Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 18:2 - Common Language New Testament

2 ھن وڏي آواز سان چيو تہ ”ڪري پيو، وڏو شھر بابل ڪري پيو. اھو بدروحن جو گھر بڻجي ويو. ھائو، اھو ھر ڪنھن ناپاڪ روح جو اڏو، بلڪ ھر ڪنھن ناپاڪ ۽ گندي پکيءَ جو آکيرو ٿي پيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 ۽ هن وڏي آواز سان چيو تہ ڪِري پيو، وڏو شهر بابل ڪِري پيو، ۽ ڀوتن جي رهڻ جو مڪان ٿي پيو، ۽ سڀ ڪنهن ناپاڪ روح ۽ سڀ ڪنهن ناپاڪ ۽ ڪراهت جهڙي پکيءَ جي رهڻ جي جاءِ ٿي پيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

2 هن وڏي آواز سان چيو تہ ”ڪري پيو، وڏو شهر بابل ڪري پيو. اهو برين آتمائن جو گھر بڻجي ويو. هائو، اهو هر اپوِتر آتما جو اڏو، بلڪ هر ڪنهن اپوِتر ۽ گندي پکيءَ جو آکيرو ٿي پيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

2 هن وڏي آواز سان چيو تہ ”ڪري پيو، وڏو شهر بابل ڪري پيو. اهو بدروحن جو گھر بڻجي ويو. هائو، اهو هر ناپاڪ روح جو اڏو، بلڪ هر ڪنهن ناپاڪ ۽ گندي پکيءَ جو آکيرو ٿي پيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 18:2
26 Iomraidhean Croise  

انھيءَ جا پير صاف پتل جھڙا ھئا جيڪو پتل ڄڻ تہ بٺيءَ مان تپي اُجرو ٿي نڪتل ھجي، سندس آواز زور سان وھندڙ پاڻيءَ جھڙو ھو.


پوءِ ھن وڏي آواز سان اھڙي رڙ ڪئي جھڙي شينھن جي گجگوڙ ۽ جڏھن ھن رڙ ڪئي تہ گجگوڙن جا ست آواز ٿيا.


سندن لاش انھيءَ وڏي شھر جي رستي تي پيا ھوندا، جتي انھن جي خداوند کي صليب تي چاڙھيو ويو ھو. انھيءَ شھر کي مثالي طرح سدوم ۽ مصر ٿا سڏين.


ايتري ۾ ھڪڙو ملائڪ ھيڪل مان نڪري آيو ۽ جيڪو شخص ڪڪر تي ويٺو ھو، تنھن کي وڏي آواز سان چوڻ لڳو تہ ”پنھنجو ڏاٽو ھلائي لابارو ڪر، ڇاڪاڻ⁠تہ زمين جو فصل پچي راس ٿي ويو آھي ۽ لاباري جو وقت اچي ويو آھي.“


ھن جي پٺيان ھڪڙو ٻيو ملائڪ آيو ۽ چيائين تہ ”ڪري پيو، اھو وڏو شھر بابل ڪري پيو، جنھن سڀني قومن کي پنھنجي زناڪاريءَ جي مئي پيئاري، جنھن جي ڪري خدا جو عذاب ايندو.“


پوءِ مون انھيءَ ازدھا جي وات مان، انھيءَ پھرين حيوان جي وات مان ۽ انھيءَ ڪوڙو پيغام ڏيندڙ ٻئي حيوان جي وات مان ٽي ناپاڪ روح ڏيڏرن جي شڪل ۾ نڪرندي ڏٺا.


اھو وڏو شھر ٽي ٽڪرا ٿي پيو ۽ دنيا جا شھر بہ ڪري پيا. اُن وڏي شھر بابل جو خدا کي خيال ٿيو تہ کيس پنھنجي وڏي غضب جي مئي جو پيالو پياري.


اھا عورت جيڪا تو ڏٺي سا اھو وڏو شھر آھي، جيڪو دنيا جي بادشاھن تي حڪومت ٿو ڪري.“


انھيءَ عورت جي پيشانيءَ تي ھڪڙو نالو لکيل ھو جيڪو ھڪ راز آھي يعني ”وڏو شھر بابل، ڪسبياڻين ۽ زمين جي براين جي ماءُ.“


اُھي انھيءَ جي عذاب جي ڊپ کان پري بيھي چوندا تہ ”افسوس، صد افسوس! اي بابل، وڏا ۽ مضبوط شھر! تو کي رڳو ھڪڙي ڪلاڪ ۾ سزا ڏني ويئي آھي.“


پوءِ ھڪڙي زورآوار ملائڪ جنڊ جي چاپڙ جيڏو ھڪڙو وڏو پٿر کڻي سمنڊ ۾ اڇلائي چيو تہ ”وڏو شھر بابل بہ اھڙيءَ طرح زور سان ڪيرايو ويندو ۽ وري سندس پتو ئي ڪونہ پوندو.


مون ھڪڙي زورآوار ملائڪ کي ڏٺو، جنھن وڏي واڪي سان ھي اعلان ڪندي چيو تہ ”ڪير آھي جيڪو ھن ڪتاب جي کولڻ ۽ انھيءَ جي مُھرن ٽوڙڻ جي لائق ھجي؟“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan