Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 19:1 - Common Language New Testament

1 انھن ڳالھين کان پوءِ مون آسمان ۾ ھڪ وڏي ميڙ جھڙو وڏو آواز ٻڌو، جنھن چيو تہ ”خداوند خدا جي تعريف. ڇوٽڪارو، جلال ۽ قدرت اسان جي خدا جي آھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 انهن ڳالهين کانپوءِ مون آسمان تي ڄڻ تہ هڪڙي ميڙاڪي جو وڏو آواز ٻُڌو، جنهن چيو تہ هاليلوياهہ، نجات، ۽ جلال، ۽ قدرت اسان جي خدا جي آهي:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

1 انهن ڳالهين کان پوءِ مون آڪاش ۾ ڄڻ تہ هڪ وڏي ميڙ کي وڏي واڪي هي چوندي ٻڌو تہ ”پرڀو پرميشور جي مهما هجي! مڪتي، تيج ۽ شڪتي اسان جي ايشور جي آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

1 انهن ڳالهين کان پوءِ مون آسمان ۾ ڄڻ تہ هڪ وڏي ميڙ کي وڏي واڪي هي چوندي ٻڌو تہ ”خداوند خدا جي واکاڻ هجي! ڇوٽڪارو، جلال ۽ قدرت اسان جي خدا جي آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 19:1
23 Iomraidhean Croise  

اسان کي آزمائش ۾ نہ وجھہ، پر اسان کي بڇڙائيءَ کان بچاءِ.‘


جڏھن ستين ملائڪ توتارو وڄايو تہ آسمان تي وڏا آواز ٿيڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا تہ ”اسان جي خداوند ۽ سندس مسيح جي دنيا تي بادشاھت قائم ٿي ويئي آھي ۽ ھو ھميشہ ھميشہ تائين بادشاھي ڪندو رھندو.“


پوءِ مون آسمان مان ھڪڙو وڏو آواز ٻڌو، جنھن چيو تہ ”ھاڻي اسان جي خدا جو ڇوٽڪارو، قدرت ۽ بادشاھت ۽ سندس مسيح جي اختياري آئي آھي. ڇالاءِ⁠جو اسان جي ڀائرن ۽ ڀينرن تي الزام ھڻڻ وارو، جيڪو رات ڏينھن اسان جي خدا جي آڏو مٿن الزام ھڻي رھيو ھو، سو ھيٺ اڇلايو ويو آھي.


پوءِ مون ھڪڙي وڏي ميڙ جھڙو آواز ٻڌو، جيڪو زور سان وھندڙ پاڻيءَ جي آواز ۽ گجگوڙن جي آواز جھڙو ھو، جنھن چيو تہ ”خداوند خدا جي تعريف، ڇالاءِ⁠جو خداوند اسان جو خدا جيڪو قادرِمطلق آھي، سو بادشاھي ٿو ڪري.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan