Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 16:1 - Common Language New Testament

1 پوءِ مون ھيڪل مان ھڪڙو وڏو آواز ٻڌو، جيڪو انھن ستن ملائڪن کي چئي رھيو ھو تہ ”وڃو ۽ خدا جي غضب جا ست ئي پيالا زمين تي ھاريو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 ۽ مون هڪڙو وڏو آواز پاڪ جاءِ مان ايندو ٻُڌو، جنهن انهن ستن ملائڪن کي چيو تہ اوهين وڃي خدا جي قهر جا ست پيالا زمين تي اوتيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

1 پوءِ مون هيڪل مان هڪڙو وڏو آواز ٻڌو، جيڪو انهن ستن دوتن کي چئي رهيو هو تہ ”وڃو ۽ ايشور جي ڏمر جا ست ئي پيالا ڌرتيءَ تي هاري ڇڏيو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

1 پوءِ مون هيڪل مان هڪڙو وڏو آواز ٻڌو، جيڪو انهن ستن ملائڪن کي چئي رهيو هو تہ ”وڃو ۽ خدا جي غضب جا ست ئي پيالا ڌرتيءَ تي هاري ڇڏيو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 16:1
17 Iomraidhean Croise  

خدا جو ھيڪل جيڪو آسمان ۾ آھي، سو کوليو ويو ۽ ھيڪل ۾ عھد جي صندوق نظر آئي ۽ پوءِ کنوڻيون، آواز ۽ گجگوڙون ٿيڻ لڳيون، زلزلو آيو ۽ وڏا ڳڙا پيا.


ايتري ۾ ھڪڙو ملائڪ ھيڪل مان نڪري آيو ۽ جيڪو شخص ڪڪر تي ويٺو ھو، تنھن کي وڏي آواز سان چوڻ لڳو تہ ”پنھنجو ڏاٽو ھلائي لابارو ڪر، ڇاڪاڻ⁠تہ زمين جو فصل پچي راس ٿي ويو آھي ۽ لاباري جو وقت اچي ويو آھي.“


پوءِ ھڪڙو ٻيو بہ ملائڪ قربان⁠گاھہ مان نڪتو، جنھن کي باھہ تي اختيار ھو. ھن تکي ڏاٽي واري ملائڪ کي وڏي آواز سان چيو تہ ”پنھنجو تکو ڏاٽو ھلاءِ ۽ زمين جي ڊاک جا ڇڳا گڏ ڪر، ڇالاءِ⁠جو ڊاک بلڪل پچي راس ٿي ويئي آھي.“


پوءِ مون آسمان ۾ ھڪڙو ٻيو وڏو عجيب نشان ڏٺو، يعني ست ملائڪ جن وٽ ست آفتون ھيون. اھي آفتون آخري آھن، ڇالاءِ⁠جو انھن تي خدا جو غضب پورو ٿئي ٿو.


جڏھن ستين ملائڪ پنھنجو پيالو ھوا ۾ ھاريو تہ ھيڪل مان تخت واري پاسي کان ھڪڙو وڏو آواز آيو، جنھن چيو تہ ”پورو ٿيو.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan