Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 13:2 - Common Language New Testament

2 مون جيڪو حيوان ڏٺو سو چيتي جھڙو ھو، پر سندس پير رڇ جھڙا ھئا ۽ وات شينھن جي وات جھڙو ھوس. ازدھا اُن حيوان کي پنھنجي طاقت، تخت ۽ وڏو اختيار ڏنو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 ۽ جيڪو حيوان مون ڏٺو، سو چيتي جهڙو هو، ۽ پير رڇ جي پيرن جهڙا هئس، ۽ وات شينهن جي وات جهڙو هوس؛ ۽ ازدها کيس پنهنجي طاقت، ۽ پنهنجي بادشاهي، ۽ وڏو اختيار ڏنو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

2 مون جيڪو حيوان ڏٺو سو چيتي جهڙو هو، پر سندس پير رڇ جهڙا هئا ۽ وات شينهن جي وات جهڙو هئس. ازدها انهيءَ حيوان کي پنهنجي طاقت، پنهنجو تخت ۽ وڏو اختيار ڏنو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

2 مون جيڪو حيوان ڏٺو سو چيتي جهڙو هو، پر سندس پير رڇ جهڙا هئا ۽ وات شينهن جي وات جهڙو هئس. ازدها انهيءَ حيوان کي پنهنجي طاقت، پنهنجو تخت ۽ وڏو اختيار ڏنو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 13:2
27 Iomraidhean Croise  

پر خداوند منھنجو طرف ورتو ۽ مون کي طاقت بخشيائين، انھيءَ لاءِ تہ منھنجي وسيلي خوشخبريءَ جي منادي پوري ٿئي ۽ سڀ غير قومون ان کي ٻڌن. سو آءٌ شينھن جي وات مان ڇڏايو ويس.


ھوشيار ۽ سجاڳ رھو. اوھان جو دشمن شيطان گجندڙ شينھن وانگر چوڌاري گھمي وجھہ پيو ڳولي تہ ڪنھن کي ڦاڙي کائي.


جڏھن انھيءَ ازدھا ڏٺو تہ کيس زمين تي ڪيرايو ويو آھي، تڏھن ھو انھيءَ عورت کي ستائڻ لڳو جنھن کي پٽ ڄائو ھو.


پوءِ نانگ انھيءَ عورت جي پٺيان پنھنجي وات مان درياءَ وانگر پاڻي وھايو تہ جيئن کيس وھڪري ۾ وھائي ڇڏي.


اھو وڏو ازدھا يعني قديم نانگ، جيڪو ابليس ۽ شيطان بہ سڏبو آھي ۽ جيڪو ساري جھان کي گمراھہ ٿو ڪري، سو زمين تي اڇلايو ويو ۽ سندس ملائڪ بہ ساڻس گڏ ھيٺ اڇلايا ويا.


انھيءَ حيوان پھرين حيوان جي روبرو ان جو سڄو اختيار ٿي ھلايو. ھن زمين ۽ ان جي رھاڪن کان انھيءَ پھرين حيوان جي پوڄا ٿي ڪرائي، جنھن جو موتمار زخم ڇٽي ويو ھو.


ماڻھن ازدھا جي پوڄا ڪئي، ڇاڪاڻ⁠تہ ھن انھيءَ حيوان کي اختيار ڏنو ھو. ھنن حيوان جي بہ پوڄا ڪئي ۽ چيائون تہ ”ھن حيوان جھڙو ڪير آھي ۽ ڪير ھن سان وڙھي ٿو سگھي؟“


ان کان پوءِ پنجين ملائڪ پنھنجو پيالو انھيءَ حيوان جي تخت جي مٿان ھاريو تہ انھيءَ جي بادشاھيءَ ۾ اوندھہ ٿي ويئي ۽ ماڻھو سور سببان پنھنجون زبانون چٻاڙڻ لڳا.


جيڪي ڏھہ سڱ تو ڏٺا سي اُھي ڏھہ بادشاھہ آھن، جن کي اڃا تائين بادشاھي ڪانہ ملي آھي. پر انھيءَ حيوان سان گڏ کين ھڪڙي ڪلاڪ تائين بادشاھن جھڙو اختيار ملندو.


انھيءَ پھرين حيوان ۽ ساڻس گڏ ڪوڙو پيغام ڏيندڙ انھيءَ ٻئي حيوان کي بہ پڪڙيو ويو، جنھن حيوان جي سامھون معجزا ڏيکاريا ھئا. انھن معجزن سان ھن حيوان جو نشان ھڻائڻ وارن ۽ سندس بت جي پوڄا ڪرڻ وارن کي گمراھہ ڪيو ھو. اُھي ٻئي گندرف سان ٻرندڙ باھہ جي ڍنڍ ۾ جيئرا اڇلايا ويا.


مون کي خبر آھي تہ اوھين ڪٿي ٿا رھو، يعني اتي جتي شيطان جو تخت آھي. اوھين منھنجي نالي تي قائم آھيو ۽ اوھان انھن ڏينھن ۾ بہ مون تي ايمان آڻڻ نہ ڇڏيو، جڏھن اوھان منجھان منھنجو وفادار شاھد انتيپاس ان جاءِ تي ماريو ويو جتي شيطان رھي ٿو.


ھُن انھيءَ ازدھا، يعني قديمي نانگ جنھن جا نالا شيطان ۽ ابليس آھن، تنھن کي پڪڙي ھزار سالن لاءِ ٻڌي ڇڏيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan