Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 12:4 - Common Language New Testament

4 انھيءَ جي پڇ آسمان جي تارن جو ٽيون حصو ڇڪي زمين تي ڪيرائي وڌو. ازدھا انھيءَ عورت جي اڳيان وڃي بيھي رھيو، جيڪا ٻار ڄڻڻ تي ھئي تہ جنھن مھل ھوءَ ٻار ڄڻي تہ سندس ٻار کي ڳڙڪائي ڇڏي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 ۽ انهي جي پڇ آسمان جي تارن مان ٽيون حصو ڇڪي زمين تي ڪيرائي وڌو: ۽ جنهن زال کي ٻار ڄمڻ تي هو، تنهن جي اڳيان اهو ازدها وڃي بيهي رهيو، انهي لاءِ تہ جنهن وقت هوءَ ٻار ڄڻي، تنهن وقت سندس ٻار کي ڳڙڪائي وڃي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

4 انهيءَ پنهنجي پڇ سان آڪاش جي تارن جو ٽيون حصو ڇڪي ڌرتيءَ تي ڪيرائي وڌو. پوءِ ازدها ٻار ڄڻيندڙ انهيءَ ناريءَ جي اڳيان وڃي بيهي رهيو، تہ جيئن سندس ٻار کي پيدا ٿيندي ئي ڳڙڪائي ڇڏي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

4 انهيءَ پنهنجي پڇ سان آسمان جي تارن جو ٽيون حصو ڇڪي ڌرتيءَ تي ڪيرائي وڌو. پوءِ ازدها ٻار ڄڻيندڙ انهيءَ عورت جي اڳيان وڃي بيهي رهيو، تہ جيئن سندس ٻار کي پيدا ٿيندي ئي ڳڙڪائي ڇڏي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 12:4
22 Iomraidhean Croise  

اوھين پنھنجي پيءُ يعني شيطان جا فرزند آھيو ۽ پنھنجي پيءُ جون مرضيون پوريون ڪرڻ گھرو ٿا. شروعات کان وٺي ھو خوني ھو ۽ ھن ڪڏھن بہ سچ جو پاسو نہ ورتو آھي، ڇالاءِ⁠جو ھن ۾ سچ نہ آھي. جڏھن ھو ڪوڙ ٿو ڳالھائي تہ پنھنجي طبيعت موجب ٿو ڳالھائي، ڇالاءِ⁠جو ھو ڪوڙو آھي ۽ ڪوڙ جو باني آھي.


ھوشيار ۽ سجاڳ رھو. اوھان جو دشمن شيطان گجندڙ شينھن وانگر چوڌاري گھمي وجھہ پيو ڳولي تہ ڪنھن کي ڦاڙي کائي.


ان کان پوءِ آسمان ۾ جنگ لڳي، ميڪائيل ۽ سندس ملائڪ انھيءَ ازدھا سان وڙھڻ لاءِ نڪتا. ازدھا ۽ سندس ملائڪ بہ انھن سان وڙھيا،


اھو وڏو ازدھا يعني قديم نانگ، جيڪو ابليس ۽ شيطان بہ سڏبو آھي ۽ جيڪو ساري جھان کي گمراھہ ٿو ڪري، سو زمين تي اڇلايو ويو ۽ سندس ملائڪ بہ ساڻس گڏ ھيٺ اڇلايا ويا.


مون جيڪو حيوان ڏٺو سو چيتي جھڙو ھو، پر سندس پير رڇ جھڙا ھئا ۽ وات شينھن جي وات جھڙو ھوس. ازدھا اُن حيوان کي پنھنجي طاقت، تخت ۽ وڏو اختيار ڏنو.


ماڻھن ازدھا جي پوڄا ڪئي، ڇاڪاڻ⁠تہ ھن انھيءَ حيوان کي اختيار ڏنو ھو. ھنن حيوان جي بہ پوڄا ڪئي ۽ چيائون تہ ”ھن حيوان جھڙو ڪير آھي ۽ ڪير ھن سان وڙھي ٿو سگھي؟“


پوءِ مون انھيءَ ازدھا جي وات مان، انھيءَ پھرين حيوان جي وات مان ۽ انھيءَ ڪوڙو پيغام ڏيندڙ ٻئي حيوان جي وات مان ٽي ناپاڪ روح ڏيڏرن جي شڪل ۾ نڪرندي ڏٺا.


اھا عورت جيڪا تو ڏٺي سا اھو وڏو شھر آھي، جيڪو دنيا جي بادشاھن تي حڪومت ٿو ڪري.“


ھُن انھيءَ ازدھا، يعني قديمي نانگ جنھن جا نالا شيطان ۽ ابليس آھن، تنھن کي پڪڙي ھزار سالن لاءِ ٻڌي ڇڏيو.


جڏھن ٽئين ملائڪ توتارو وڄايو تہ ھڪڙو مشعل وانگر ٻرندڙ وڏو تارو آسمان مان دريائن جي ٽئين حصي ۽ پاڻيءَ جي چشمن مٿان ڪري پيو.


انھيءَ تاري جو نالو ”گوماندر“ آھي، جنھن سان پاڻيءَ جو ٽيون حصو ڪڙو ٿي پيو ۽ پاڻي ڪڙي ٿيڻ ڪري ڪيترائي ماڻھو مري ويا.


چوٿين ملائڪ توتارو وڄايو تہ سج، چنڊ ۽ تارن جي ٽئين حصي کي نقصان پھتو، جنھن ڪري انھن جو ٽيون حصو اونداھو ٿي پيو ۽ ڏينھن ۽ رات جو بہ ٽيون حصو اونداھو ٿي پيو.


پھرين ملائڪ توتارو وڄايو تہ رت سان گڏيل ڳڙا ۽ باھہ پيدا ٿي ۽ زمين تي اڇلائي ويئي تہ زمين جو ٽيون حصو ۽ وڻن جو ٽيون حصو ۽ سڀ سائو گاھہ سڙي ويو.


ٻئي ملائڪ توتارو وڄايو تہ ڄڻ باھہ سان ٻرندڙ ھڪڙو وڏو جبل سمنڊ ۾ اڇلايو ويو ۽ سمنڊ جو ٽيون حصو رت ٿي پيو.


سمنڊ جي مخلوق جو ٽيون حصو مري ويو ۽ جھازن جو بہ ٽيون حصو تباھہ ٿي ويو.


انھن جا پڇ ۽ ڏنگ وِڇن جھڙا ھئا ۽ انھن جي پڇن ۾ ماڻھن کي پنجن مھينن تائين ايذاءُ رسائڻ جي طاقت ھئي.


انھن گھوڙن جو زور سندن واتن ۽ پڇن ۾ ھو، ڇالاءِ⁠جو انھن جا پڇ نانگن جھڙا ھئا ۽ انھن پڇن ۾ سسيون بہ ھيون جن سان ھنن ايذاءُ ٿي رسايو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan