Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 18:3 - Common Language New Testament

3 ڇالاءِ⁠جو ھن جي زناڪاريءَ جي مئي پيئڻ ڪري سڀيئي قومون الوٽ ٿي پيون آھن، ۽ دنيا جي بادشاھن انھيءَ سان زناڪاري ڪئي آھي. دنيا جا سوداگر انھيءَ جي عيش عشرت جي گھڻائيءَ جي ڪري دولتمند ٿي پيا.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 ڇالاءِ جو هن جي ناپاڪائيءَ جي شراب جي ڪري سڀ قومون مست ٿي پيون آهن؛ ۽ زمين جي بادشاهن انهي سان زناڪاري ڪئي، ۽ دنيا جا سوداگر انهي جي عيش عشرت جي گهڻائيءَ ڪري دولتمند ٿي پيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

3 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ هن جي زناڪاريءَ جي مئي سڀني قومن پيتي آهي، جنهن جي ڪري ايشور جو ڏمر پرگھٽ ٿي رهيو آهي. هائو، ڌرتيءَ جي راجائن انهيءَ سان زناڪاري ڪئي آهي ۽ سنسار جا سوداگر انهيءَ جي عيش عشرت جي گھڻائيءَ جي ڪري دولتمند ٿي پيا آهن.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

3 انهيءَ جو سبب هي آهي تہ هن جي زناڪاريءَ جي مئي سڀني قومن پيتي آهي، جنهن جي ڪري خدا جو غضب نازل ٿي رهيو آهي. هائو، ڌرتيءَ جي بادشاهن انهيءَ سان زناڪاري ڪئي آهي ۽ دنيا جا سوداگر انهيءَ جي عيش عشرت جي گھڻائيءَ جي ڪري دولتمند ٿي پيا آهن.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 18:3
17 Iomraidhean Croise  

پر آخر ٻاھر ڇا ڏسڻ ويا؟ ڀلا سٺن ڪپڙن پاتل ماڻھوءَ کي؟ جيڪي سٺا ڪپڙا پائين ٿا ۽ عيش ۽ مزي ۾ گذارين ٿا سي بادشاھي محلن ۾ ھوندا آھن.


پر جوان رنن⁠زالن کي انھيءَ ياداشت ۾ داخل نہ ڪيو وڃي، ڇالاءِ⁠جو جڏھن اھي مسيح کان ڦري پنھنجي نفساني خواھشن جي تابع ٿين ٿيون تڏھن شادي ڪرڻ گھرن ٿيون.


ھن جي پٺيان ھڪڙو ٻيو ملائڪ آيو ۽ چيائين تہ ”ڪري پيو، اھو وڏو شھر بابل ڪري پيو، جنھن سڀني قومن کي پنھنجي زناڪاريءَ جي مئي پيئاري، جنھن جي ڪري خدا جو عذاب ايندو.“


انھيءَ سان دنيا جي بادشاھن زناڪاري ڪئي ۽ زمين جا رھاڪو ھن جي زناڪاريءَ جي مئي مان پي ڪري نشئي ٿي پيا ھئا.“


اھي پنھنجي مٿي ۾ خاڪ وجھي رڙيون ڪري روئي پٽي چوندا تہ ”افسوس، صد افسوس! اھو وڏو شھر، جنھن جي دولت جي ڪري سمنڊ جا سڀيئي جھازن وارا دولتمند ٿي پيا، سو ھڪڙي ئي ڪلاڪ ۾ برباد ٿي ويو.


تو ۾ وري ڪڏھن ڏيئي جو بہ سوجھرو ڪونہ ٿيندو، ۽ نہ وري ڪڏھن تو ۾ گھوٽ ڪنوار جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو. تنھنجا سوداگر دنيا جا امير ھئا ۽ سڀ قومون تنھنجي جادوگريءَ سا ٺڳجي ويون ھيون.


جيتري قدر انھيءَ پاڻ کي شاندار ڪيو ۽ عيش عشرت ڪيائين، اوتري قدر اوھين کيس ڏک ۽ عذاب ڏيو. ڇالاءِ⁠جو بابل جي وسندي پنھنجيءَ دل ۾ چوي ٿي تہ ’آءٌ راڻي ٿي ويئي آھيان. آءٌ رن⁠زال نہ آھيان، ۽ ڪڏھن بہ ڏک نہ ڏسنديس.‘


دنيا جي جن بادشاھن ساڻس زناڪاري ڪئي آھي ۽ عيش عشرت ڪندا ھئا، سي جڏھن ھن جي سڙڻ جو دونھون ڏسندا تہ ھن لاءِ روئندا ۽ پٽيندا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan