Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 22:2 - Common Language New Testament

2 انھيءَ شھر جي سڙڪ جي وچ مان وھي رھيو ھو. درياءَ جي ٻنھي ڪنارن تي زندگيءَ جو وڻ ھو، جنھن سال ۾ ٻارھن قسمن جا ميوا ٿي ڏنا ۽ ھر مھيني منجھس نوان ميوا ٿي لڳا. انھيءَ وڻ جي پنن مان قومن کي شفا ٿي ملي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 ۽ نديءَ جي ٻنهي ڪپن تي زندگيءَ جو وڻ هو، جنهن ٻارهن قسمن جا ڦل ٿي ڏنا، ۽ هر مهيني منجهس نوان ڦل ٿي لڳا؛ ۽ اُنهي وڻ جي پنن مان قومن کي شفا ٿي ملي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

2 انهيءَ شهر جي وڏي رستي جي وچ مان وهي رهيو هو. درياءَ جي ٻنهي ڪنارن تي جيون ڏيندڙ وڻ هو، جنهن سال ۾ ٻارهن قسمن جا ميوا ٿي ڏنا ۽ هر مهيني منجھس نوان ميوا ٿي لڳا. انهيءَ وڻ جي پنن مان سڀيئي قومون ڇٽي چڱيون ڀليون پئي ٿيون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

2 انهيءَ شهر جي سڙڪ جي وچ مان وهي رهيو هو. درياءَ جي ٻنهي ڪنارن تي زندگي ڏيندڙ وڻ هو، جنهن سال ۾ ٻارهن قسمن جا ميوا ٿي ڏنا ۽ هر مهيني منجھس نوان ميوا ٿي لڳا. انهيءَ وڻ جي پنن مان سڀني قومن کي شفا ٿي ملي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 22:2
20 Iomraidhean Croise  

”خداوند جو روح مون سان آھي، ڇوتہ غريبن کي خوشخبري ڏيڻ لاءِ مون کي مسح ڪري چونڊيو اٿس. ھن مون کي موڪليو آھي تہ قيدين جي رھائيءَ ۽ انڌن جي بينائيءَ جو اعلان ڪريان. ۽ ستايلن جي دلجوئي ڪريان،


ھو پاڻ اسان جا گناھہ پنھنجي بدن تي کڻي صليب تي چڙھيو، انھيءَ لاءِ تہ اسين گناھن جي لحاظ کان مري سچائيءَ جي خاطر جيئون. ھن جي مار کائي زخمي ٿيڻ جي ڪري اوھين ڇٽي چڱا ڀلا ٿيا.


جنھن کي ڪن آھن سو ٻڌي تہ پاڪ روح ڪليسيا کي ڇا ٿو چوي. جيڪو غالب پوندو تنھن کي آءٌ زندگيءَ جي انھيءَ وڻ جو ميوو کائڻ لاءِ ڏيندس جيڪو بھشت ۾ آھي.“


شھر جا ٻارھن ئي دروازا موتين جا ھئا ۽ ھر ھڪ دروازو ھڪ ھڪ موتيءَ جو ھو. شھر جي سڙڪ خالص سون جي ھئي ۽ شيشي جھڙي صاف ھئي.


انھيءَ جي روشنيءَ ۾ قومون گھمنديون ڦرنديون ۽ دنيا جا بادشاھہ منجھس پنھنجو شان وَ شوڪت آڻيندا.


پوءِ انھيءَ ملائڪ مون کي آبِ⁠حيات جو ھڪڙو درياءُ ڏيکاريو، جيڪو بلور وانگر پئي چمڪيو ۽ خدا ۽ گھيٽي جي تخت مان نڪري،


سڀاڳا آھن اُھي جيڪي پنھنجا پھراڻ ڌوئي صاف ٿا ڪن. اُھي زندگيءَ جي وڻ جي ميوي جا حقدار ھوندا ۽ انھيءَ شھر جي دروازن مان داخل ٿيندا.


جيڪڏھن ڪو ھن ڪتاب جي پيشنگوئين مان ڪي ڳالھيون گھٽائيندو تہ خدا زندگيءَ جي وڻ ۽ پاڪ شھر مان، جن جو ذڪر ھن ڪتاب ۾ ڪيل آھي، انھيءَ شخص جو حصو ڪڍي ڇڏيندو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan