Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 19:2 - Common Language New Testament

2 ڇالاءِ⁠جو ھن جا فيصلا سچا ۽ صحيح آھن. ھُن انھيءَ مشھور ڪسبياڻيءَ جو انصاف ڪيو، جنھن پنھنجي زناڪاريءَ سان دنيا کي خراب ڪري ڇڏيو ھو. خدا ھن کان پنھنجي ٻانَھن جي خون جو بدلو ورتو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 ڇالاءِ جو هن جا فيصلا سچا ۽ درست آهن! ۽ جنهن وڏيءَ ڪسبياڻيءَ پنهنجي زناڪاريءَ سان زمين کي خراب ڪري ڇڏيو، تنهن جو هن انصاف ڪيو، ۽ کانئس پنهنجن بندن جي خون جو بدلو ورتو اٿس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

2 بيشڪ هن جا فيصلا سچا ۽ صحيح آهن، ڇاڪاڻ تہ هن انهيءَ مشهور وئشيا جي عدالت ڪئي، جنهن پنهنجي زناڪاريءَ سان سنسار کي خراب ڪري ڇڏيو هو. ايشور هن کان پنهنجي داسن جي خون جو بدلو ورتو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

2 بيشڪ هن جا فيصلا سچا ۽ صحيح آهن، ڇاڪاڻ تہ هن انهيءَ مشهور ڪسبياڻيءَ جي عدالت ڪئي، جنهن پنهنجي زناڪاريءَ سان دنيا کي خراب ڪري ڇڏيو هو. خدا هن کان پنهنجي ٻانَهن جي خون جو بدلو ورتو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 19:2
16 Iomraidhean Croise  

اُھي خدا جي ٻانھي موسيٰ جو راڳ ۽ گھيٽي جو راڳ ڳائي رھيا ھئا ۽ چون پيا تہ ”اي خداوند خدا، قادرِمطلق! تنھنجا ڪم وڏا ۽ عجيب آھن. اي قومن جا بادشاھہ! تنھنجون واٽون سڌيون ۽ سچيون آھن.


اي آسمان! اي خدا جي سڄي قوم! اي رسول ۽ نبيو! اوھين انھيءَ شھر تي خوشيون ڪريو، ڇالاءِ⁠جو خدا انصاف ڪري ھن کان اوھان جو بدلو ورتو آھي.“


ڇالاءِ⁠جو ھن جي زناڪاريءَ جي مئي پيئڻ ڪري سڀيئي قومون الوٽ ٿي پيون آھن، ۽ دنيا جي بادشاھن انھيءَ سان زناڪاري ڪئي آھي. دنيا جا سوداگر انھيءَ جي عيش عشرت جي گھڻائيءَ جي ڪري دولتمند ٿي پيا.“


انھن وڏي آواز سان رڙيون ڪري چيو تہ ”اي پاڪ ۽ سچا خداوند! تون ڪيستائين عدالت نہ ڪندين ۽ زمين تي رھڻ وارن کان اسان جي خون جو بدلو نہ وٺندين؟“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan