Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 21:3 - Common Language New Testament

3 مون تخت مان ڪنھن جو وڏو آواز ٻڌو جنھن چيو تہ ”ڏس، خدا ماڻھن منجھہ رھندو، ھو انھن سان گڏ رھندو ۽ اھي سندس قوم ٿيندا. خدا پاڻ انھن سان گڏ رھندو ۽ سندن خدا ٿيندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 ۽ مون تخت مان هڪڙو وڏو آواز ٻُڌو، جنهن چيو تہ ڏس، خدا جو خيمو ماڻهن ۾ آهي، هو انهن سان رهندو، ۽ اهي سندس اُمت ٿيندا، ۽ خدا پاڻ هنن سان رهندو، ۽ سندن خدا ٿيندو؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

3 مون تخت مان هڪڙو وڏو آواز ٻڌو جنهن چيو تہ ”ڏس، ايشور ماڻهن منجھہ موجود آهي. هو انهن سان گڏ رهندو ۽ اهي سندس پنهنجا هوندا. هائو، ايشور خود انهن سان گڏ رهندو ۽ هو ئي سندن ايشور هوندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

3 مون تخت مان هڪڙو وڏو آواز ٻڌو جنهن چيو تہ ”ڏس، خدا ماڻهن منجھہ موجود آهي. هو انهن سان گڏ رهندو ۽ اهي سندس پنهنجا هوندا. هائو، خدا خود انهن سان گڏ رهندو ۽ هو ئي سندن خدا هوندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 21:3
29 Iomraidhean Croise  

ڪلام انساني صورت ۾ آيو ۽ اچي اسان سان گڏ رھيو. اسان سندس جلوو ڏٺو، جيڪو ھن کي پيءُ جي ھڪڙي ئي فرزند ھئڻ ڪري مليو ۽ ھو فضل ۽ سچائيءَ سان ڀرپور ھو.


تنھن تي عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”جيڪو مون سان پيار ڪري ٿو سو منھنجي ڪلام تي عمل ڪندو. منھنجو پيءُ ھن سان پيار ڪندو، آءٌ ۽ منھنجو پيءُ ھن وٽ اينداسون ۽ ساڻس گڏجي رھنداسون.


خدا جي گھر جو بتن سان ڪھڙو لاڳاپو آھي؟ ڇالاءِ⁠جو اسين جيئري خدا جو گھر آھيون. جھڙيءَ طرح خدا فرمايو آھي تہ ”آءٌ انھن ۾ رھندس ۽ انھن ۾ گھمندس ڦرندس، آءٌ انھن جو خدا ٿيندس ۽ ھو منھنجا ماڻھو ٿيندا.“


آءٌ اوھان جو پيءُ ٿيندس ۽ اوھين منھنجا پٽ ۽ ڌيئرون ٿيندا. خداوند قادرِمطلق ائين ٿو فرمائي.“


ھاڻي شل اسان جو خدا ۽ پيءُ پاڻ ۽ اسان جو خداوند عيسيٰ اوھان وٽ اچڻ لاءِ اسان جي راھہ تيار ڪري.


پر ھاڻي ھو انھيءَ کان بھتر يعني آسماني ملڪ جي لاءِ واجھائي رھيا آھن. تنھنڪري خدا، انھن جو خدا سڏجڻ کان شرمائي نہ ٿو، ڇالاءِ⁠جو ھن انھن جي لاءِ ھڪڙو شھر تيار ڪري ڇڏيو آھي.


وري خداوند فرمائي ٿو تہ ’جيڪو عھد آءٌ بني اسرائيل جي گھراڻي سان انھن ڏينھن کان پوءِ ڪندس، سو اھو آھي تہ آءٌ پنھنجا قانون ھنن جي ذھنن ۾ وجھندس، ۽ اھي سندن دلين تي بہ لکندس. آءٌ سندن خدا ٿيندس، ۽ ھو منھنجي قوم ٿيندا.


ھو انھيءَ مقدس خيمي ۾ خدمت ٿو ڪري، جيڪو سچو مقدس خيمو آھي ۽ جنھن کي انسان نہ پر خداوند کوڙيو آھي.


جڏھن گجگوڙن جا ست آواز ٻڌڻ ۾ آيا تہ مون لکڻ جو ارادو ڪيو. پر آسمان مان ھڪڙو آواز ٻڌم جنھن چيو تہ ”جيڪي ڳالھيون انھن ستن گجگوڙن ڪيون، تن کي راز ۾ رک ۽ لک نہ.“


پوءِ جيڪو آواز مون آسمان مان ٻڌو ھو، تنھن وري مون کي چيو تہ ”وڃ ۽ جيڪو ملائڪ سمنڊ ۽ زمين تي بيٺو آھي، تنھن جي ھٿ مان اھو کليل ڪتاب وڃي وٺ.“


پوءِ مون آسمان مان ھڪڙو وڏو آواز ٻڌو، جنھن چيو تہ ”ھاڻي اسان جي خدا جو ڇوٽڪارو، قدرت ۽ بادشاھت ۽ سندس مسيح جي اختياري آئي آھي. ڇالاءِ⁠جو اسان جي ڀائرن ۽ ڀينرن تي الزام ھڻڻ وارو، جيڪو رات ڏينھن اسان جي خدا جي آڏو مٿن الزام ھڻي رھيو ھو، سو ھيٺ اڇلايو ويو آھي.


جيڪو غالب پوندو سو ھنن شين جو حقدار ٿيندو. آءٌ انھيءَ جو خدا ٿيندس ۽ ھو منھنجو ٻار ٿيندو.


اڳتي وري ڪابہ لعنت ڪانہ ھوندي. انھيءَ شھر ۾ خدا ۽ گھيٽي جو تخت ھوندو ۽ سندس ٻانھا ھن جي عبادت ڪندا.


انھيءَ ڪري ھي خدا جي تخت جي اڳيان آھن ۽ رات ڏينھن سندس ھيڪل ۾ عبادت پيا ڪن ۽ جيڪو تخت تي ويٺو آھي، سو ھنن جي مٿان تنبوءَ وانگر ڇانوَ ڪندو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan