! تون ٿوري ۾ ايماندار رھيو آھين، تنھنڪري آءٌ گھڻو ڪجھہ تنھنجي حوالي ڪندس. اچ ۽ اچي منھنجي خوشين ۾ شريڪ ٿيءُ.‘


پوءِ ھو کاٻي پاسي وارن کي چوندو تہ ’مون وٽان ھليا وڃو، اوھان تي خدا جو قھر آھي. وڃي دائمي باھہ ۾ پئو، جيڪا شيطان ۽ سندس ملائڪن لاءِ تيار ڪئي ويئي آھي.


جيڪو منھنجي خدمت ڪرڻ چاھي سو منھنجي پٺيان اچي، تہ جيئن جتي آءٌ آھيان اتي منھنجو خدمتگار بہ ھجي. منھنجو پيءُ انھيءَ جي عزت ڪندو جيڪو منھنجي خدمت ڪندو.“


جيڪڏھن خدا جو جلوو ابن⁠آدم جي معرفت ظاھر ٿيندو تہ خدا بہ ھن کي پاڻ جلوو ڏيندو، بلڪ اِجھو، ھاڻي ٿو ڏئيس.


جڏھن آءٌ وڃي اوھان جي لاءِ جاءِ تيار ڪندس تہ پوءِ موٽي ايندس ۽ اوھان کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي ويندس، تہ جتي آءٌ آھيان اتي اوھين بہ ھجو.


اي بابا! منھنجي مرضي آھي تہ جيڪي تو مون کي ڏنا آھن سي جتي آءٌ آھيان اتي مون سان گڏ ھجن، تہ جيئن اھي اھو جلوو ڏسن جو تو مون کي ڏنو آھي، ڇالاءِ⁠جو تو دنيا جي پيدا ٿيڻ کان اڳ بہ مون سان پيار ڪيو.


اُھي وڏي آواز سان چوڻ لڳا تہ ”ڇوٽڪارو اسان جي خداوند جي طرفان آھي، جيڪو تخت تي ويٺو آھي، ۽ گھيٽي جي طرفان بہ.“


انھن ڳالھين کان پوءِ مون کي ھڪ وڏو ميڙ نظر آيو، جيڪو ھر قوم، قبيلي، امت ۽ ھر ٻوليءَ مان ھو ۽ جنھن کي ڪوبہ شمار ڪري نہ ٿي سگھيو. اُھي پاڪ صاف پھراڻ پايو، کجيءَ جون ٽاريون ھٿن ۾ کنيو، ان تخت ۽ گھيٽي جي اڳيان بيٺا ھئا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan