Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 12:3 - Common Language New Testament

3 ان سان گڏ آسمان ۾ ھڪڙو ٻيو بہ نشان نظر آيو، يعني ھڪڙو وڏو ڳاڙھو ازدھا، جنھن کي ست مٿا ۽ ڏھہ سڱ ھئا، سندس مٿن تي ست تاج ھئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 ۽ ٻيو بہ هڪڙو نشان آسمان ۾ ڏٺو ويو؛ ۽ ڏسو، هڪڙو وڏو ڳاڙهو ازدها، جنهن کي ست مٿا ۽ ڏهہ سڱ هئا، ۽ سندس مٿن تي ست تاج هئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

3 ان وقت آڪاش ۾ هڪڙو ٻيو نشان نظر آيو، يعني هڪڙو وڏو ڳاڙهو ازدها، جنهن کي ست مٿا ۽ ڏهہ سڱ هئا. سندس مٿن تي ست تاج هئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

3 ان وقت آسمان ۾ هڪڙو ٻيو نشان نظر آيو، يعني هڪڙو وڏو ڳاڙهو ازدها، جنهن کي ست مٿا ۽ ڏهہ سڱ هئا. سندس مٿن تي ست تاج هئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 12:3
27 Iomraidhean Croise  

پوءِ آسمان ۾ ھڪڙو وڏو عجيب نشان ڏسڻ ۾ آيو، يعني ھڪ عورت نظر آئي، جيڪا سج سان ڍڪيل ھئي ۽ چنڊ انھيءَ جي پيرن ھيٺان ھو، ٻارھن تارن جو تاج سندس مٿي تي رکيل ھو.


جڏھن انھيءَ ازدھا ڏٺو تہ کيس زمين تي ڪيرايو ويو آھي، تڏھن ھو انھيءَ عورت کي ستائڻ لڳو جنھن کي پٽ ڄائو ھو.


ازدھا کي عورت تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. تنھنڪري ھو عورت جي باقي اولاد سان جنگ ڪرڻ لاءِ ھليو ويو، يعني انھن سان جيڪي خدا جي حڪمن تي ٿي ھليا ۽ عيسيٰ جي شاھدي ٿي ڏنائون.


انھيءَ جي پڇ آسمان جي تارن جو ٽيون حصو ڇڪي زمين تي ڪيرائي وڌو. ازدھا انھيءَ عورت جي اڳيان وڃي بيھي رھيو، جيڪا ٻار ڄڻڻ تي ھئي تہ جنھن مھل ھوءَ ٻار ڄڻي تہ سندس ٻار کي ڳڙڪائي ڇڏي.


ان کان پوءِ آسمان ۾ جنگ لڳي، ميڪائيل ۽ سندس ملائڪ انھيءَ ازدھا سان وڙھڻ لاءِ نڪتا. ازدھا ۽ سندس ملائڪ بہ انھن سان وڙھيا،


اھو وڏو ازدھا يعني قديم نانگ، جيڪو ابليس ۽ شيطان بہ سڏبو آھي ۽ جيڪو ساري جھان کي گمراھہ ٿو ڪري، سو زمين تي اڇلايو ويو ۽ سندس ملائڪ بہ ساڻس گڏ ھيٺ اڇلايا ويا.


پوءِ مون ھڪڙي حيوان کي سمنڊ مان نڪرندي ڏٺو، جنھن کي ڏھہ سڱ ۽ ست مٿا ھئا. سندس سڱن تي ڏھہ تاج ھئا ۽ سندس مٿن تي ڪفر جا نالا لکيل ھئا.


مون جيڪو حيوان ڏٺو سو چيتي جھڙو ھو، پر سندس پير رڇ جھڙا ھئا ۽ وات شينھن جي وات جھڙو ھوس. ازدھا اُن حيوان کي پنھنجي طاقت، تخت ۽ وڏو اختيار ڏنو.


ماڻھن ازدھا جي پوڄا ڪئي، ڇاڪاڻ⁠تہ ھن انھيءَ حيوان کي اختيار ڏنو ھو. ھنن حيوان جي بہ پوڄا ڪئي ۽ چيائون تہ ”ھن حيوان جھڙو ڪير آھي ۽ ڪير ھن سان وڙھي ٿو سگھي؟“


پوءِ مون آسمان ۾ ھڪڙو ٻيو وڏو عجيب نشان ڏٺو، يعني ست ملائڪ جن وٽ ست آفتون ھيون. اھي آفتون آخري آھن، ڇالاءِ⁠جو انھن تي خدا جو غضب پورو ٿئي ٿو.


پوءِ مون انھيءَ ازدھا جي وات مان، انھيءَ پھرين حيوان جي وات مان ۽ انھيءَ ڪوڙو پيغام ڏيندڙ ٻئي حيوان جي وات مان ٽي ناپاڪ روح ڏيڏرن جي شڪل ۾ نڪرندي ڏٺا.


جيڪي ڏھہ سڱ تو ڏٺا سي اُھي ڏھہ بادشاھہ آھن، جن کي اڃا تائين بادشاھي ڪانہ ملي آھي. پر انھيءَ حيوان سان گڏ کين ھڪڙي ڪلاڪ تائين بادشاھن جھڙو اختيار ملندو.


جيڪو حيوان ۽ سندس ڏھہ سڱ تو ڏٺا، سي انھيءَ ڪسبياڻيءَ کان نفرت ڪندا ۽ کيس برباد ۽ اگھاڙو ڪري ڇڏيندا، سندس گوشت کائي ويندا ۽ کيس باھہ ۾ ساڙي ڇڏيندا.


تنھن تي انھيءَ ملائڪ مون کي چيو تہ ”تون حيران ڇو ٿيو آھين؟ آءٌ تو کي انھيءَ عورت ۽ انھيءَ ستن مٿن ۽ ڏھن سڱن واري حيوان جنھن تي ھوءَ سوار آھي، تن ٻنھي جو راز بيان ڪري ٻڌائيندس.


ھن جون اکيون ڄڻ تہ باھہ جا شعلا آھن ۽ سندس مٿي تي ڪيترائي تاج آھن. ھن تي ھڪڙو نالو لکيل آھي، جيڪو انھيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي.


ھُن انھيءَ ازدھا، يعني قديمي نانگ جنھن جا نالا شيطان ۽ ابليس آھن، تنھن کي پڪڙي ھزار سالن لاءِ ٻڌي ڇڏيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan