Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 17:2 - Common Language New Testament

2 انھيءَ سان دنيا جي بادشاھن زناڪاري ڪئي ۽ زمين جا رھاڪو ھن جي زناڪاريءَ جي مئي مان پي ڪري نشئي ٿي پيا ھئا.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 جنهن سان زمين جي بادشاهن زناڪاري ڪئي آهي، ۽ زمين جا رهاڪو هن جي زناڪاريءَ جي شراب سان نشئي ٿي پيا آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

2 انهيءَ سان ڌرتيءَ جي راجائن زناڪاري ڪئي ۽ ڌرتيءَ جا رهاڪو هن جي زناڪاريءَ جي مئي مان پي ڪري الوٽ ٿي پيا هئا.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

2 انهيءَ سان ڌرتيءَ جي بادشاهن زناڪاري ڪئي ۽ ڌرتيءَ جا رهاڪو هن جي زناڪاريءَ جي مئي مان پي ڪري الوٽ ٿي پيا هئا.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 17:2
14 Iomraidhean Croise  

۽ کيس چيائين تہ ”سڀڪو ماڻھو پھريائين سٺي مئي پيش ڪندو آھي ۽ جڏھن ماڻھو پي ڍءُ ڪندا آھن، تہ پوءِ سادي مئي پيش ڪندو آھي. پر تو وري سٺي مئي ھن مھل تائين بچائي رکي ھئي.“


ھن جي پٺيان ھڪڙو ٻيو ملائڪ آيو ۽ چيائين تہ ”ڪري پيو، اھو وڏو شھر بابل ڪري پيو، جنھن سڀني قومن کي پنھنجي زناڪاريءَ جي مئي پيئاري، جنھن جي ڪري خدا جو عذاب ايندو.“


انھن ڏھن ئي جي ھڪڙي راءِ ھوندي ۽ اھي پنھنجي طاقت ۽ اختيار انھيءَ حيوان کي ڏيئي ڇڏيندا.


انھيءَ جو سبب اھو آھي جو خدا انھن جي دلين ۾ اھا ڳالھہ وجھندو تہ اھي سندس مقصد پورو ڪن ۽ ھڪڙي ئي راءِ تي اچي بيھن تہ اھي پنھنجي پنھنجي بادشاھي انھيءَ حيوان کي ڏين، جيستائين خدا جون ڳالھيون پوريون ٿين.


انھيءَ عورت جي پيشانيءَ تي ھڪڙو نالو لکيل ھو جيڪو ھڪ راز آھي يعني ”وڏو شھر بابل، ڪسبياڻين ۽ زمين جي براين جي ماءُ.“


اھو حيوان جيڪو تو ڏٺو، سو اڳي ھو ۽ ھاڻي ڪونھي. پر اوڙاھہ مان نڪري اچڻ تي آھي ۽ پوءِ برباد ٿي ويندو. زمين جا رھاڪو ۽ جن جا نالا دنيا جي شروعات کان وٺي زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آھن، سي انھيءَ حيوان جو حال ڏسي عجب ۾ پئجي ويندا، ڇاڪاڻ⁠تہ اھو حيوان اڳي ھو ۽ ھاڻي ڪونھي پر ھن کان پوءِ ايندو.


تو ۾ وري ڪڏھن ڏيئي جو بہ سوجھرو ڪونہ ٿيندو، ۽ نہ وري ڪڏھن تو ۾ گھوٽ ڪنوار جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو. تنھنجا سوداگر دنيا جا امير ھئا ۽ سڀ قومون تنھنجي جادوگريءَ سا ٺڳجي ويون ھيون.


ڇالاءِ⁠جو ھن جي زناڪاريءَ جي مئي پيئڻ ڪري سڀيئي قومون الوٽ ٿي پيون آھن، ۽ دنيا جي بادشاھن انھيءَ سان زناڪاري ڪئي آھي. دنيا جا سوداگر انھيءَ جي عيش عشرت جي گھڻائيءَ جي ڪري دولتمند ٿي پيا.“


دنيا جي جن بادشاھن ساڻس زناڪاري ڪئي آھي ۽ عيش عشرت ڪندا ھئا، سي جڏھن ھن جي سڙڻ جو دونھون ڏسندا تہ ھن لاءِ روئندا ۽ پٽيندا.


ڏسو، آءٌ ھن کي بستري داخل ٿو ڪريان ۽ جيڪي ساڻس زنا ٿا ڪن سي جيڪڏھن پنھنجن ڪمن کان توبھہ نہ ڪندا تہ کين بہ وڏيءَ مصيبت ۾ وجھندس.


جيئن تہ اوھان منھنجو حڪم مڃي صبر ڪيو، تنھنڪري آءٌ بہ اوھان کي آزمائش جي گھڙيءَ کان بچائيندس، جيڪا ڌرتيءَ تي رھڻ وارن جي آزمائش لاءِ ساري جھان تي اچڻي آھي.


انھيءَ کان سواءِ ھنن قتل، جادوگريءَ، حرامڪاريءَ ۽ چوريءَ جي ڪمن کان بہ توبھہ نہ ڪئي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan