Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 16:2 - Common Language New Testament

2 پھرين ملائڪ وڃي پنھنجو پيالو زمين جي مٿان ھاريو تہ جن ماڻھن تي انھيءَ حيوان جو نشان ھو ۽ جيڪي سندس بت جي پوڄا ڪندا ھئا، تن کي گندا ۽ ناسوري ڦٽ ٿي پيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 ۽ پهرئين وڃي پنهنجو پيالو زمين تي اوتيو؛ ۽ جن تي اُنهي حيوان جي ڇاپ هئي، ۽ جي سندس بُت جي پرستش ڪندا هئا، تن کي گندا ناسوري ڦٽ ٿي پيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

2 پهرئين دوت وڃي پنهنجو پيالو ڌرتيءَ تي هاريو تہ جن ماڻهن تي انهيءَ حيوان جو نشان هو ۽ جيڪي سندس بت اڳيان سيس نوائيندا هئا، تن کي گندا ۽ ناسوري ڦٽ ٿي پيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

2 پهرئين ملائڪ وڃي پنهنجو پيالو ڌرتيءَ تي هاريو تہ جن ماڻهن تي انهيءَ حيوان جو نشان هو ۽ جيڪي سندس بت کي سجدو ڪندا هئا، تن کي گندا ۽ ناسوري ڦٽ ٿي پيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 16:2
22 Iomraidhean Croise  

انھيءَ دم خداوند جي ھڪڙي ملائڪ ھيروديس کي ڌڪ ھڻي ڪيرائي وڌو، ڇاڪاڻ⁠تہ ھو انھيءَ شرڪ تي خاموش رھيو. پوءِ تہ ھن ۾ جيت پئجي ويا ۽ ھو مري ويو.


انھيءَ حيوان پھرين حيوان جي روبرو ان جو سڄو اختيار ٿي ھلايو. ھن زمين ۽ ان جي رھاڪن کان انھيءَ پھرين حيوان جي پوڄا ٿي ڪرائي، جنھن جو موتمار زخم ڇٽي ويو ھو.


انھيءَ شخص جيڪو ڪڪر تي ويٺو ھو، تنھن پنھنجو ڏاٽو زمين تي کڻي اڇلايو تہ زمين لڻجي ويئي.


انھن جي پٺيان ھڪڙو ٽيون ملائڪ آيو ۽ وڏي آواز سان چوڻ لڳو تہ ”جيڪڏھن ڪو ماڻھو انھيءَ حيوان يا سندس بت جي پوڄا ڪندو ۽ پنھنجي پيشانيءَ يا ھٿ تي سندس نشان ھڻائيندو،


پوءِ مون ھيڪل مان ھڪڙو وڏو آواز ٻڌو، جيڪو انھن ستن ملائڪن کي چئي رھيو ھو تہ ”وڃو ۽ خدا جي غضب جا ست ئي پيالا زمين تي ھاريو.“


اھي پنھنجي سورن ۽ ڦٽن جي ڪري عرش عظيم جي خدا جي خلاف ڪفر بڪڻ لڳا، پر پنھنجي ڪمن کان توبھہ نہ ڪيائون.


پھرين ملائڪ توتارو وڄايو تہ رت سان گڏيل ڳڙا ۽ باھہ پيدا ٿي ۽ زمين تي اڇلائي ويئي تہ زمين جو ٽيون حصو ۽ وڻن جو ٽيون حصو ۽ سڀ سائو گاھہ سڙي ويو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan