Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 17:3 - Common Language New Testament

3 اھو ملائڪ مون کي رويا جي حالت ۾ بيابان ڏانھن وٺي ويو. اُتي مون ھڪڙي عورت ڏٺي، جيڪا ڳاڙھي رنگ جي حيوان تي ويٺي ھئي. انھيءَ حيوان کي ست مٿا ۽ ڏھہ سڱ ھئا ۽ سڄو ڪفر جي نالن سان ڀريو پيو ھو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 ۽ هو مون کي روح ۾ بيابان ڏانهن وٺي هليو، ۽ مون هڪڙي زال، قرمزي رنگ واري جانور تي ويٺل ڏٺي، جو ڪفر جي نالن سان ڀريو پيو هو، ۽ جنهن کي ست مٿا ۽ ڏهہ سڱ هئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

3 پوءِ اهو دوت مون کي پوِتر آتما جي ضابطي واري حالت ۾ بيابان ڏانهن وٺي ويو. اُتي مون هڪڙي ناري ڏٺي، جيڪا لال ڳاڙهي رنگ جي حيوان تي ويٺي هئي. انهيءَ حيوان کي ست مٿا ۽ ڏهہ سڱ هئا ۽ سڄو شرير ايشور نندا جي نالن سان ڀريو پيو هئس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

3 پوءِ اهو ملائڪ مون کي پاڪ روح جي ضابطي واري حالت ۾ بيابان ڏانهن وٺي ويو. اُتي مون هڪڙي عورت ڏٺي، جيڪا لال ڳاڙهي رنگ جي حيوان تي ويٺي هئي. انهيءَ حيوان کي ست مٿا ۽ ڏهہ سڱ هئا ۽ سڄو بدن ڪفر جي نالن سان ڀريو پيو هئس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 17:3
26 Iomraidhean Croise  

انھن عيسيٰ جا ڪپڙا لھرايا ۽ ھڪڙو قرمزي جبو ڍڪايائونس.


جڏھن اھي پاڻيءَ مان ٻاھر نڪتا تہ خداوند جو پاڪ روح فلپس کي کڻي ويو ۽ ھو ازوتس ۾ وڃي نڪتو. آفيسر وري کيس ڏسي نہ سگھيو، پر خوش خوش پنھنجو رستو وٺي ھليو ويو. فلپس ازوتس کان وٺي واٽ ۾ سڀني شھرن ۾ خوشخبري ٻڌائيندو ويو، تان جو اچي قيصريہ ۾ پھتو.


ھو پاڻ کي انھن سڀني کان مٿاھون ڄاڻيندڙ ۽ انھن جي مخالفت ڪندڙ آھي، جيڪي خدا يا معبود ٿا سڏجن، ايتري قدر جو ھو خدا جي ھيڪل ۾ ويھي پاڻ کي خدا مشھور ڪندو.


خداوند واري ڏينھن آءٌ رويا جي حالت ۾ اچي ويس ۽ پنھنجي پٺيان ھڪڙو اھڙو وڏو آواز ٻڌم جيڪو توتاري جي آواز وانگر ھو،


پر عورت کي وڏي عقاب جا ٻہ پر ڏنا ويا، تہ جيئن ھوءَ بيابان ۾ پنھنجيءَ جاءِ تي پھچي وڃي ۽ نانگ کان محفوظ رھي، جتي ساڍن ٽن سالن تائين سندس پرورش ٿيڻي ھئي.


ان سان گڏ آسمان ۾ ھڪڙو ٻيو بہ نشان نظر آيو، يعني ھڪڙو وڏو ڳاڙھو ازدھا، جنھن کي ست مٿا ۽ ڏھہ سڱ ھئا، سندس مٿن تي ست تاج ھئا.


عورت بيابان ڏانھن ڊوڙي ويئي، جتي خدا ھن جي لاءِ ھڪ جاءِ تيار ڪري ڇڏي ھئي، تہ جيئن اُتي ھڪ ھزار ٻہ ⁠سؤ سٺ ڏينھن تائين سندس سار سنڀال ٿي سگھي.


اھا عورت جيڪا تو ڏٺي سا اھو وڏو شھر آھي، جيڪو دنيا جي بادشاھن تي حڪومت ٿو ڪري.“


انھيءَ عورت کي واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ جي پوشاڪ پھريل ھئي ۽ اھا عورت سون، ھيرن جواھرن ۽ موتين سان سينگاريل ھئي. انھيءَ کي ھٿ ۾ ھڪڙو سونو پيالو ھو، جيڪو سندس گندگي ۽ زناڪاريءَ جي ناپاڪ شين سان ڀريل ھو.


يعني سندن سون، چاندي، ھيرا جواھرات، موتي، عمدو ڪپڙو، واڱڻائي، ريشمي ۽ قرمزي ڪپڙو، سڀ سرھيون ڪاٺيون، عاج، تمام قيمتي ڪاٺ، پتل، لوھہ ۽ سنگمرمر مان ٺھيل ھر قسم جون شيون،


۽ چوندا تہ ”افسوس، صد افسوس! اھو وڏو شھر جيڪو عمدو ڪپڙو، واڱڻائي ۽ قرمزي پوشاڪ پھريندو ھو ۽ سون، ھيرا جواھرات ۽ موتين سان سينگاريل ھو،


ھو مون کي رويا جي حالت ۾ ھڪڙي وڏي ۽ مٿاھين جبل تي وٺي ويو ۽ پاڪ شھر يروشلم خدا وٽان آسمان مان لھندو ڏيکاريائين.


ھڪدم آءٌ رويا جي حالت ۾ اچي ويس ۽ ڏٺم تہ آسمان ۾ ھڪڙو تخت رکيل ھو ۽ انھيءَ تخت تي ڪو ويٺو ھو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan