Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




مڪاشفو 12:1 - Common Language New Testament

1 پوءِ آسمان ۾ ھڪڙو وڏو عجيب نشان ڏسڻ ۾ آيو، يعني ھڪ عورت نظر آئي، جيڪا سج سان ڍڪيل ھئي ۽ چنڊ انھيءَ جي پيرن ھيٺان ھو، ٻارھن تارن جو تاج سندس مٿي تي رکيل ھو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 ۽ آسمان ۾ هڪڙو وڏو نشان ڏسڻ ۾ آيو؛ هڪڙي زال سج سان ڍڪيل نظر آئي، ۽ چنڊ انهي جي پيرن هيٺ هو، ۽ سندس مٿي تي ٻارهن تارن جو هڪڙو تاج رکيل هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

1 پوءِ آڪاش ۾ هڪڙو وڏو عجيب نشان ڏسڻ ۾ آيو، يعني هڪ ناري نظر آئي، جنهن کي سج چادر جيان ويڙهيل هو، چنڊ انهيءَ جي پيرن هيٺان هو ۽ سندس مٿي تي ٻارهن تارن جو تاج پاتل هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

1 پوءِ آسمان ۾ هڪڙو وڏو عجيب نشان ڏسڻ ۾ آيو، يعني هڪ عورت نظر آئي، جنهن کي سج چادر جيان ويڙهيل هو، چنڊ انهيءَ جي پيرن هيٺان هو ۽ سندس مٿي تي ٻارهن تارن جو تاج پاتل هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




مڪاشفو 12:1
35 Iomraidhean Croise  

پوءِ ڪن شريعت جي عالمن ۽ فريسين ھن کي چيو تہ ”اي استاد! اسان کي ڪو معجزو ڏيکار.“


پوءِ ابن⁠آدم جي نشاني آسمان ۾ ظاھر ٿيندي. تنھن تي دنيا جون سڀيئي قومون روئنديون رڙنديون ۽ ابن⁠آدم کي آسمان جي ڪڪرن تي قدرت ۽ وڏي جلوي سان ايندي ڏسنديون.


تارا آسمان مان ڪرندا ۽ آسماني طاقتون لُڏي وينديون.


وڏا زلزلا ايندا، ڪيترن ئي ھنڌن تي ڏڪار ۽ وبائون پونديون. آسمان مان ھيبتناڪ حادثا ۽ ڳرا نشان ظاھر ٿيندا.


”سج، چنڊ ۽ تارن ۾ نشان ظاھر ٿيندا ۽ زمين تي قومن ۾ سمنڊ جي ڇولين جي گوڙ ڪري خوف ۽ ھراس ڇانئجي ويندو.


گھوٽ اھو آھي جنھن جي ڪنوار آھي. پر گھوٽ جو دوست جيڪو سندس بيٺو ٻُڌي، سو سندس آواز تي ڏاڍو خوش ٿو ٿئي. آءٌ انھيءَ گھوٽ جو دوست آھيان ۽ ھاڻي منھنجي خوشي پوري ٿي آھي.


آءٌ مٿي آسمان ۾ عجب جھڙا ڪم ۽ ھيٺ زمين تي معجزا ڏيکاريندس، جھڙوڪ: رت، باھہ ۽ دونھين جو غبار.


پر خداوند عيسيٰ مسيح کي پوشاڪ وانگر ڍڪيو ۽ جسماني خواھشن جي پورائيءَ لاءِ خيال نہ پچايو.


خدا ماڻھن کي عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ جي ئي وسيلي پاڻ ڏانھن سچار ڪري ٿو. خدا سڀني سان ائين ڪري ٿو جيڪي مسيح تي ايمان آڻين ٿا، توڙي جو اھي يھودي ھجن يا غير يھودي.


مون کي اوھان لاءِ خدا جھڙي غيرت آھي. انھيءَ ڪري ئي مون اوھان کي ھڪڙي مڙس، يعني مسيح سان مڱايو، تہ جيئن اوھان کي پاڪدامن ڪنواريءَ وانگر ھن وٽ حاضر ڪريان.


انھيءَ لاءِ تہ اوھان مان جيترن بہ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿي وڃڻ جي بپتسما ورتي تن مسيح کي پوشاڪ وانگر پھري ڇڏيو.


پر آسماني يروشلم آزاد آھي ۽ اھا اسان جي ماءُ آھي.


پر خدا نہ ڪري جو آءٌ ڪنھن ٻيءَ شيءِ تي فخر ڪريان، سواءِ پنھنجي خداوند عيسيٰ مسيح جي صليب جي. ڇالاءِ⁠جو صليب جي ڪري دنيا منھنجي لاءِ مئل آھي ۽ آءٌ دنيا جي لاءِ.


اھو ھڪڙو وڏو راز آھي. پر آءٌ چوان ٿو تہ انھيءَ راز جو تعلق مسيح ۽ ڪليسيا سان آھي.


اُھي ست تارا جيڪي تو منھنجي ساڄي ھٿ ۾ ڏٺا تن جو ۽ ستن سونن شمعدانن جو راز ھي آھي تہ ست تارا ستن ڪليسيائن جا ملائڪ آھن ۽ ست شمعدان ست ڪليسيائون آھن.“


خدا جو ھيڪل جيڪو آسمان ۾ آھي، سو کوليو ويو ۽ ھيڪل ۾ عھد جي صندوق نظر آئي ۽ پوءِ کنوڻيون، آواز ۽ گجگوڙون ٿيڻ لڳيون، زلزلو آيو ۽ وڏا ڳڙا پيا.


ان سان گڏ آسمان ۾ ھڪڙو ٻيو بہ نشان نظر آيو، يعني ھڪڙو وڏو ڳاڙھو ازدھا، جنھن کي ست مٿا ۽ ڏھہ سڱ ھئا، سندس مٿن تي ست تاج ھئا.


پوءِ مون آسمان ۾ ھڪڙو ٻيو وڏو عجيب نشان ڏٺو، يعني ست ملائڪ جن وٽ ست آفتون ھيون. اھي آفتون آخري آھن، ڇالاءِ⁠جو انھن تي خدا جو غضب پورو ٿئي ٿو.


انھيءَ شھر جي ڀت جا ٻارھن بنياد ھئا، جن تي گھيٽي جي ٻارھن رسولن جا نالا لکيل ھئا.


انھيءَ شھر کي روشنيءَ لاءِ سج يا چنڊ جي ضرورت ڪانہ ھئي، ڇالاءِ⁠جو خدا جو جلوو کيس روشن ٿو ڪري ۽ گھيٽو سندس چراغ آھي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan